تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سنڌ جي دبئي ۾ بي پهچ وڏيرا…امين ارباب

حيدرآباد جي اُترين حصي ۾ محمد بن قاسم جي نالي سان منسوب قاسم آباد جنهن جي اﷲ بخش مگسي ۽ ناليواري فلم اسٽار شاهنواز گھمن کان پوءِ جڏهن ڪراچي جي ڪاٺياواڙي بلڊر اڏاوت ڪندي ڪجھه ڪالونيون ٺاهيون ئي پئي ته لنڊن واري ڀائي جان کيس اهو چئي ڪالونين جا ڪم بند ڪرائي ڇڏيا هئا ته هو حيدرآباد ۾ سنڌين جو هڪ ٻيو حيدرآباد قطعي ٺهڻ نه ڏيندو. سنڌي قوم پرست پارٽين پاران سنڌي ماڻهن کي قاسم آباد ۾ آباد ڪرڻ ۽ ايم ڪيو ايم پاران قاسم آباد ۾ سنڌين کي آباد ٿيڻ کان روڪڻ جي ويڙهاند ۾ جڏهن قاسم آباد ڪراچي جي لياري جي صورت اختيار ڪرڻ لڳو ته ڪراچي جي بلڊر سميت سڀني بلڊرن، واپارين، ڊاڪٽرن ۽ مال ڪمائو ڪامورن قاسم آباد ۾ رهڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ واري ڏانءُ کي سمجهي به ورتو ۽ لنڊن واري ڀائي جان سميت سنڌ جي سمورن قومپرست اڳواڻن سان بلڊر مافيا ماهوار معاملا طئي ڪري ورتا ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي قاسم آباد حيدرآباد جي ڇاتيءَ تي ائين اڀري کڻي اڳيان آيو جيئن سنڌ جي سرموڙ شاعر شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي سان منسوب ڪيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاران ذاتي شوق سان باقاعده شهري رٿا بندي تحت اڏيل شاھه لطيف آباد سالن لاڪون حيدرآباد جي نقشي تي اڀريل ئي پيو نظر اچي.
حيدرآباد ۾ لطيف آباد جو نعم البدل قاسم آباد اُهو سنڌين جو ذاتي نئون ۽ نج علائقو هو جيڪو جڙي ٺهي راس ٿيندي ئي اُجاڙ جي عمل جو نشانو بڻيو، هن وقت قاسم آباد جي سول سوسائٽي سالن کان اقتدار ۾ ويٺل پيپلزپارٽي تي آڱريون کنيون آهن ته پيپلزپارٽي به پاڻ تان بار لاهڻ لاءِ وضاحت به ڪئي آهي ته هن علائقي کي نظر انداز ڪرڻ ۾ پيپلزپارٽي نه پر ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ناظم ڪنور نويد جميل جو ئي هٿ هو جنهن تعصب جي بنياد تي قاسم آباد بجاءِ رڳو لطيف آباد ۾ ئي ترقياتي ڪم ڪرايا پر انهيءَ دليل کي هن علائقي جا رهواسي اهو چئي هيئن بحث هيٺ آڻيندا اچن ته ايم ڪيو ايم تي ميار پيپلزپارٽي جي ٺهي نٿي جو اهي ٻئي پارٽيون ڪافي وقت کان هڪٻئي کان رسنديون ۽ پرچنديون رهيون آهن پر سوال اهو به آهي ته پيپلزپارٽي گذريل 12 سالن کان سنڌ ۾ اڇي ۽ ڪاري جي مالڪ آهي ته پوءِ کيس ڪنهن روڪيو آهي ته هو سنڌ جي دبئي يعني قاسم آباد ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي بنيادي مسئلا حل نه ڪرائي.
قاسم آباد جو مک دروازو پل جي نالي ۾ بند ڪيو ويو، پيپلزپارٽي ۽ قوم پرست پارٽين جا مک ليڊر جيڪي اڪثر قاسم آباد ۾ ڪٽنب سميت رهن ٿا اکر ڪونه ڪڇو، ڪروڙين روپين جون واڌو واھ تي بي تُڪيون پُلون جن تي اڃان تائين ٽريفڪ هلڻ لاءِ تيار ئي ناهي، ٺاهيون پئي ويون، هتان جي نه ايڪشن ڪميٽي ڪڇيو، نه هنڀوڇيون هڻندڙ ڪنهن ڪامريد کڻي ڪڏهن دانهن ڪئي. سنڌ جي مهانگي ۾ مهانگي هن علائقي تي نظر ڦيرائبي ته توهان کي ڏندين آڱريون انهيءَ ڪري اچي وينديون جو هيڏن بااثر ماڻهن جي هوندي سوندي سنڌ جو هي انمول علائقو اڄ ڏينهن تائين ڪني پاڻي ۽ نيڪاسي جي ناڪاره نظام جي ور ڇو چڙهيل آهي .قاسم آباد جي فيز ون ۾ ملڪ جي اڳواڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فوزيا زرداري جي رهائش گاهه آهي پر گهر اڳيان حالت اھا آھي جو ماڻهو پيرين پنڌ به هلي نه سگهبو. ،ساڳئي علائقي ۾ اڳوڻي مملڪتي وزير شگفتا جماڻي جو گهر آهي پر پوءِ به هن کان پڇندئو ته محترما فرمائيندي ته ڇا ڪريون ايم ڪيو ايم جي ناطمي نظام اسان کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي جي فرزند ۽ اڳوڻي دادو ضلعي جي ناظم ڪريم بخش جتوئي کان وٺي شيرازين جي چشم چراغ ۽ هاڻوڪي ايم اين اي اياز شاھه شيرازي ۽ اڳوڻي ايم اين اي عبدالستار سريوال جا گهر به قاسم آباد ۾ ئي آهن پر هنن جي ڊرائنگ رومز تائين پهچڻ لاءِ توهان کي نڪ تي هٿ ضرور ڏيڻو پوندو. اڃان به جيڪڏهن توهان قاسم آباد جي اجڙي ويل رستن ۽ ڪنين گهٽين ۾ جهاتي پائيندو ته توهان کي سنڌ جي اڳوڻي حڪمران مير بندهه علي خان ٽالپر جي پٽ ۽ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي مير بابو ۽ هاڻوڪي ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر جائي پري کان محل نما گهر نظر ايندا.
قاسم آباد جي ڪنين ۽ ڌپ وارين گهٽين مان ٿي جڏهن گلشن حبيب وٽ پيپلزپارٽي جي سينيٽر مولا بخش چانڊيي، عمرڪوٽ جي پ پ اڳواڻ نواب يوسف خان ٽالپر، مٽياري جي اڳوڻي ايم پي اي امير علي شاھه هاشمي ۽ پ پ جي اڳواڻي ايم اين اي سيد امير علي شاھه ڄاموٽ جا گهر ڏسڻ ۾ ايندا جن جي سونهن سلامتي جي ڪهڙي ڳالھه ڪجي پر جيڪڏهن ڪو مهمان هنن جي گهر آيو هوندو ته يقينن اهو سندس پھريون ۽ آخري ڀيرو هوندو. حيدرآباد جي ٻهراڙي تعلقي جي پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سيد امجد علي شاھه ڄاموٽ جي رهائش گاهه کان وٺي گلستان سجاد ۾ ٽنڊي الهيار سان واڳيل پيپلزپارٽي جي اڳوڻي صوبائي وزير سيد علي نواز شاهه رضوي جي گهر تائين، پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ جي اڳوڻي ايم پي اي فرحين مغل کان وٺي سٽيزن ڪالوني ۾ فنڪشنل ليگ جي ان وقت جي مملڪتي وزير فقير جادم مڱرئي جي گهر تائين، جي ايم بي ڪالوني ۾ اڳوڻي ايم اين اي ارباب ذڪاءُ ﷲ جي رهائش گاهه کان وٺي اڳوڻي ايم اين اي شمشاد بچاڻي ۽ هاڻوڪي ايم اين اي ستار بچاڻي جي رهائش گاهه تائين، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ضلعي ٿرپارڪر جي اڳواڻي ناظم ارباب عطا ﷲ جي رهائش گاهه کان وٺي وڏن وڏن عهدن تي فائز سنڌي ڪامورن، اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي، اڳوڻي ڊي آءِ جي سائين رکئي ميراڻي، غلام قادر ٿيٻي، ثناءُ ﷲ عباسي ۽ ٻين ڪامورن جي شاهڪار بنگلن تائين قاسم آباد ۾ اڳوڻن ۽ هاڻوڪن اقتداري سنڌي ماڻهن جي گهرن جون اهڙيون ته قطارون آهن جن کي ڏسي توهان کي مورن جا پير ضرور ياد ايندا.
ڪرسين تي ويٺل واڳ ڌڻين جي گهرن جو ڏس پتو پڇا ڪندو ته توهان کي علي پئليس ڀرسان الواحد ٽائون ۾ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ هاڻوڪي ايم پي اي امداد پتافي جو گهر پري کان ڏسڻ ۾ ايندو پر گهر تائين پهچڻ لاءِ پيرن کي زوري مڃرائڻو پوندو ڇاڪاڻ جو قاسم آباد ۾ پ پ جي هاڻوڪي سينيٽر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌري جي گهر وانگر پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سرجيلا لغاري جي گهرن تائين پهچڻ لاءِ جيڪي سور کائڻا پوندا اهو به ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. کنڊر ۾ تبديل ٿي ويل رستا، کليل گٽر ۽ چوڌاري ڪنو پاڻي ڏسي ڪنهن کي اعتبار به نه ايندو ته هتي به ڪي پ پ جا اسيمبلي ميمبر ۽ وزير صاحبان رھن ٿا. قاسم آباد جي گندگي جي ڍير ۾ خوبصورت محلاتن جهڙا اڃان به اقتداري سنڌي ڀائرن جا گهر ڳوليندو ته توھان کي قاسم آباد جي نسيم نگر واري علائقي اسٽار بنگلوز ۾ به وڃڻو پوندو جتي اڳوڻي صوبائي وزير عرفان گل مگسي جي ڀيڻ ۽ ٽنڊي الهيار ضلعي جي اڳواڻي ناطما ۽ سينيٽر راحيلا مگسي جي رهائش گاهه يعني مگسي هائوس نمبر ٽو تي نظر پوندي، ڇا ته گهر آهي پر مهرباني ڪري دروازي جي اڳيان نه لنگهجو.
قاسم آباد ۾ رهندڙ هاڻوڪا اقتداري ڪرسين تي ويٺل سنڌي هجن يا اڳوڻا پر گهٽايو اسان جي قومپرستن ۽ سماجي اڳواڻن به ناهي، پرنس ٽائون ۾ رسول بخش پليجي ۽ اياز لطيف پليجي جي گهر کان وٺي اسٽيٽ لائيف ڪالوني ۾ مقيم ڊاڪٽر قادر مگسي جي گهر تائين، ترقي پسند هائوس ويجهو سيد جلال شاھه ۽ بشير خان قريشي جي بنگلي کان وٺي جيجل ماءُ اسپتال ڀرسان ممتاز ڀٽي ۽ عبدالله ٽائون ۾ ڊاڪٽر دودو مهيري جي رهائش گاهه تائين وڏن دٻدٻن وارن قومپرست نالن جي اهڙي ته ڊگهي قطار آهي جن جا گهر قاسم آباد ۾ موجود آهن پر مجال آهي جو ڪڏهن ڪا ڪوڪ ڪئي هجين، ڪا دانهن ڪئي هجين ته سنڌ جي هن دبئي سان هيڏي وڏي ناانصافي ڇو…؟؟؟؟؟

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *