تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… احتياطي اپائن تي عمل ڪندي هوٽل ۽ شادي هال کوليا وڃن: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪورونا وائرس واري صورتحال ۾ هوٽل ۽ شادي هال کولڻ گهرجن يا نه؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ايس او پيز تحت هوٽل ۽ شادي هال کوليا وڃن، هن وقت پورهيت بيروزگار ويٺل آهن جن جي گهرن ۾ فاقن واري صورتحال آهي، هونئن به ٽرانسپورٽ ۽ بازارون ته کلي ويون آهن، باقي اسڪول، هوٽل ۽ شادي هال بند رکيا ويا آهن جن کي به احتياطي اپائن تي عمل ڪندي کوليو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي نديم مهر لکيو ته ھن وقت ڪٿي نظر نٿو اچي ته ايس او پيز نالي به ڪا شيءِ موجود آهي، ٽرانسپورٽ هلي رهي آهي مال پڙيون کوليون ويون آهن ڪجهه هنڌن تي هوٽل به هلي رهيا آهن، رڳو اسڪول ۽ شادي هال بند رکيا ويا آهن جن کي به کولڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي. عبدالله جروار لکيو ته هوٽلون ايس او پي تحت کلڻ گهرجن، ٿانون ۽ صفائي تي گهڻي توجهه ڏيڻ گهرجي. ڪيترن ئي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزورن جي روزي روٽي جو به سوال آهي، محمد ملوڪ عباسي لکيو ته ڪورونا جتي هر فرد کي سخت متاثر ڪيو آهي اتي فنڪارن ڊيڪوريشن شادي هال ۾ ڪم ڪندڙن کي پڻ متاثر ڪيو، هاڻي جڏھن لاڪ ڊائون ۾ نرمي کان پوءِ ايس او پيز تي عمل تحت ڪاروبار ٽرانسپورٽر کوليا ويا پر فنڪارن جي محفلن تي ڊيڪوريشن ۽ شادي هالن تي پابندي برقرار رکڻ سمجهه کان ٻاهر آهي انهن کي به کولڻ ڏنو وڃي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته جڏهن ٻيا ڪافي ڪاروبار سرڪاري قائدن تي عمل نه ڪندي به جيئن جو تيئن هلن پيا پوءِ اسان چاهيون ٿا ته ايس او پي تحت شادي هال ۽ هوٽل به کولڻ گهرجن ته جيئن هزارين پورهيت روزگار سان لڳي وڃن احمد شير کوکر لکيو ته ھرھڪ ڪاروبار کليل آھي باقي شادي ھال ۽ ھوٽل وارن ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي. ايس او پيز تحت مشروط طريقي سان کلڻ گھرجن، مهيش ڪمار مهيشوري لکيو ته ماڻهن جي مرڻ ۽ متاثر ٿيڻ جو تقريبن سلسلو اهو ئي آهي. اکيون ٻوٽڻ سان اونداهي ڪو نه ٿيندي آهي پر صرف نظر ايندي آهي سو ٽيسٽون گهٽ ڪري هوٽلون ۽ شادي هال اهو چئي کولجن ته هاڻي ڪورونا هليو ويو آهي، جيڪا انتهائي غلط ۽ غير مناسب قدم هوندو. گهٽ ۾ گهٽ هن سال جي آخر تائين اسڪول ڪاليج، يونيورسٽيون توڙي هوٽل ۽ شادي هال کولڻ کان حڪومت کي پاسو ڪرڻ کپي. مسرور شر لکيو ته ته جنھن حساب سان ٻيو ڪاروبار کليل آهي مارڪيٽس ٽرانسپورٽ ته پوءِ هوٽل ۽ شادي هال به کولڻ گهرجن، رزاق مستوئي لکيو ته سڀ ڪجهه کلي ويو آھي باقي کولڻ جو اعلان رهيل آھي. اسڪول به اجايو بند آھن عيد کانپوءِ اهي به کوليا وڃن، غلام رضا چنا لکيو ته شادي ھال ۽ ھوٽلون ايس او پيز جي تحت کوليون وڃن انھن م صفائي جو بھتر انتظام ڪيو وڃي، هزار خان کوسو لکيو ته بلڪل کلڻ گھرجن پر ايس او پيز تي عمل به ضروري آهي، هوٽل مالڪ، شادي هالن جي مالڪن سان گڏ مزدور پڻ پريشان ۽ بيروزگار آهن. مظفر شبير بوزدار لکيو ته شادي هال ئي بند آهن سي به کلڻ گهرجن باقي هوٽل ته نوي سيڪڙو کليل آهن، فراز مغل لکيو ته سڀ ڪجھ کلي ويو آهي باقي اسڪول بند آهن؟ اهي به کوليا وڃن، صابر بلوچ لکيو ته شادي ھال ۽ ھوٽلن تي تبصرا ڪرڻ وارا يا ته سرڪاري ملازم آهن يا وري پئسي وارا آهن باقي جيڪي خاندان انهيَ ڪم سان وابستگي رکن ٿا اھا تڪليف انهن کان پڇو ته ڪيئن اهي متاثر ٿيا آهن، گلشير سومرو لکيو ته ھوٽل ۽ شادي ھال کولڻ گھرجن ڇوجو انھي ۾ڏھاڙي وارا مزدور ڪم ڪن ٿا، عبدالخالق لکيو ته بلڪل کولڻ گهرجن جيڪڏھن ٻيون انڊسٽريز کليل آھن ته شادي هال ۽ هوٽل به کوليا وڃن، سميع الرحمان شر لکيو ته هوٽل ۽ شادي هال کولڻ گھرجن، خادم گهراڻو لکيو ته ايس او پيز تحت هوٽل ۽ شادي هال کوليا وڃن، هن وقت ڪيترائي غريب مزدور بيروزگار ويٺا آهن انهن جي گهرن ۾ پريشاني واري صورتحال آهي، اياز جمالي لکيو ته روز مرھ جي زندگي معمول تي اچي وئي آھي ته شادي هالن جي مالڪن جو ڪھڙو قصور آھي انھن کي به اجازت ڏني وڃي. ان کانسواءِ سارنگ منير سومرو، نديم مهر، شنڪر باغي، محمد ملوڪ عباسي، ذوالقرنين لنڊ، نوشاد خاصخيلي، احمد شر، غلام رضا چنا، حنيف سومرو، هزار خان، فدا ميراڻي، اياز جمالي، ديدار بلوچ، مظفر بلوچ، گلشير سومرو، عالم جوڻيجو، اياز پتافي، حسن ڀٽو، ميهر علي بهڻ، عاقب نظاماڻي، احسان علي، عبدالرحمان ميمڻ،جاويد سومرو، صفي الله جمالي، جاويد ڄامڙو، معروف سلطاني ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *