تازا ترين
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

سوال/سروي … اشو آف دي ڊي … برسات ٻوڙي ڇڏيو، فصلن کي نقصان، انتظاميا غائب آهي، واهر ڪئي وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته برسات سبب اوهان جي علائق جي صورتحال ڇا آهي جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته برسات جي ڪري روڊ رستا ٻڏي ويا آهن پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي، برسات جي ڪري بجلي به بند ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فصلن کي پڻ وڏو نقصان پهتو آهي، برسات ۾ انتظاميا جي نا اهلي پڻ ظاهر ٿي وئي آهي، پاڻي نيڪال لاءِ ڪي به انتظام ناهن ڪيا ويا، ڪجهه شهرين پنهنجن علائقن م ٻوڏ جهڙي صورتحال بيان ڪئي ۽ واهر جي اپيل پڻ ڪئي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته ڪراچي ۾ چئن ڪلاڪن جي برسات سرڪاري ادارن جي سڀني دعوائن کي لوڙهي ڇڏيو آھي، پوري ڪراچي سان گڏوگڏ گلستان جوھر به ڪنهن دريا جو منظر پيش ڪري رھيو آھي،گل حسن شر لکيو ته ورڪشاپ ۾ شديد پرسات پئي آهي فصلن کي نقصان پهتو آهي، عطاءُالرحمان لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ هن مهل تائين گهٽ برسات پئي آهي پر اڃا وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، نذير جان لکيو ته جوهي ۾ روڊ رستا ٻڏي ويا آهن، عمران پٺاڻ، هزار خان، ڪريم سنڌي لکيو ته گهوٽڪي ۾ اڃا برسات ناهي ٿي،گهوٽڪي جو بگو واهه سموري شهر جو پاڻي ڪڍي ٿو جيڪو گند سان ڀريل آهي، محمد عرفان لکيو ته روڊن رستن تي پاڻي جمع ٿي ويو آهي حڪومتي ڪوششون به جاري آهن، خاموش خليل شر لکيو ته ڪرونڊي ۾ برسات سبب هر پاسي تلاءُ جو ڏيک آهي، ذوالقرنين لنڊ لکيو ته بلڙي شاھ ڪريم تعلقي ۾ ٽن ڏينهن کان پوندڙ برساتن انتظامي نااهلي جي ڪري تعلقي واسين لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن، مختلف ڳوٺن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، فصل کي نقصان پهتو آهي، برساتن جو سلسلو جاري رهيو ته تعلقي ۾ تباهي اچي سگهي ٿي، ايم معروف لکيو ته نئون دمبالو شھر ۾ مسلسل ٻن ڏينهن کان جاري برسات سبب ڪيترائي گهر ڊهي پيا آهن، روڊ رستا برساتي پاڻي جي ڍنڍ بڻجا ويا آهن،عالم پالاري لکيو ته ڪوھستان ۾ مسلسل برساتن بعد جابلوپٽي مان نيئون ڍورا پاڻي جا وڏا وھڪرا کڻي ڪينجھر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿي رھيا آھن رھواسين جا زميني رابطا ڪٽجي ويا آهن ڪچا رستا برساتن جي پاڻي ۾ لڙھي ويا آھن، هتي لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آهي، انتظاميا غائب آهي، حفيظ ڦلپوٽو لکيو ته ڪراچي لياري ٽائون جا اڪثر علائقا برسات توڙي گٽر نالن جي صفائي نه ٿيڻ ڪري ڀرجي ويا آهن بغدادي يوسي 6 دريا آباد، نيا آباد ،آگراتاج ،کڏا مارڪيٽ سميت پوري لياري ٻڏي وئي آهي، راجا رميش لکيو ته نئون ڪوٽ ۾ 24ڪلاڪن کان ھلندڙ برسات سبب سوين گوٺ توڙي فصل ٻڏي ويا آهن، اظهر لکيو ته ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات 18 ڪلاڪن کان جاري آهي، ميونسپل ڪاميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي پت واکي ٿي وئي آهي، شهر اندر گوڏي جيڏو پاڻي آھي. صفدر چانڊيو لکيو ته ڪنب ۾ هن وقت برسات سبب ناليون ابتيون وهڻ لڳيون آهن، گهٽيون پاڻي ۾ ٻڏل آهن، ڪنب ٽائون چيئرمين صفائي ته پري جي ڳالھه آھي ڪنهن جي فون کڻڻ لاءِ به تيار ناهي، سمير احمد لکيو ته واهي پانڌي ڳوٺ پريو جمالي جا رهواسي راشن جي انتظار ۾آهن اهي متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، ساجد علي راڃپر لکيو ته دوڙ ۾ 2 ڪلاڪن کان برسات جي ڪري صورتحال خراب ٿي وئي آهي، سيف الله پنهور لکيو ته کورواهه ۾ برسات کي 24 ڪلاڪ ٿيڻ وارا آهن، هر پاسي ٻوڏ جو منظر آهي، مڪاني ادارو ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي. نوشاد خاصخيلي لکيو ته اسان جي ڳوٺ مور خاصخيلي ۽ پس گردائي ۾ برسات سبب فصل کي نقصان پهتو آهي، جي ايم چانڊيو، جرئت علي چانڊيو لکيو ته ڪنب شهر ۾ چند منٽن جي برسات سبب سموري شھر جي ڊيم جهڙي صورتحال ڪري ڇڏي آهي، نياز سولنگي لکيو ته ڳوٺ کوڙو شريف ضلعي نوشھروفيروز ۾ تيز برسات جاري آھي، ديدار بلوچ لکيو ته اسان وٽ شڪارپور شهر ۾ في الحال برسات نه ٿي آهي، محبتي مڪيش لکيو ته نئون ڪوٽ ۾ ڪچا گهر ڊهي پيا آهن، روشن داس لکيو ته وڏا مهيسر ۾ ٿوري ٿوري برسات جاري آهي موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، شبير جمالي لکيو ته ڪلاڪ جي برسات نواب شاھ انتظاميا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، خيرمحمد جمالي لکيو ته بکر جمالي ۾ لاڳيتو 8 ڪلاڪن کان برسات جو سلسلو جاري آھي،بجلي پڻ غائب آھي، ھيٺانهين وارا علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، فصلن کي پڻ ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو آھي، غلام شبير سهتاڻي ۽ گل حسن گائنچو لکيو ته صبح کان شام تائين برسات جو سلسلو جاري آهي، بڊو جبل ڀت جبل کيرٿرنيشنل پارڪ ٽڪو باران جھانگارا ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي، سردار غوث بخش ملڪ لکيو ته گھوٽڪي ۾ ھلڪي برسات شروع ٿي وئي آھي، مير حسن شر لکيو ته تعلقو ڏهرڪي ۾ برسات پئي آهي، آصف جوڻيجو لکيو ته عمرڪوٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات آهي، علي گل دايو لکيو ته اسان وٽ پنجو ديرو ۾ ته برسات اڃان ناھي. مهاوير واسو لکيو ته مٺي ۾ لاڳيتو 4 ڏينهن کان برسات هلي رهي آهي، نور احمد پنهيار لکيو ته قاسم آباد ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي، نقاش علي لکيو ته سانگهڙ بابت ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ڇو جو سانگهر هميشه ننڌڻڪو شهر رهيو آهي. بارش کان پوءِ ڪير سار لهڻ وارو ڪونهي، محبوب علي ڪنڀر لکيو ته عمرڪوٽ ۾ گذريل 24ڪلاڪن واري برسات عوام کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، محمد خالد ميمڻ لکيو ته اسان جي شھر ڦل ۾ برسات سبب سڄو شھر گليون گهٽيون اچ وڃ جا رستا پاڻي سان ڀرجي ويا آھن، راجا مهر لکيو ته اڃا تائين برسات ناهي ٿي، عبدالغفار اوڳاهي لکيو ته غوثپور شهر جي آس پاس وارن علائقن ھلڪي ھلڪي برسات جاري رھي، احمد شير کوکر لکيو ته لاکاروڊ تمام بدتر حالت آھي. ان کانسواءِ سرفراز ،عبدالرحمان چانگ، منٺار علي سومرو،مير حسن شر، محمد حامد، مقصود چانڊيو، محمد سليم بجير، رزاق مستوئي ۽ ٻين پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي پڻ برساتن جي حوالي سان پوسٽون شيئر ڪندي شهر جي صورتحال بابت آگاهي ڏني. عمران علي ڀالائي لکيو ته ڄامشوري شھر جو بس ٽرمينل ملوڪاڻي ھوٽل واري پاسو ٻڏي ويو آھي ھتي پل ٺھڻ دوران پاڻي جي نيڪالي حوالي سان ڪا به پلائننگ نه ٿي ھئي، غلام رسول چانڊيو لکيو ته ڄامشورو ۾ شديد بارش پئي آهي، هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي، غريبن جي سار لهڻ گهرجي، ضياءَالرحمان آرائين لکيو ته فيض گنج ۾ به برسات پئي آهي، ايڊووڪيٽ سهيل کوسو لکيو ته ماتي ۾ برسات جي ڪري فصلن کي نقصان پهتو آهي، جنيد آزاد لکيو ته مٺي ۾نيو گڍي ڀٽ تي برساتي پاڻي جي نيڪالي جو جوڳو بندوبست نه ھئڻ جي ڪري 7 کان 8 فٽ جا وڏا کڏا پئجي ويا آھن، موسميات کاتي جي اڳڪٿي مطابق اڃان برسات جو سلسلو ٻه ڏينھن تائين ھلندو جيڪڏھن ائين ٿيو ته نيو گڍي ڀٽ مڪمل طور تباھه ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي، نيو گڍي ڀٽ تفريحي مقام گھٽ پر کنڊرات جا ڏيک وڌيڪ ڏئي رھيو آھي جنهن جو هڪ سبب پلاننگ نه هجڻ ۽ ٻيو ڪارڻ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ آهي. مختيار عباسي تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي قاسم آباد لطيف آباد ٻڏي ويو آهي، انجنيئر جميل قريشي لکيو ته پورو قاسم آباد ٻڏي ويو آهي اڪثر علائقن۾ پاڻي گھرن۾ ڪاھي پيو آهي. بجلي نه ھجن جي ڪري واسا جون پمپنگ مشينون بند آھن جنريٽرن جو تيل وسوارن بلدياتي ادارن وڏيرن جي گھر۾ پيو استعمال ٿئي. عوام پريشان آهي ۽ ضلعي انتظاميا ننڊ پيل آهي.ايوب کوسو لکيو ته ڪالهه کان شروع ٿيندڙ برسات اڃا بند ناهي ٿي جنهن ڪري جهڏي تعلقي ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿي وئي آهي، فصل تباهه ٿي ويا آهن، روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. عطاءُالله راڄپر جي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي تنها سخاوت شيخ لکيو ته پيروسڻ ۾ برسات پئي آهي، خليل شاهاڻي لکيو ته دادو ۾ به منهن اُٺو آهي، زاهد کوسو لکيو ته دادو ۾ ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي، شفيق احمد يوسفاڻي لکيو ته ٽنڊوالهيار ۾ برسات پئي آهي، دلاور حسين جوکيو لکيو ته ڪراچي ۾ شديد برسات پئي آهي، اروند راج پرچاڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ به برسات پئي آهي. رزاق عاصي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بند ڪر برسات يا ڪچا گهر نه ڏئي. گلشن لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سياسي پارٽين جي ڪارڪنن کي ميرپورخاص ۾ اڳيان اچي متاثرن جي واهر ڪرڻ گهرجي. آڪاش ملاح لکيو ته بدين ۾ ايمرجنسي بنيادن تي مدد ڪئي وڃي، حڪمران لاڙ جي ٻڏڻ جو انتظار پيا ڪن. قاضي آصف لکيو ته جيڪي پڪن گهرن ۾ محفوظ آهن اهي سڪر ادا ڪن، جن جي گهرن جون ڇتيون وهي هليون، ڀتيون ڪري پيون يا گهر ڊهي پيا انهن کي نه وسارجو انهن جي سار لڌي وڃي. صالح ميمڻ لکيو ته ماتلي ۾ 8 ڪلاڪن کان برسات جو سلسلو جاري آهي جيڪو وڏي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *