تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن جو سودو

ڀنڊار ٻيٽ ڪراچي شھر کان ھڪ ڪلاڪ جي فاصلي تي سنڌي سمنڊ اندر ھڪ جزيرو آھي. ڏنگي ۽ ڀنڊار جزيرن جي ڪُل پکيڙ 12000 ايڪڙ آھي. 2006ع ۾ ارباب رحيم جي وڏ وزارت دوران پورٽ قاسم اٿارٽي اھي جزيرا ملڪ رياض کي وڪڻي ڏنا جنھن ھڪ اماراتي ڪمپني سان گڏ ھڪ نئون شھر اڏڻ لاءِ خريد ڪيا. سنڌ جي سياسي تنظيمن جي شديد احتجاج کان پوءِ اھا سازش رڪجي وئي. ستر جي ڏھاڪي ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي پورٽ قاسم کي ڪم ڪار لاءِ سنڌ جي زمين ليز ڪري ڏني پر ان سان گڏ پورٽ قاسم اٿارٽي سنڌ جي انھن سامونڊي ٻيٽن تي به قبضو ڪيو جن جي وٽن ڪا به لکت موجود ڪونھي. پورٽ قاسم اٿارٽي ڪجهه وقت اڳ ليز ٿيل زمين به تجارتي مقصدن لاءِ وڪڻي چڪي آھي. ڪجهه ڏينهن اڳ وزير اعظم عمران خان بيان ڏنو ته وفاقي حڪومت ڀنڊار ٻيٽ تي نئون شھر تعمير ڪندي. پيپلز پارٽي جي خاموشي اھو ثابت پئي ڪري ته اهي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن جو به سودو ڪري چڪا آھن جن ۾ منوڙو، بابا ڀٽ ۽ ڏنگي ڀنڊار ٻيٽ به شامل آھن.( برڪت نوناري جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *