تازا ترين
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا … نصيرمنگي

قبيلائي جهيڙا سنڌ ڌرتي لاءِ ناسور جي صورت اختيار ڪري چڪا آھن، قبيلائي جهيڙا 1980ع کان سنڌ ڌرتي خاص ڪري اتر سنڌ جي شهرن جهڙوڪ سکر، شڪارپور، گهوٽڪي، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد ۾ وڌيڪ تيزي سان وڌيا اچو ته ان ڳالھه کي ڏسون ته جيڪي قبيلائي جهيڙا هلي رهيا آھن انهن جا بنيادي سبب ڪهڙا آھن، ڇا انهن سببن ڪري قبيلائي جهيڙا ڪري سگهجن ٿا، يا انهن کي درگزر ڪري سگهجي ٿو، اصل ۾ اهي جهيڙا جن سببن ڪري ٿين ٿا، انهن ۾ ڪارو ڪاري، چور جو چوري دوران قتل ٿيڻ، پراڻي دشمني جو پلاند ۽ چوپايو مال جي ڀيل تان، زمين جي ورهاست تان اهي آھن اڄ جي قبيلائي جهيڙن جا بنيادي سبب منهنجي خيال ۾ تمام گهٽ تعصب پرستي، انا پرستي هجڻ ڪري ائين ٿيڻ ممڪن ٿئي ٿو ٻئي صورت ۾ انهن سببن کي رد ڪري سگهجي ٿو ۽ پاڻ ۾ معمولي ميڙاڪو ڪوٺائي انهن کي حل ڪري سگهجي ٿو، ٻيو سوال اهو آھي ته آخر اهي جهيڙا ڇوٿا وڌن ۽ حل طرف ڇونٿاوڃن، انهن جي وڌڻ ۽ حل نه ٿيڻ لاءِ ايترو چوندس ته ترجا سردار توڙي چڱا مڙس مقدم رئيس وڏيرا پنهنجي پنهنجي ڪمن ڪارن ۾ ايترا ته مصروف آھن جو انهن کان حل ٿيڻ جو وقت نٿو نڪري سگهي ٿورو ٿورو ٿيندي اهي جهيڙا وڃي قبيلائي جهيڙن جو رخ اختيار ڪن ٿا وري جي انهن ڳالھين جي ٻئي رخ تي نظر وجهنداسون ته عجيب لڳندو جيڪڏهن ڪنهن وڏيري کي ڪا اليڪشن لڙڻي آھي ته پوءِ فوري طور جهيڙن جون تاريخون مقرر ٿي وينديون، جرڳا شروع ٿي ويندا. ووٽ وٺڻ ۽ اليڪشن کٽڻ لاءِ جرڳا ٿي سگهن ٿا باقي قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ وقت نٿو ملي.
اڪثر ڪري ڏٺو ويو آھي ته هڪ بيروزگار ۽ ٻيو اهي جهيڙا جن هتان جي نوجوانن کي ايترو ته گهيري ۾ ورتو آھي جو اهي مسلسل ان مصيبت ۾ رهڻ ڪري ڏوهن واري پاسي هليا وڃن ٿا ۽ اڳتي هلي هر طرح جي ڏوهن ۾ مبتلا ٿين ٿا، جيڪو اڳتي وڃي غلط رستي تي وڃڻ لاءِ تيار ڪري ٿو جنهن ڪري زندگي برباد ٿيو وڃي جيڪڏھن سنجيدگي سان ان معاملي کي ڏسون ته جهيڙن جي فيصلي لاءِ صرف هڪ ڏينهن گهربل آھي پر عجيب ستم ظرفي اها آھي جو اسان کان هڪ ڏينهن برداشت نٿو ٿئي. جيڪڏهن سڀ گڏ ٿي انهن جهيڙن کي نبيري انساني قتل عام کي روڪيو وڃي جيڪو هتان جي اميرن لاءِ بلڪل معمولي عمل آھي، ڪڏھن ڪڏھن سوچيندو آھيان ته انهن جهيڙن کي ڀوڳيندڙ ماڻھن کي اها ڳالھه سمجهھ ۾ ڇو نٿي اچي ته سالن جا سال انهن جهيڙن کي جاري رکڻ سان کين ڪيترو نه جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو ڀينرن کان ڀائر، ونين کان ور، مائرن کان اولاد ۽ ڀائرن کان ڀائر جدا ٿيو ٿا وڃن ۽ معصوم ٻارن جي تعليم تباھه ٿيو وڃي نتيجي ۾ اهي ھٿ ۾ قلم بدران ھٿيار ٿا کڻن ٻين مٿان ڇا پر انهن کي پنهنجي مٿان به رحم نٿو اچي.جهيڙي جي حالت ۾ ھڪ ڌر وارا ٻئي ڌر وارن کي شڪاري جيان ڳوليندا ٿا وتن ۽ ملي وڃڻ جي صورت ۾ انهن کي ايترو ته بيدردي سان قتل ٿا ڪن جو ايتري بيدردي سان ڪاسائي به جانورن کي ذبع نٿاڪن اسانجي سنڌ جيڪا پيار محبت ادب ۽ احترام جي ڌرتي سمجهي ويندي هئي ۽ مهمان نوازي واري ڌرتي طور ساري جڳ ۾ مشھور هئي هاڻي پوري ملڪ ۾ اسانجي قبيلائي جهيڙن جا چرچا آھن، اسان اهڙي دهشتگردي ڪري مشھور ٿي چڪا آھيون جيڪو ٻين لاءِ نه پر پنهجن لاءِ دھشت ڦهلائڻ وارو ماڻھو آھي انهي عمل سان جهيڙيندڙ ڌرين جا ماڻھو موت ۽ دشمن جي حملي جي خوف ۾ رهن ٿا سندن ننڊون حرام ٿيو وڃن هڪ ٻئي پٺيان شڪاري جيان ڊوڙندا ٿا وتن انهن جي پنهنجي ۽ ٻارن ٻچن جون زندگيون برباد ٿيون وڃن اهي هڪ خانه بدوش واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن انهن جا گهر خالي زمينون ويران ۽ پاڻ دربدر ٿيو وڃن سدائين مٿي تي موت جو خوف رهندو آھي،
مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته اهي جهيڙا سالن جا سال هلندا رهن ٿا انهي جهيڙن ۾ قاتل ماڻھو عام صورت ۾ ڪو به ڌنڌو نٿا ڪري سگهن، ان ڪري پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ کين غيرقانوني رستو اختيار ڪرڻو پئي ٿو اڪثر ڪري جهيڙن ۾ قاتل ماڻھو ڏوھن طرف راغب ٿيندا آھن آخر ۾ جڏھن جهيڙا ختم ٿيندا آهن ته هو پڪا ڏوهاري ٿي چڪا هوندا آهن، هڪ پهلو ٻيو به آھي ته آخر انهن قبيلائي جهيڙن ۾ پوليس جو ڪهڙو ڪردار آھي ۽ ڪهڙو ڪردار هجڻ گهرجي، ڏٺو ويو آھي ته پوليس ڪنهن به طرح انهن معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ يا ان جي سرچاءُ جي حوالي سان ڪابه ڪوشش نٿي ڪري ايتري تائين جو شھر ۾ ڪو عام ماڻھو ٻئي کي ڦوڙ ھڻندو ته موبائيل اچي در تي بيهندي، هتي خونن مٿان خون پيا ٿيندا ڪنهن کي وٺڻ ته ڇا پر انهن طرف وڃڻ به گوارا نه ڪندي، هي رڳو خانه پوري ڪرڻ جي فڪر ۾ ھوندي آھي، ٿيئڻ ته ائين گهرجي ته فوري طور انهن جهيڙن ۾ قتل ڪندڙ ماڻھن کي گرفتار ڪري ان جهيڙي کي اتي ئي ختم ڪيو وڃي پر شايد اهو عمل پوليس لاءِ ناممڪن آھي تنهن ڪري ان قتل عام کي روڪي نٿو سگهجي ۽ ان ۾ شامل ماڻھو قانون جي پڪڙ ۾ نٿا اچن ٿوري وقت بعد وري اهي خوني جهيڙا ڪر کڻن ٿا ۽ قتل مٿان قتل ٿيندو پيو وڃي، انهن قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي قوم پرست سياستدانن کي اڳتي اچڻ گهرجي سندن اهو اخلاقي فرض ٿئي ٿو ته اڳتي اچي سنڌ ۽ سنڌين کي ان ٿيندڙ جهيڙن مان نجات ڏيارين ۽ پوري سنڌي قوم کي ٻڌي ايڪي ڏانهن راضي ڪن ته جيئن حڪمران سنڌ جي حقن کي غضب نه ڪري سگهن جي اها حالت رهي ته خدا ڄاڻي اڳتي سنڌ ڌرتي جو ڇا ٿيندو خدارا سنڌ تي رحم کائو هن کي تباھه ۽ برباد ٿيڻ کان بچايو ۽ ھتان جي ماڻھن کي ڇڙ وڇڙ ٿيڻ کان روڪيو نه ته تاريخ توهانکي ڪڏھن به ماف نه ڪندي ۽ توهانجو ذڪر ڪن چڱن لفظن ۾ ڪون ڪيو ويندو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *