تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… آدمشماري جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪري مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته آدمشماري جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو آهي، ڇا مڪاني چونڊون رولڙي جو شڪار ٿينديون، جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومت طرفان آدمشماري ڪرائي وئي پر ان جو نوٽيفيڪيشن جاري نه ڪيو ويو آھي جنھنڪري عام ماڻھن ۾ بيچيني پيدا ٿيل آھي. ڇو ته صوبن جي ضرورتن، ترقياتي ڪمن، نوڪرين، روزگار وغيره جو دارومدار آدمشماريءَ جي انگن اکرن تي ئي ھوندو آھي. آدمشماريءَ سان ئي تڪبنديون ڪيون وينديون آھن، آدمشماري جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ ڪري مڪاني چونڊن جو ڪم به رولڙي جو شڪار آھي لڳي ٿو ته مڪاني چونڊون وقت تي ڪو نه ٿي سگهنديون، عوام مطالبو ڪيو ته جلد آدمشماري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن ته جيئن عوامي ڪم آساني سان ٿي سگهن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالله جروار لکيو ته مڪاني چونڊون پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجن. آدمشماري جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ گهرجي. جتي جتي به رڪاوٽون آهن انهن کي دور ڪرڻ گهرجي. جاويد هڪڙو لکيو ته مڪاني چونڊون وقت تي ٿينديون، آدمشماري جا انگ اکر به نه بدلايا ويندا، قوم ان کان واقف آهي ته پنجاب کي وڌيڪ فائدو ٿيندو ۽ سنڌ کي نقصان ٿيندو پر ڪير ڳالهائي نٿو، نياز سومرو لکيو ته لڳي نه ٿو ته حڪومت ھاءِڪورٽ جي حڪم مطابق چونڊون ڪرائيندي، مڪاني چونڊون پارٽين لاءِ ننڍي وڏي اڳواڻ کي خوش ڪرڻ وارو جنجھٽ ھونديون آهن، اھو جنجھٽ خاص ڪري پ پ ٽن مھينن اندر حل نه ٿي ڪري سگهي، ان ۾ ٿورو وقت لڳندو، تنهن ڪري چونڊون ملتوي ڪرڻ جا بهانا ڳوليندا. شنڪر باغي لکيو ته آدمشماري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري چونڊون ڪرائڻ گهرجن، جڏھن صوبائي توڙي وفاقي سرڪار جي بيڊ گورننس جي ڪري شايد اهي مختلف بهانا ڪري ملتوي ڪرائن، مڪاني چونڊن ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي آئوٽ ٿيڻ جا امڪان آهن،يارمحمد هوت لکيو ته آدمشماري جو نوٽيفيڪيشن جاري ٿيڻ گهرجي مڪاني چونڊون وقت سِر ڪرايون وڃن سنڌ هاءِڪورٽ پنهنجي موقف مطابق بلڪل درست آھي، راسومل لکيو ته مڪاني چونڊون وقت تي ٿيڻ کپن، آدمشماري جو نوٽيفيڪيشن تمام جلد جاري ڪيو وڃي، ايم بي قادري لکيو ته مڪاني چونڊون ضرور ٿينديون، اسان جو مطالبو آھي ته جلد کان جلد آدمشماري جا حقيقي انگ اکر ظاهر ڪيا وڃن ۽ خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ حقيقي انگ اکر سامهون آندا وڃن، خادم گهراڻو لکيو ته آدمشماري جي حساب سان بلاڪ ٺهندا آهن انهن بلاڪن جي آبادي جي حساب سان پولنگ اسٽيشن ٺھنديون آهن جيڪڏهن آدمشماري جو نوٽيفڪيشن نه نڪتو ته بلاڪ نه ٺهندا بلاڪ نه ٺهيا ته مڪاني چونڊون ٿيڻ ناممڪن آهن، هزار خان لکيو ته حڪومت جو فرض آهي ته عوام جي ڀلائي جا ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوششون وٺي پر ھتي ابتو ڪم آهي حڪومتون ھر ڪم پاڻ دير ڪن ٿيون حڪومت کي گھرجي جلد مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن، حبيب الله جمالي لکيو ته مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن، عبدالمجيد لکيو ته ھاڻي مڪاني چونڊن لاءِ نوجوانن کي موقعو ڏنو وڃي، آدمشماري جا نتيجا جلد کان جلد جاري ڪيا وڃن ته جيئن جلد مڪاني چونڊون ٿي سگهن، شبير جمالي لکيو ته ھتي ڪو به ڪم وقت سر نه ٿيندو آھي، جاويد احمد شيخ لکيو ته حڪومت طرفان آدمشماري جي ڳڻپ ڪرائي وئي ان جو نوٽيفيڪيشن جاري نه ڪيو ويو آھي جنھنڪري عام ماڻھن ۾ بيچيني پيدا ٿيل آھي. ڇو ته آدمشماري سان ئي ته صوبن جي ضرورتن، ترقياتي ڪمن، نوڪرين، روزگار وغيره جو دارومدار آدمشماريءَ جي انگن اکرن تي ئي ھوندو آھي. آدمشماريءَ سان ئي تڪبنديون ڪيون وينديون آھن ۽ بلاڪ ٺهندا آھن اڃا تائين آدمشماري جو نوٽيفڪيشن نه نڪتو آھي جنهن جي ڪري مڪاني چونڊن جو ڪم به رولڙي جو شڪار آھي لڳي ٿو ته مڪاني چونڊون وقت تي ڪو نه ٿي سگهنديون، حڪومت کي گهرجي ته جلد آدمشماري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن ته جيئن عوامي ڪم آساني سان ٿي سگهن، گل حسن شر لکيو ته مڪاني چونڊون نه ٿين ته بهتر آهي، ڪهڙا انهن عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪيا هئا جو هاڻي اچي مسئلا حل ڪندا، مهاوير واسو لکيو ته حڪومت کي گھرجي ته مڪاني چونڊون پنھنجي وقت تي ڪرايون وڃن ۽ آدمشماري جو نوٽيفڪيشن به جاري ٿيڻ گھرجي جيئن مڪاني چونڊون وقت تي ٿي سگهن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *