تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سنڌ جي ميلن ۾ رقص ڪندڙ ناچو ڇوڪرا … صبا حسين/ترجمو منصور نثار

“گهر ٻار ڇڏي ڏنا، طوائفون ڇڏي ڏنيون، هن خوبصورت ڇوڪرن ته تباهي مچائي ڇڏي آهي” ٽهڪ ڏئي هن پنهنجي ڳالهه جاري رکي “عاشق مجبور آ، پوءِ ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هجي” ناچن جي پنڊال ۾ غلام اڪبر کي انٽرويو ڏيندي هو ٻڌائي رهيو هو ته آئون پرڻيل آهيان ۽ 6 ٻار به آهن پر ڇا ڪريان، هنن منهنجي اندر ۾ باهه لڳائي ڇڏي آهي، انٽرويو ڏيڻ مهل هڪ ناچو ڇوڪرو هن جي هنج ۾ ويٺو هو، اوهان ضرور سوچي رهيا هوندا ته ناچو ڪنهن کي چوندا آهن ناچو ڇوڪرو ڇا هوندو آهي؟ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي لاباري دوران ميلن جي موسم به شروع ٿي ويندي آهي، ميلن جو پهريون مرحلو هالاڻي شهر ضلعي نوشرو فيروز ۾ پير لڪياري شاهه جي مزار جي ويجهو شروع ٿيندو راڻي پور کان ويندي سيوهڻ، ڀٽ شاهه ۾ وڏن وڏن ميلن ۾ تبديل ٿيندو قاضي احمد، نوابشاهه، دادو، هالا، ۽ حيدرآباد جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن کان ٿيندو بدين جي ڪنهن ڳوٺ ۾ پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو آهي، سنڌ وانگر باقي صوبن ۾ به ڪڻڪ جي لاباري جي موقعي تي ميلن جي صورت ۾ ڪنهن نه ڪنهن قسم جو جشن ملهايو ويندو آهي، پر سنڌ جي ميلن جو هڪ رخ اهڙو آهي جيڪو ان کي باقي علائقن جي ميلن کان بلڪل منفرد ڪري ٿو ۽ اهو آهي ناچو ڇوڪرن وارو رخ.
ناچو سنڌي ٻولي ۾ ناچ ڪندڙ کي چيو ويندو آهي، رقص يا ڊانس ڪندڙ کي چيو ويندو آهي، ناچو ڇوڪرا اصل ۾ نابالغ هوندا آهن جن کي پيرن ۾ڇيرون ٻڌي ڪري ميلن ۾ نچڻ لاءِ تيار ڪري آندو ويندو آهي، اها ڳالهه اتي ئي دنگ نٿي ٿئي پر سنڌ جا اهي معصوم ٻار جنسي پيشي لاءِ به استعمال ڪيا ويندا آهن، ٽيهه کان چاليهه هزار عيوض خريد ڪيل اهي ٻار ماهوار چار هزار رپيا پنهنجي گهر موڪليندا آهن. انهن ميلن ۾ ٻن قسمن جي جسم فروشي ٿيندي آهي، پهرين قسم جي عورتن ۽ ننڍين ڇوڪرين جي هجي ٿي جن جو معاوضو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي، ٻيو قسم آهي انهن ننڍي عمر جي ڇوڪرن جو، عورتن ۽ ڇوڪرين جي مقابلي ۾ انهن جو ملهه گهٽ هوندو آهي، مقامي ماڻهن جو اڪثر اهو خيال آهي ته انهن ميلن جي ٺيڪيدارن جو اڪثر پنجاب سان تعلق هوندو آهي، هتي اڪثر ان قسم جا ڪم ڪندڙ غيرمقامي هوندا آهن، جيتوڻيڪ ناچو ڇوڪرن ۽ انهن جي ٺيڪيدارن جو تعلق سنڌ سان ئي هوندو آهي، شايد هي اهو ئي معاملو آهي جيڪو سنڌ جي ميلن کي ئي نه پر جسم فروشي جي روايت کي به باقي علائقن کان الڳ ظاهر ڪري ٿو، باقي علائقن ۾ ٻارن جو جنسي استحصال ڪرڻ وارا واقعا ٿيندا آهن پر سنڌ ۾ اهو باقائده هڪ پيشي جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي
ان ڳالهه جو هڪ اندازو هن موسيقي مان به لڳائي سگهجي ٿو جنهن ۾ به اهڙي قسم جي ٻارن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ماسٽر منظور جي هڪ گيت جا ٻول ڪجهه ان طرح آهن ته صورت جهڙي به هجي، چاهي اهو ڏسڻ ۾ خوبصورت ڀلي نه هجي، بس ان ۾ صبر هجڻ گهرجي چاهي پوءِ اهو ننڍو ٻار ئي ڇو نه هجي، اڪثر طور چيو ويندو آهي ته ڇوڪرن واري شوق جي روايت افغانستان کان هتي آئي آهي، صرف سنڌ ۾ ئي نه پر هاڻي ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ٻارن سان جنسي استحصال جهڙا واقعا ميڊيا جي خبرن جي زينت بڻجندا رهن ٿا پر مدرسن ۽ اسڪولن ۽ گهرن ۾ به ٻارن سان جنسي تشدد جو وڏو ڪارڻ ٽي وي ۽ انٽرنيٽ کي پڻ قرار ڏنو وڃي ٿو پر جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته وفاقي سطح تي ننڍي عمر جي شادين خلاف بل جي حيثيت ئي ڏسي وٺو، 2019ع ۾ وفاقي پارليامينٽ مان ننڍي عمر واري شادي خلاف بل اهو چئي رد ڪيو ويو ته اهو اسان جي روايتن جي برعڪس آهي، ان بل جي مخالفت مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته اسان جي نظر ۾ ٻارن جو جنسي استحصال ڪرڻ ڪو ڏوهه ناهي ۽ ان کي پنهنجي روايت مڃي هر ڀيري ثابت ڪجي ٿو ته اسان جو ضمير ان تي مطمئن آهي.
ڪجهه ڏينهن پهريان لاهور جي هڪ اسڪول جي شاگردن سوشل ويب سائيٽس تي آواز اٿاريو ته اسڪول اندر انهن سان غلط سلوڪ ڪيو پيو وڃي جنهن بعد سوشل ميڊيا تي جنسي حراساني جي نالي تي احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو ويو، پر ان مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته اسان ٻارن سان ٿيندڙ جنسي استحصال جي حوالي سان حساس نه آهيون، جنسي حراسان تڏهن ٿيندي آهي جڏهن متاثر شخص هڪ بالغ انسان هجي جيئن ته اسڪولن ۾ ٻارن جي عمر 18 سالن کان گهٽ هوندي آهي ۽ اهو عمل جنسي حراساني جي زمري ۾ نٿو اچي پر ٻارن سان جنسي استحصال جي زمري ۾ ايندو آهي.
حساسيت جي سطح بلند هجي يا نه پر سوشل ويب سائيٽس جو ضرور ڀلو ٿئي جتي بنا دير تبصرن جي باهه پکڙجي وڃي ٿي، مون کي خبر ناهي ته سوشل نيٽ ورڪنگ جو فائدو ۽ نقصان ڇا آهي پر ايترو پتو ضرور آهي ته سوشل نيٽ ورڪنگ ٻارن کي ايترو با اختيار بڻائي ڇڏيو آهي ته اهي پنهنجا مسئلا پنهنجي وڏن کي سمجهائي سگهن ٿا. (ڊي ڊبليو جي ٿورن سان)

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *