تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

سوات عجائب گھر ۾ رکيل ٻڌستوا پدماپاني اوالوڪتيشورا جو مُجسمو … صراط گوهر

سوات عجائب گهر گنڌارا تهذيب جي حوالي سان هڪ اهم عجائب گهر آهي؛ پاڪستان ۾ گنڌارا تهذيب جا ٻيا عجائب گهر پشاور، هنڊ، چڪدرا ۽ ٽيڪسلا آهن، جڏهن ته لاهور، اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ جي عجائب گهرن ۾ به گنڌارا تهذيب جا منفرد نوادرات نمائش تي رکيل آهن. هي ليک سوات عجائب گهر جي باغ ۾ کليل نمائش تي رکيل ٻُڌستوا پدماپاني‐اوالوڪتيشورا جي مُجسمي تي آهي.هي مُجسمو ڪيئن لڌو ۽ عجائب گهر تائين آيو؟ ۽ ڪهڙي دور جو آهي؟ هن مختصر ڪهاڻيءَ ۾ مُجسمي جي وضاحت سان گڏ، وڌيڪ، ٻڌستوا پدماپاني‐اوالوڪتيشورا جي شخصيت تي به غور ڪيو ويو آهي. پر، ان کان پهرين، سوات عجائب گهر بابت ٻڌائيندو هلان.سوات عجائب گهر سن1959ع ۾ رياستِ سوات جي والي حڪومتِ پاڪستان ۽ اٽيلين آرڪيالاجيڪل مشن جي مدد سان پنهنجي ذاتي ثقافتي مواد جي مجموعي ۽ اٽيلين آرڪيالاجيڪل مشن جي ڪمن جي نتيجي ۾ هٿ آيل نوادرات جي نمائش لاءِ ٺهرايو هو‐ ڪجهھ وقت کان پوءِ عجائب گهر کي وڌيڪ ڪشادو ڪري ٻيهر تعمير ڪيو ويو جنهن جي افتتاحي تقريب سن1963ع ۾ ٿي، تقريب ۾ رياستِ سوات جو والي، پاڪستان جو صدر ايوب خان،اٽيلين آرڪيالاجيڪل مشن جو باني پروفيسر جسيپي توچي ۽ اٽليءَ جا ٻيا سفير ۽ پاڪستاني آرڪيالاجي کاتي جو اڳوڻو ڊاريڪٽر ايف.اي. خان ۽ ٻيا موجود هئا.عجائب گهر جي عمارت جو نقشو اٽليءَ جي آرڪيٽيڪٽ (معمار) ويٽونيو ڪارڊي تيار ڪيو هو؛ عمارت جي بحالي جو ڪم مختلف وقتن ۾ هلندو رهيو آهي، سن1992ع ۾ جاپاني حڪومت عمارت جي مرمت ڪئي. وڌيڪ، سن2005ع واري زلزلي ۽ سن2008ع بم ڌماڪي، جيڪو طالبانن ڪرايو هو، ۾ عمارت کي وڏو نقصان پهتو. سن2011ع ۾ آرڪيالاجي ڪميونٽي‐ٽوئرزم فيلڊ اسڪول جي منصوبي ۾ عجائب گهر جي اڏاوٽ ۽ بحالي وارو ڪم شامل هو ۽ عمارت جو نئون منصوبو اٽليءَ جي معمارن ايوانو مراٽي ۽ ڪينڊيڊا وسالو تيار ڪيو. نئي عمارت سٽيل ۽ سيمينٽ سان ٺاهي وئي آهي؛ سن2018ع ۾ عمارت جو تعميراتي ڪم مڪمل ٿيو ۽ عجائب گهر سياحن لاءِ کوليو ويو.
عجائب گهر جي باغ ۾ کُليل نمائش تي ٻه مُجسما رکيل آهن: هڪ، سنگِ مرمر جي وڏي پٿر تيپدماسانا حالت ۾ ٻن شينهن جي پٺ تي پيل تخت تي ويٺل گوتم ٻُڌ جو آهي جنهن جي کاٻي پاسي ۾ ٻڌستوا اوالوڪتيشورا ۽ ساڄي پاسي ۾ ٻڌستوا وجراپاني آهن ۽ ٻيو، پدماپاني‐اوالوڪتيشورا جو آهي. ٻئي مُجسما سوات جي اُگد واديءَ جي علائقي شکوڙئي (هاڻوڪي جهان آباد) مان اٽليءَ جي آرڪيالاجسٽن ۽ پروفيسر رفيع الله خان لڌا هئا. ماهرن کي اهي مُجسما ڀڳل حالت ۾ مليا؛ ٻڌايو ويو آهي ته جهان آباد واري علائقي ۾ واقع ٻڌمت جي نشانن (مُجسما، اسٽوپا وغيره) کي طالبانن سن2007ع ۽ سن2009ع ۾ بمن جا ڌماڪا ڪري نقصان پهچايو هو. ماضيءَ ۾ طالبانن سوات جي قديم آثارن، خاص ڪري ٻڌمت ۽ هندومت، کي وڏي پيماني تي نقصان پهچايو. طالبانن عجائب گهر ۽ جهان آباد ۾ ٻڌمت جي آثارن کان علاوه سن2001ع ۾ بريڪوٽ جي ٽڪريءَ تي اٺين عيسوي صدي جي قديم هندو مندر کي به بم ڌماڪو ڪري تباهه ڪيو.شکوڙئي، جيڪو قديم تاريخي دور جي وڏن مُجسمن ۽ ڪُتبن جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو، درياءِ سوات جي کاٻي پاسي ۾ آهي. پروفيسر توچيءَ جو مڃڻ آهي ته هن جاءِ تي ٻڌ مذهب جو ادڀت اسٽوپا، جنهن جو ذڪر چيني (تاريخي)ذريعن ۾ ملي ٿو، واقع آهي؛ وڌيڪ، گوتم ٻڌ جو مشهور مُجسمو ”جهان آباد ٻڌ“ به انهيءَ علائقي ۾ آهي. شکُوڙئي مان هٿ آيل سنگِ مرمر جو پٿر جنهن تي پدماپانيءَ جي شڪل اُڪريل آهي ڏاڍي خراب حالت ۾، ٽٽل ڀڳل، مليو. پدماپانيءَ جي ان مجسمي کي سن2009ع ۾ طالبانن بم ڌماڪو ڪري ڀڳو هيو. اٽيلين آرڪيالاجيڪل مشن جي ٽيم سن2015ع ۾ پٿر جا ٽوٽا ڳوليا جن کي ماهرن مئي 2018ع ۾3ڊي سڪين ڪيو ۽ جوڙيو. اهو ڪم سوات عجائب گهر جي ڪيوريٽر فيض الرحمان صاحب جي مدد سان فيبيو ڪولمبو، جسيپي سليمي، ڊنيلو روزاٽي اٽيلين آرڪيالاجيڪل مشن جي ماهرن (ريسٽورر) اختر منير، علي خان، شفيق احمد، يوسف خان ۽ نيڪ محمد سان گڏجي مڪمل ڪيو.انهن جي ڪمجي سرپرستي ”اُڌيانا ڪلچرل ٽريول ايسوسي ايشن“ ڪئي.
پٿر تي چِٽيل مجسمي ۾ ٻڌستوا پدماپاني کي ڪنول گُل جي پنن جي ٺهيل اُوچي تخت تي سوچ ۾ گم ويٺل ڏيکاريو ويو آهي. هن مجسمي ۾ پدماپانيءَ کي ڪنن ۾ جهمڪا، ڳچيءَ ۾ ننڍڙو هار، ٻانهن ۾ ڪنگڻ، چيلهه ۾ پٽو ۽ مٿي تي تاج پاتل آهي، ۽ کاٻي ٻانهن وٽ ڪنول گُل چِٽيل آهي. پدماپاني جي مٿي جي تاج جي وچ ۾ هڪ شڪل ٺهيل آهي (منهنجي نظر ۾ اها صورت اميتاڀ ٻڌ جي آهي ‐ پدماپاني، ٻڌ ڌرم مطابق، اميتاڀ ٻڌ جو روپ آهي ۽ ان جي صورت پدماپانيءَ جي تاج تي ٺهيل هوندي آهي).پدماپاني ٻڌمت مذهب جي اهم ٻڌستوائن مان هڪ آهي. ٻڌستوا پدماپانيءَ کي اوالوڪتيشورا به ڪوٺيو ويندو آهي. ٻڌمت ۾ ٻڌستوا اهو شخص آهي جيڪو ٻڌ ٿيڻ جي سفر ۾ هجي ۽ باشعور مخلوق کي دنيا جي تڪليفن ۽ مشڪلاتن مان ڇٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پنهنجي ٻڌ ٿيڻ ۾ دير ڪندو اچي. ان لحاظ کان، پدماپاني جي ٻُڌ ڌرم ۾ وڏي حيثيت آهي ۽ ان کي ٻڌمت جي هر جماعت تسليم ڪري ٿي. پدماپانيءَ جو ڪم گوتم ٻڌ جي وڃڻ (مهاپري نِروانا) کان پوءِ ۽ ٻڌستوا ميتريا جي اچڻ تائين هن دنيا جي حفاظت ڪرڻ آهي. سندس مُجسما ٻنهي مرد ۽ عورت جي روپ ۾ملن ٿا.
سوات عجائب گهر ۾ کُليل نمائش تي رکيل ٻڌستوا پدماپاني‐اوالوڪتيشورا جو مجسمو سوات جي تاريخ جو هڪ اهم ثبوت آهي ۽ سياحن جي نگاهن جو مرڪز بڻيل آهي.ان جي قديم ۽ همعصر ماضيءَ جي تاريخ گذريل وقت ۾ سوات ۾ پيش آيل واقعن کي ظاهر ڪري ٿي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *