تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… آدمشماري گهٽ ڏيکارڻ وسيلن تي ڌاڙو قرار: صحيح تڪبنديون ڪري مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ تڪبنديون ملتوي ڪيون ويون آهن جڏهن ته آدمشماري ۾ ڪراچي جي آبادي گهٽ ظاهر ڪئي وئي آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪراچي جي گهٽ آبادي ڏيکارڻ وسيلن تي ڌاڙو هڻڻ جي سازش آهي، جيڪڏهن صحيح آدمشماري نه ٿيندي ته تڪبنديون به صحيح نه ٿينديون، جيڪڏهن تڪبنديون صحيح نه ٿين ته ان جومطلب اهو هوندو ته مڪاني چونڊون به صحيح نه ٿينديو تنهن ڪري آدمشماري جا انگ اکر درست پوءِ تڪبنديون ڪري مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جاويد احمد لکيو ته ڪراچي ۾ صحيح طريقي سان آدمشماري ڪو نه ٿي سنڌ جي حقن تي داڙو هڻي ڪراچي جي آدمشماري ڄاڻي واڻي گهٽ ڏيکاري وئي آهي، صحيح آدمشماري سان صحيح وسيلن جو استعمال ٿي سگهي ٿو ۽ اين ايف سي ايوارڊ جو حصو به وڌيڪ ملندو، اها ڪراچي سان سراسر نا انصافي آهي، ڪراچي ۾ صحيح طريقي سان آدمشماري ٿيندي ته تڪبنديون به صحيح ٿي سگهنديون مڪمل تڪبندين بغير مڪاني اليڪشن جو عمل شفاف نموني سان نه ٿي سگهندو، نوشاد خاصخيلي لکيو ته سنڌ سان ڪا هڪ ڌر (وفاق توڙي وفاقي ادارا وغيره) به چڱائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي مڪمل تڪبندين بغير مڪاني اليڪشن جو عمل شفاف نموني ڪيئن ٿيندو؟ عبدالحفيظ ملاح لکيو ته سنڌ سان سرار سر ناانصافي ٿي رهي آهي هر مسئلي تي سنڌ سان هميشه ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ڪراچي جي سنڌي آدم شماري تمام گهٽ ڏيکاري وئي جڏهن ته ڪراچي ۾ پنجابين جي به آبادي وڌيڪ ظاهر ڪئي وئي آھي، يار محمد هوت لکيو ته حڪومت جون سنڌ سان ناجائزين واري شرع وڌي رهي آھي،سنڌ سان نا انصافي ڪري انگ اکرن جو شمار گهٽايو ويو آھي، سردار غوث بخش ملڪ لکيو ته اھا به سنڌ سان ناانصافي آھي آدمشماري گھٽ ڏيکاري وئي آھي، ان جا صحيح انگ اکر ظاھر ڪيا وڃن، سنڌ حڪومت کي ان معاملي تي آواز اٿارڻ گهرجي، شنڪر باغي لکيو ته موجوده حالتون ئي اھڙيون ناهن جو بلدياتي چونڊون ٿي سگهن يا ڪرائي سگهجن پهرين ڳالھه ته سنڌ کي آدمشماري بابت ئي خدشا آھن ته بلدياتي اليڪشن ۾ سنڌي ماڻھن کي ڪيئن حق ملي سگهندا جيستائين هر ڪم ۾ نيڪ نيتي نه هوندي اوستائين ڪجهه به صحيح نٿو ٿي سگهي، محبتي مڪيش لکيو ته پوري سنڌ سان نا انصافي آهي، آدم شماري گهٽ ڏيکاري وئي آھي جڏهن ته آبادي وڌي رھي آهي پوءِ اها گهٽ ڪيئن ڏيکاري وئي آهي؟ عادل الاهي بخش لکيو ته پوري سنڌ سان نا انصافي ڪندي آدم شماري گهٽ ڏيکاري وئي آھي، راسومل لکيو ته ڪراچي سان نه پر سڄي سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي آھي آدم شماري هجي يا اين ايف سي ايوارڊ يا کڻي ترقياتي منصوبا هجن هر معاملي ۾ نا انصافي ڪئي ٿي وڃي. اويس ملاح لکيو ته سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪري آدم شماري ٻيهر ڪرائي وڃي، خادم گهراڻو لکيو ته جيڪا آدمشماري ٿي ان ۾ ڪراچي جي آبادي گهٽ ٿيڻ حيرت جي ڳالھه آهي آبادي وڌي رهي پوري دنيا جي پوءِ ڪراچي جي ڪيئن گهٽجي وئي، صحيح انگ اکرن بنا نه ته تڪبنديون صحيح ٿينديون نه ڪري چونڊون صحيح هونديون، علي گل دايو لکيو ته سنڌ جي دل ڪراچي ۾ ٻيھر آدمشماري ڪرائي حقيقي انگ اکر سامهون آڻيا وڃن، مسرور شر لکيو ته سنڌ سان سراسر نا انصاف ڪئي پئي وڃي، شبير احمد سهتو لکيو ته هي وڏي چال آھي سنڌين کي اقيليت ۾ تبديل ڪرڻ جي، عتيق الرحمان لاکو لکيو ته ڪراچي جو ڪيس وڙهڻ ۾ سنڌ سرڪار ناڪام ٿي وئي آهي جيڪڏهن سنڌ سرڪار پنهنجي ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته عوام چپ نه نه رهندو، مزمل برڪت قادري لکيو ته بلڪل سنڌ سان تعصب وارو رويو رکيو ويو آھي، سنڌ جي پنھنجي شھر ڪراچي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي انگ اکرن کي پڻ ڦيرايو ويو آھي، سنڌ جي دل ڪراچي ۾ ٻيھر آدمشماري ڪرائي حقيقي انگ اکر سامهون آندا وڃن، خير محمد ڇٽو لکيو ته وفاق ته صفا ھٿ ڌوئي سنڌ جي پويان پئجي ويو آهي، ھاڻي اسان سنڌ وارن کي سڀ اختلاف ھڪ پاسي رکي ڪري ھڪ ٿيئڻو پوندو، شبير جمالي لکيو ته ايم ڪيو ايم جو ڊرامو آھي، سميع الله بلوچ پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، عطاءُالرحمان لکيو ته سنڌ سان ظلم بند ڪري حق ڏنا وڃن، جاويد هڪڙو لکيو ته سنڌ جي آدمشماري غلط ڪئي وئي آهي جنهن جو ڪارڻ اين ايف سي ۾ حصي تي اعتراض آهي، آدمشماري درست ٿيڻ سان ئي حصو وڌيڪ ملندو، سنڌ جي عوام کي پنهنجو حق ڏنو وڃي، گل حسن شر لکيو ته آدمشماري گهٽ ڏيکارڻ سنڌ سان سراسر غلط عمل آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *