تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سوئٽزلينڊ ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا … ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

سوئٽزلينڊ دنيا جو خوبصورت ترين ملڪ آهي، هي ملڪ دنيا ۾ بينڪن جي ڪري به مشهور آهي، جتي سڀ کان وڌيڪ پيسو ٻاهرين ملڪ جي ماڻهن جو رکيل آهي. هي ملڪ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ چاڪليٽ ٺاهيندڙ توڙي واپرائيندڙ ۽ ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ به آهي. سوئٽزليند جو پراڻو نالو هيلويشا به آهي، هي واحد ملڪ آهي جنهن جو جهندو اسڪوائر شيپ ۾ آهي. هن ملڪ ۾ ٽيچنگ جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ پگھارون ڏنيون وڃن ٿيون. ريڊ ڪراس جو بنياد وجهندڙ هينري ڊونٽ جو تعلق به هن ملڪ سان آهي، جنهن امن جو پهريون نوبل انعام حاصل ڪيو هو. دنيا جون سٺيون واچون ٺاهيندڙ ملڪ به آهي، جن ۾ روليڪس ڪمپني به شامل آهي. ورلڊ وائيڊ ويبسائيٽ www ٺاهڻ جو ڪريڊٽ به هن ملڪ ڏانهن وڃي ٿو، جو هن ملڪ جي ڪمپيوٽر سائنٽسٽ ٽم برنرس لي سڀ کان پهرين 1989ع ۾ ٺاهي. نيس ڪيفي ڪافي به هن ملڪ جي آهي. هن ملڪ جي ايراضي 41300 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي، سوئٽزرلينڊ جي سرڪاري زبانون سوئس جرمن، فرينچ، اٽالين ۽ رونمش آهي، سوئٽزلينڊ هن وقت تائين 28 دفعا نوبل انعام کٽي چڪو آهي، جنهن ۾ 1901 ۽ 1902 جا پهريان امن بابت نوبل انعام ۽ 2019 جو فزڪس بابت نوبل انعام به شامل آهن، اهم ڳالهه ته سوئٽزليند جا وڌ ۾ وڌ نوبل انعام ميڊيسن جي ڪيٽيگري ۾ آهن، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته دوائن ٺاهڻ جي حوالي سان هي ملڪ ڪافي اڳڀرو آهي. البته ادب ۾ صرف ٻه دفعا نوبل انعام کٽيو اٿن، جن ۾ هڪ انعام جرمن ڄائي ناولسٽ هرمن هيس جنهن جو جڳ مشهور ڪتاب سڌارتا آهي ۽ ٻيو شاعر ڪارل اسپٽلر شامل آهن. ياد رهي ته جڳ مشهور سائنسدان البرٽ آئنسٽائين به سوئٽزلينڊ ۾ نه صرف تعليم حاصل ڪئي آهي پر هتان جي شهريت به رکندڙ هو ۽ کيس 1921ع ۾ جيڪو نوبل پرائز مليو. ان وقت هو سوئٽزلينڊ جو شهري هو. سندس مشهور نظريو E=MC2به هن ملڪ ۾ ئي ڏنائين. هن ملڪ ۾ مشهور ڪاميڊين چارلي چيپلن به پنهنجي حياتي جا آخري 25 سال گذاريا. دنيا جو خوبصورت ۽ امن وارو ملڪ هجڻ ڪري تقريباَ دنيا جي هر نئين شادي شده جوڙي جو هني مون ڪرڻ لاءِ خواب هي ملڪ هوندو آهي. ياد رهي ته انڊين فلمن جي به سڀ کان وڌيڪ شوٽنگ هن ملڪ ۾ ئي ڪئي ويندي آهي. سوئٽزلينڊ ۾ عام ماڻهن کي هٿ ملائي ڀلي ڪار ڪيو وڃي ٿو، پر ويجهن دوستن، مٽن مائٽن ۾ 3 دفعا ڳٽن تي چمي ڏيڻ جو به رواج آهي، ٽي دفعا چمي ڏيڻ مان مطلب آهي. Kiss me, I am swiss and swiss are great nation.
سوئٽزلينڊ جا ڪجهه پهاڪا ۽ چوڻيون
غريبن وٽ ته کوٽ رهي ٿي پر لالچي ماڻهو وٽ ان کان به وڌيڪ کوٽ رهي ٿي. انهن ماڻهن کان پري رهو جيڪي ماني ۽ ٻارن کي پسند نٿا ڪن. ڳالهائڻ چاندي آهي ۽ خاموشي سون آهي. شادي ڍڪيل ٿانو جيان آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ گوشت جو ٽڪرو زبان آهي. ٻاهر ڏسندڙ صرف خواب ڏسندو آهي، جڏهن ته اندر ۾ ڏسندڙ جاڳي پوندو آهي.
سوئٽزلينڊ ۾ يونيورسٽيون
سوئٽزلينڊ ۾ يونيورسٽيون ٻن ڪيٽيگريز ۾ ورهايل آهن، جن ۾ T1 ڪيٽيگري ۾ 12 يونيورسٽيون آهن، جڏهن ته 12 يونيورسٽيز اپلائيڊ سائنس ڪيٽيگري ۾ شامل آهن. سوئٽزلينڊ جي T1 يونيورسٽين ۾ 50 سيڪڙو جي قريب انٽرنيشنل پروفيسر آهن، جڏهن ته اپلائيڊ يونيورسٽين ۾ 20 سيڪڙو پرڏيهي پروفيسر آهن.مجموعي طور تي 25 سيڪڙو جي قريب بين الاقوامي شاگرد هتان جي يونيورسٽي ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. سوئٽزلينڊ ۾ بنيادي تعليم پرائڻ کان پوءِ 33 سيڪڙو شاگرد اعلي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺن ٿا، جڏهن ته باقي شاگردن جي اڪثريت ووڪيشنل ايجوڪيشن حاصل ڪن ٿا، عموماَ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام انگريزي ٻولي ۾ ڪرايا وڃن ٿا، باقي بيچلر ڊگري پروگرام مقامي زبانن ۾ ڪرايا وڃن ٿا. سوئٽزلينڊ ۾ تعليم ۽ ريسرچ بابت اسٽيٽ سيڪريٽريٽ فارايجوڪيشن، ريسرچ ۽ انوويشنSERI)(ذميوارآهي،جنهن جي ويب سائيٽ آهي https://www.sbfi.admin.ch/sbfi/de/home/bfi-politik/bfi-2021-2024.html. هن ويب سائيٽ تان يونيورسٽين ۽ اسڪالرشپ بابت وڌيڪ لنڪس ڏنل اهن.
ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ ۾ شامل يونيورسٽيون
ڪيو ايس ورلڊ رينڪنگ 2019 مطابق سوئٽزلينڊ جو 09 يونيورسٽيون عالمي ريڪنگ ۾ شامل آهن جن ۾ ETH Zuric-Swiss Federal Institute of Technology 7 نمبر تي، EcolePolytechniqueFederale de Lausanne Lausanne 22 نمبر تي، يونيورسٽي آف زيورڪ 78 ، يونيورسٽي آف جنيوا 108، يونيورسٽي آف برن 139، يونيورسٽي آفLausanne 149 نمبر تي، يونيورسٽي آف Basel 160 نمبر تي شامل آهن.
ٽيوشن فيس
بيچلر ۽ ماسٽرس ڊگري پروگرامن لاءِ جنرل يونيورسٽين ۾ايوريج ٽيوشن فيس 400 کان 3700 يورو تائين آهي، جڏهن ته ڪجهه پي ايڇ ڊي پروگرام ۾ 100 کان 900 يورو سالياني فيس ٿي سگھي ٿي. البته پرائيوٽ يونيورسٽين 43000 تائين به ساليانو ٽيوشن فيس آهي. انڪري ڪوشش ڪري پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ گھرجي.
سوئٽزرلينڊ ۾ رهائش جو خرچ پکو
سوئٽزلينڊ جا ٻه شهر خاص طور زيورڪ ۽ جنيوا دنيا جا مهانگا ترين شهر سمجهيا وڃن ٿا.. انهن ۾ ماهوار هڪ هزار سوئس فرينڪ خرچ اچي وڃن ٿا. سوئٽزلينڊ ۾ شاگردن کي هفتي ۾ 15 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي به اجازت آهي. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ پرڏيهي شاگرد کي وڌيڪ 6 مهينا ڪم يا نوڪري ڪرڻ جي اجازت هجي ٿي.
اسڪالرشپس ۽ فنڊنگ
Swiss Government Excellence Scholarships for Foreign Scholars and Artists هر سال سوئٽزلينڊ طرفان دنيا جي 180 ملڪن سان بين الاقوامي ڀائيچاري ۽ ريسرچ ۾ اڳڀرائي لاءِ گڏيل مٽاسٽا جي پروگرام تحت اسڪالرشپس آفر ڪيون وڃن ٿيون. اسڪالرشپ ڏيڻ جو فيصلو ايف سي ايس The Federal Commission for Scholarships for Foreign Students (FCS). جي طرفان ڪيو ويندو آهي. اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ اميدوار جو پروفائيل، سندس پروپوزل ۽ گڏيل فائدو ڏٺو ويندو آهي. هي اسڪالرشپس بابت آگسٽ مهيني ۾ اعلان ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته درخواست ۽ پروپوزل جمع ڪرائڻ جي لاءِ سيپٽمبر جي مهيني تائين وقت هوندو آهي. جڏهن ته سليڪشن جو اعلان مئي مهيني ۾ ڪيو ويندو آهي. ۽ ڪلاس ايندڙ سال سيپٽمبر کان شروع ڪيا ويندا آهن. ائين سمجهو ته هڪ سال جو پورو لڳي وڃي ٿو.هن اسڪالرشپ جا ٻه قسم آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا. ويب سائيٽ هي آهي. https://www.sbfi.admin.ch/sbfi/en/home/education/scholarships-and-grants/swiss-government-excellence-scholarships.html
يا وري https://www.sbfi.admin.ch/sbfi/en/home/education/scholarships-and-grants.html تي تفصيل ڏنل آهن.
ريسرچ اسڪالرشپ
هي اسڪالرشپ سوئٽزلينڊ حڪومت طرفان پي ايڇ ڊي ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ لاءِ ايندڙ شاگردن لاءِ آهي. جنهن لاءِ ماسٽرس جي ڊگري هجڻ لازمي آهي.
آرٽس اسڪالرشپس
هي اسڪالرشپ آرٽس سان لاڳاپيل شعبن ۾ ڏنيون وڃن ٿيون. آرٽس جي شعبي ۾ ماسٽرس پروگرام لاءِ به اسڪالرشپس ڏنيون وڃن ٿيون. سوئٽزلينڊ گورنمينٽ کان علاوه هر يونيورسٽي طرفان الڳ سان به مختلف پراجيڪٽس تحت اسڪالرشپون ڏنيون وينديون آهن، جنهن لاءِ يونيورسٽين جي ويب سائٽ تي رجوع ڪرڻ گھرجي ۽ ڪنهن پروفيسر سان رابطو ڪري به سندس وٽ ڪنهن ريسرچ پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪري سگھجي ٿو.
ويزا ۽ اميگريشن جو طريقيڪار
سوئٽزلينڊ جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ جي سفارتخاني ۾ ويزا لاءِ درخواست ڏيئي سگھجي ٿي. شاگردن لاءِ ويزا ٻن قسمن جي آهي، جنهن ۾ ٽن مهنين کان گھٽ ڪورس لاءِ C ٽائيپ ويزا ۽ D ٽائيپ ويزا گھڻي عرصي لاءِ هجي ٿي. ڊي ٽائيپ ويزا ٿي سگھي ٿو سڄي ڪورس لاءِ هجي. ويزا لاءِ چار مهينا پهرين درخواست ڏيڻ گھرجي. ويزا لاءِ گھربل ڪاغذات هن طرح آهن. درخواست فارم ڊي ٽائيپ، چار تصويرون، داخلا فارم، فيس چالان، اسڪالرشپ ليٽر يا هڪ سال جي خرچ لاءِ 20 هزار سوئس فرينڪ جي بينڪ اسٽيٽمينٽ، موٽيويشن ليٽر، سي وي وغيره شامل آهن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *