تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

سنڌ ۾ مزدور ڪيئن ڀوڳي ٿو؟ … رام اوڏ

سنڌ ۾ غير منظم شعبن ۽ ٻنين ۾ هارين ۽ مزدورن، گهريلو پورهيت عورتن کان ڏينهن رات گهٽ ۾ گهٽ اُجرت يا مفت تي وڌ ۾ وڌ ڪم ورتو وڃي ٿو. هاري به وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ظلم ۽ بربريت جو شڪار آهن. هارين جا فصل ڦٻائڻ ۽ بچت کان محروم ڪرڻ لاءِ انتقامي ڪاروايون ڪري کين لڏايو وڃي ٿو. هارين ۽ پورهيتن جو استحصال ته ڪيو وڃي ٿو، پر گناھه جو خوف به ڏنو وڃي ٿو. جيڪو سرمايي جي جبر ۽ ڀوڳنا جو شڪار آهي، اهو ڪهڙو ڏوهاري آهي؟ مزدورن کي، مذهب، مسلڪ، علائقي، ٻولي ۽ سياسي نظرين جي بنياد تي ورهايو ويو آهي. ورهايو ۽ راڄ ڪيو جو مَتو متل آهي.
مزدور رات جو ٽرڪون لوڊ ڪري ٿو ته رات دير تائين تغاريون کڻي عمارتون ۽ روڊ ٺاهي ٿو. ڪراچي ۾ ڪپڙي جي گارمينٽس جو مثال وٺو، جتي مزدور ڏينهن رات ڪپڙو سبن ٿا پر پوءِ به مشڪل سان گذارو ٿئي ٿو. انهن مزدورن جي ڏهاڙي جي ڪمائي، مهانگائي اڳيان ناڪافي آهي. ڏينهن رات ڪم ڪرڻ باوجود به پورهيت جون بنيادي ضرورتون پوريون نٿيون ٿين. مزدور جي زندگي فيڪٽري يا ٻي ڪم جي جاءِ تي هونئن به ڏکي آهي، پر انهن جي رهائش به آزارن سان آراسته آهي. جتي رڳو قبضا گيري ۽ ڦُرلٽ جو جهان هجي اُتي مزدور جي زندگي ڏينهن به ڏينهن تنگ ٿيندي پئي وڃي. هتي مزدورن جا گهر اڪثر ڪري ڪچين آبادين ۾ آهن. جتي ڊرينيج سسٽم يا ته بيڪار آهي يا بنهه آهي ئي ڪونهي. گندگي جا ڍير ۽ مڇرن جا آزار آهن. ٻوڏ يا ڪنهن ٻي آفت ۾ اِهي پورهيت ماڻهو دربدر ٿي وڃن ٿا.
غير رسمي شعبي جي مزدور جا پل ۽ پھر درد جي طوفان ۾ گذرن ٿا. انهن کي محنت جي بدلي مناسب معاوضو به نٿو ملي. ھو بک ۽ بيمارين جي زد ۾ رھي ڏاڍي ڏکي زندگي گذارين ٿا. ڪيڏو نه ڀيانڪ منظر آھي جو مزدور جو ٻار مارڪيٽ ۾ شيون وڪڻي جيون بسر ڪري ٿو. مزدور ۽ ان جي ٻار کي غير انساني حالتن ۾ جيئڻو پوي ٿو. سنڌ ۾ 15 هزار کان مٿي بٺن ۾ 30 لک مزدورن جي حالت ڏسي چئي سگهجي ٿو ته جبري پورهئي جي اها شڪل نه رڳو هڪ فرد، پر پوري خاندان کي ذهني ۽ جسماني طور مفلوج ڪري رهي آهي. ڪاڙهن ۽ گرمين ۾ پيشگي عيوض ڪم ڪندڙ اهي پورهيت ٻارن ۽ عورتن سميت 300 روپيه ڏهاڙي به ناهن ڪمائي سگهندا. غلامي جي اها شڪل سرمائيداراڻي نظام جي هڪ بدترين جهلڪ آهي، جيڪا بٺا مزدورن جي رت، ست ۽ وقت تي سندن سرير ۽ سُرت کي سِرن جيان ساڙي رهي آهي. اٺ ڪلاڪ جي ڪم وارو اصول به اسان وٽ الوپ ٿي چڪو آهي. بٺي جو مزدور, جنھن ۾ مرد, عورتون ۽ ٻار آھن, جيڪي نھٽڻ اس ۽ سخت گرمي ۾ مٽي کڻن ٿا, سرون ٺاھن ٿا ۽ کوري جي باھ ويجھو سرون پچائين ٿا. بٺي جو مالڪ ۽ ٺيڪيدار انهن مظلومن جي پورھئي تي پيٽ جي ڊيگھه ۽ ويڪر وڌائي ٿا. پورھيت جا ٻار بکيا ۽ اڃيا رھي جيئن ٿا ۽ تعليم پرائڻ کان به رھجي وڃن ٿا. بٺن جا مزدور هڪ ٺيڪيدار يا بٺا مالڪ کان ٻي ڏانهن وڪرو ڪيا وڃن ٿا. ملڪ جي ٻه لک جي لڳ ڀڳ بٺن ۾ پنجاھه لک مزدور شديد گرمي ۽ سردي ۾ سرون ٺاهين ۽ پچائين ٿا. اُجرت ۽ وقت جي پابندي ڪونهي. پيشگي عيوض غلام بڻائي کين بدترين زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. غلامداري جو ماحول جوڙي، انهن کان انسان جيئن جيئڻ جو حق به کسيو ويو آهي. ڪم به اسر ويلي کان رات ٿيڻ تائين ڪن ٿا، مزدورن جا ٻار ۽ عورتون به بٺي جو ٻارڻ ٿين ٿا. ٺيڪيدار پورهتن کي پنج سئو ۾ هڪ هزار يا وڌ سرون ٺاهڻ جي مزدوري ادا ڪري ٿو، ۽ اڳتي هڪ هزار سرون پنج هزارن کان مٿي اگھ تي وڪڻي ٿو. ( ان ڏس ۾ ٺيڪيداري نظام خلاف قانونسازي ٿيڻ ۽ ڏهاڙي اُجرت جو قانون عمل ۾ آڻڻ گهرجن.) بورجوا حڪمران طبقو پورهيت مٿان ٺيڪيداري نظام مسلط ڪري، مقروض رکي سندس جيئڻ جا دڳ سوڙها ڪري رهيو آهي.
اڄ سرمايه دارن جي هٻڇ جي ڪري مزدور ڏکيو جيون گهارين ٿا. ملن، فيڪٽرين ۽ بٺن ۾ غير انساني حالتون آهن. 2012ع ۾ بلديه سانحي ۾ ٻه سئو سٺ مزدور شهيد ٿيا. نومبر 2016ع تي گڊاني شپ بريڪنگ شپ يارڊ کي باھ لڳڻ سبب اوڻٽيھ مزدور شهيد ٿيا: اهڙا واقعا وقت به وقت ٿيندا رهن ٿا، ڪوئلي جي کاڻين ۾ مزدورن جي فوت ٿيڻ جا واقعا گهڻا ٿيا آهن. مزدورن کي گدلي ماحول ۾ ٻارنهن چوڏهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوي ٿو. صنعتن ۾ ساھ ۽ چمڙي جي بيمارين مان وٺجي مزدور مري وڃن ٿا. سنڌ ۾ هارين ۽ پورهيتن جي تنظيم سازي وقت جي اهم ضرورت آهي. سنڌ ۾ هاري ۽ مزدور ئي انقلاب جي هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هارين ۽ مزدورن جي جدوجهد ئي هن استحصال پسند سماج کي تبديل ڪري انقلاب برپا ڪري سگهي ٿي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *