تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

سنڌ ۾ انتها پسندي کي ختم ڪرڻ جي ضرورت! … ورثا پيرزادو

پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ
ته نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نڪا ڪيچين ڪاڻ
پنهون ٿيس پاڻ، سسئيءُ تان سور ٿيا
(شاهه)
مذهبي انتها پسندي ۽ جنونيت ماڻهن کي ايترو ڊيڄاري ڇڏيو آهي جو هاڻي ڇو؟ ڇا؟ ڪيئن؟ جهڙا سوال پڇڻ کان به ماڻهو ڪيٻائين ٿا مذهبن جي ارتقا جي حوالي سان مختلف ليکڪن مختلف راءِ ڏني آهي مان هتي سائين جي ايم سيد جي ڪتاب “سنڌو جي ساڃاهه” مان ورتل شين کي سامهون رکي پنهنجي راءِ رکڻ چاهيندس.ڪتاب مطابق دنيا جي سڀني مذهبن ۾ امن، پيار محبت جو سبق ڏنل آهي ۽ اهوئي ڪارڻ آهي جو ماڻهو مذهبن تي يقين رکن ٿا يا پوئلڳي ڪن ٿا، تاريخ جي حوالي سان اسان شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل، رومي ۽ روحل فقير جي ڪلامن جو مطالعو ڪريون ته ڪجهه ڄاڻ ملندي. دراويدين ۾ تري مورتي،آرين ۾ دوئي ۽ ان کان پوءِ جيڪو نسل آيو انهن ۾ وحدت جو عقيدو آيو. درويشن جي ڪلامن ۾ ان دور جي مذهبي رجحان جو پتو پوي ٿو.اسان وٽ گذريل دور ۾ انتها پسندي نه هئي.عرب ۾ بدوي ۽ جاهل ماڻهو شروع کان جنگ ۽ وڙهن کي ترجيح ڏيندا هئا پر سنڌ جي تهذيب مختلف هئي.اسان جي سنڌ تي عربن حملا ڪري پنهنجي روايتن ۽ تهذيب کي پکيڙيو. عربن جي خصلت آهي ته هو وڙهي شي کسين . سنڌ جا اصل رهاڪو مذهبن کان وڌيڪ انسانيت کي اهميت ڏيڻ وارا هئا.هاڻي ته انتها پسندي ايتري وڌي وئي آهي جو ان حوالي سان بحث ۽ مباحثو به نٿو ڪري سگھجي ڇو جو سوال ڪرڻ تي ڪفر جي فتويٰ لڳي وڃي ٿي ۽ ماڻهو قانون کي هٿ ۾ کڻن ٿا.
ڪعبي وڃن ڪيئن ڪاپڙي، جي عام کان آجا ٿيا،
ڪعبو اچي تن وٽ هلي، جي سر سمجهي سرها ٿيا
مون مذهب اسلام جو جيترو مطالعو ڪيو آهي ته ان مان خبر پئي آهي اسلام بنيادي طور تي امن ۽ سلامتي جو مذهب آهي.جهاد جو رواج اڳ ان لاءِ هو جو جنگين ذريعي ملڪ فتح ڪيا ويندا هئا پر هن دور ۾ ان روايت کي برقرار نٿو رکي سگھجي جيئن ته هاڻي حملا ڪري ملڪن تي قبضا ڪرڻ مناسب ناهي.هن دور جي تقاضا سياست آهي جيڪا مذهب کان ڌار رهي ڪجي ته بهتر ٿيندي نه ته خراب ٿيندي.ٻيو وري هاڻي صرف تبليغ ذريعي مذهب کي پکيڙي سگھجي ٿو.معنيٰ دليل ڏئي پنهنجي ڳالهه کي ثابت ڪري ٻي مذهب جي ماڻهو کي قائل ڪري سگھون ٿا. سنڌ ۾ شروع کان وٺي انتها پسندي نه هئي.اسان جا درويش فقير اسان کي محبت، امن ۽ پيار جو پيغام ڏئي ويا آهن.هيٺ سٽون ان جو ثبوت آهي:
هڪ هندو ٻيا مسلمان،ٽيون وچ وڌايو وير
انڌن اندهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير
روحل راهه پرينءَ جي، گھمين ڏٺوسين گھير
ته رب مڙني ۾ هيڪڙو، تنهن ۾ ڦند نه ڦير
سا ڪاڏي ڪندي پير، جا ستي ڪعبي وچ ۾!
سنڌ شروع کان سيڪيولر آهي پر هتي به لڏي آيل مسلمانن انتها پسندي جو ٻج پوکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هاڻي اهو چوندي افسوس ٿيندو آهي ته سنڌ ۾ انتها پسندي پکڙجي پئي وقت سر ان جو خاتمو عمل ۾ نه آيو ته وڏو نقصان ٿي سگھي ٿو.تاريخ جي ڪجهه واقعن سان سنڌجي سيڪيولرزم بابت ٻڌائيندي هلان ته راجا ڏاهر واري دور ۾ امام حسين جي خاندان تي ٿيندڙ ظلم وقت کين دعوت ڏني ته سنڌ ۾ اچي پناهه وٺن . هتي کين تحفظ فراهم ڪيو ويندو. (سنڌو جي ساڃاهه مطابق راجا ڏاهر 5 هجري ۾ تخت نشين ٿيو ۽ امامن تي 6 هجري ۾ ظلم ٿيو) راجا ڏاهر جو بهادر سپهه سالار ڄام نظام الدين مسلمان هو.ان جو مطلب اهو ته مذهب جي فرق کان هٽي ڪري انسانن سان سلوڪ ڪيو ويندو هو يعني برابري جي بنياد تي حق ڏنا ويندا هئا.اسان جي نصاب ۾ راجا ڏاهر کي ظالم بادشاهه طور پيش ڪيو ويو آهي.جنهن نوجوانن جي سوچ تي گهرو اثر ڪيو آهي پر سنڌ هميشه کان سيڪيولر رهي آهي.
وحدت مان ڪثرت ٿي ، ڪثرت وحدت ڪل
حق حقيقي هيڪڙو ، ٻوليءَ ٻي ۾ ڀل
هو هلاچو هل، بلله سندو سڄڻين!
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ۾ ٻاهرين/ ڌارين جي اثر سبب انتها پسندي وڌندي پئي وڃي ۽ ڪجهه ڳالهائڻ کان اڳ سو دفعا سوچڻو پوي ٿو ته ڪٿي ڪفر جو فتوو نه لڳي.انتها پسندي جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته پڙهيل لکيل طبقو سامهون اچي ۽ نوجوانن کي دليلن سان سبق پڙهائي ته جيئن منجمند ذهن کولجن ۽ سوچڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي.جيئن ته پڙهڻ جو رجحان گھٽ ٿي ويو آهي ته ان بابت به نوجوانن کي سمجهائڻ گھرجي . نصاب کان علاوه به ڪتاب پڙهيا وڃن ان سان پراڻي دور وانگر هن دور ۾ به عالم،فاضل ۽ دانشمند ماڻهو پيدا ٿيندا ۽ پنهنجي ڌرتي لاءِ مثبت ڪم ڪري آئنده نسل لاءِ مثال قائم ڪندا.
سرتيون! سڄي سڃ، متان ڪا مون سين هلي
پاڻي ناهي پنڌ گھڻو، اڳيان رائو رڃ،
متان مري ڪا اڃ، ڏئي پاراتو پنهل کي!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *