تازا ترين
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… آدمشماري ۾ سنڌ جي گهراڻن ۾ ڀاتين جو انگ گهٽ ڏيکارڻ وسيلن تي ڌاڙو هڻڻ آهي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته آدمشماري ۾ سنڌ جي گهراڻن ۾ ڀاتين جو انگ گهٽ ڏيکارڻ جو انڪشاف، خيرپور ۽ قمبر ۾ تعداد سڀ کان گهٽ ظاهر ڪيو ويو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته آدمشماري ۾ سنڌ جي گهراڻن ۾ ڀاتين جو انگ گهٽ ڏيکارڻ سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو هڻڻ برابر آهي، اهڙن نتيجن کي رد ڪريون ٿا ۽ آدمشماري ۾ صحيح انگ اکر پيش ڪيا وڃن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالله جروار لکيو ته جن ضلعن ۾ آدمشماري جو ريشو گهٽ ظاهر ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ بر وقت قدم کنيا وڃن ها. اهڙيون شڪايتون لاڳاپيل آفيسرن کي ڪيون وڃن ها. ته فائدو ٿئي ها. هاڻ ڪنهن قسم جي شڪايت شايد ڪارآمد نه به ٿئي. رحمت الله ميراڻي لکيو ته سنڌ جي آدمشماري گھٽ ڏيکارڻ سنڌ سان سراسر ناانصافي ۽ بدنيتي تي ٻڌل سازش آھي، آبادي جي بنياد تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون وڌنديون آھن ۽ آبادي جي تناسب سان وفاق کان صوبي کي حصو ملندو آھي جن ضلعن جي آبادي گھٽ ظاھر ڪئي وئي آھي انھن ۾ ٻيھر آدمشماري ڪرائي وڃي. سنڌ ۾ ڌارين جي آباد ڪاري تيزي سان وڌي رھي آھي، سنڌين جي آبادي گھٽائي ڏيکارڻ انھن جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ ۽ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ناپاڪ سازش ڪئي پئي وڃي، سرمد ملاح لکيو ته اھو سدائين رواج رائج رھيو آھي ته ھميشه اسان جي سنڌي قوم کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي اسان سان ويساھه گھاتي ڪئي پئي وڃي ھاڻ ائين ٿيڻ گھرجي ته نئين سر نئين آدمشماري ڪئي وڃي ھر ننڍو توڙي وڏو سنڌي ڳڻايو وڃي وس وارن کي اپيل ٿي ڪجي ته سنڌ سان انصافي ختم ڪئي وڃي صحيح انگ اکر ڄاڻايا وڃن، نوشاد خاصخيلي لکيو ته ان کي اسان سنڌين سان دوکي بدنيتي ۽ ناانصافي وارو عمل سمجهون ٿا، سنڌي قوم جي آدمشماري ۽ ڳڻپ جو تعداد گهٽ ڏيکاري سندن حق ۽ فنڊ هڙپ ڪرڻ جي ڪريل ڪوشش ڪئي پئي وڃي، نياز سومرو لکيو ته آدمشماري جا پوري سنڌ جا نتيجا تبديل ڪيا ويا آهن، آدمشماري نتيجن تي اعتراض وارجي چڪا آهن، ھي آدمشماري سنڌ رد ڪري ٿي، ٻيھر غير جانبدار آدمشماري جو مطالبو ڪجي ٿو، اشوڪ سمراٺ لکيو ته سنڌين سان هڪ وڏي سازش ٿي رهي آهي جيڪي اصل نتيجا آهن انهن کي پڌرو ڪيو وڃي، سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي، سنڌ ۽ سنڌين خلاف جيڪي سازشون ٿين پيون اهي روڪيون وڃن، عزير احمد لکيو ته سنڌ سان سدائين ناجائزي ٿيندي رهي آهي، جڏهن ته آدمشماري ٿي آهي ته سنڌ جا انگ اکر گهٽ ظاهر ڪيا ويندا آهن، آدمشماري ۾ سنڌين جا انگ اکر درست ڪيا وڃن، راسومل لکيو ته سنڌ جي ھر شھر توڙي هر ڳوٺ جا نتيجا غلط جاري ڪيا وياآھن ۽ هي نتيجا اسان کي هر گز قبول ناهن، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته سنڌ جي آدم شماري گھٽ ڏيکاري سنڌ خلاف سازش ڪئي پئي وڃي سنڌ جا حق غصب ڪيا پيا وڃن، مثال طور نوڪريون، بجيٽ وغيرهه آدم شماري جي حوالي سان ورھاست ٿيندي آھي آدم شماري گھٽ ڏيکاري سراسر ناانصافي ڪئي پئي وڃي اسان وس وارن کي لاگاپيل کاتي کي خبردار ٿا ڪريو سنڌ جي آدمشماري جا صحيح انگ اکر ظاھر ڪيا وڃن، خادم گهراڻو لکيو ته آدم شماري جيڪا ٿي اها در در وڃي ٿي هئي هر گهر جي ٿي هئي قمبر ۽ خيرپور ۾ ڇو آدم شماري گهراڻن جي گهٽ ٿي ان جا سبب ڳوليا وڃن، عبدالمجيد ملان لکيو ته اھا اسان جي سنڌين جي ڪمزوري آھي باقي رھي ڳالھه آدم شماري جي اسان جي سنڌ جا حڪمرانن جي ڪرپٽ آفيسرن جي ڪري اسان جي آدم شماري گھٽ ڏيڪري وڃي ٿي، يارمحمد هوت لکيو ته ڪنهن شازش تحت سنڌ سان اها به چالاڪي ڪري انگ اکر گهٽايا ويا آھن،اهيو سبب ٿئي سگهي ٿو ته قمبر ۽ خيرپور جا به ڪراچي وانگر انگ اکر گهٽ ڪيا ويا هجن، مهاوير واسو لکيو ته گهٽ آبادي ڏيکارڻ سراسر نا انصافي آهي، جرئت علي چانڊيو لکيو ته اها حڪومت جي نا اهلي آهي، حبيب الله جمالي لکيو ته اها سنڌ حڪومت جي پنهنجي لاپرواهي آهي، ڇو جو سنڌ سان ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ٿي رهيو آهي. عاقب نظاماڻي لکيو ته بس ڇا ڪجي جيڪا حڪومت جي مرضي، مزمل قادري لکيو ته سراسر غلط آھي حقيقي انگ اکر سامھون آندا وڃن، اھا سنڌ سان وڏي ناانصافي آھي،سازش تحت سنڌ جي آبادي گھٽ ڪئي وئي آھي،علي حيدر لکيو ته ڳالھه رڳو خيرپور ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي ناهي ڪراچي جي آبادي 2 ڪروڙ کان مٿي وڃي اڍائي ڪروڙ تي پهتي آهي ۽ 2017 واري ڳڻپ ۾ ان جي آبادي ڏيڍ ڪروڙ جي لڳ ٻڌائي وئي، آهي ته پوري سنڌ سان زيادتي ٿي رهي آهي، قمبر ۽ خيرپور وانگر ٻين ضلعن ۾ به گهراڻن ۾ ڀاتين جو انگ گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. ان کانسواءِ گل حسن شر ۽ عطاءُالرحمان قادري پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *