تازا ترين
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سنڌ جو گهڻ ٻوليائي ڪلاسيڪل شاعر شاهه نصير … زاهد راڄپر

ساهتي پرڳڻي نوشهروفيروز جو صوفي شاعر شاهه نصير پنهنجي دور جو گهڻ ٻولين وارو شاعر ٿي گذريو آهي. هن کجين واري شهر نوشهروفيروز ۾ 1223 هجري ۾ جنم ورتو، سندن وڏا افغانستان جي شهر احرار مان لڏي پهريان نوشهروفيروز جي ڀرسان ميان عدر جي درگاهه وٽ ويٺا، جتي هنن رهڻ لاءِ حويلي جوڙائي، پر بعد ۾ اتان لڏي شهر جي اولهه طرف پارو واهه جي ڪپ تي اچي لڏي ويٺا، ان وقت پارو واهه جا رڳو پار نظر آيا ٿي ۽ پارو واهه ڪڏهوڪر نوشهري کان رسي پنهنجو پنڌ مٽائي چڪو هو، جنهن ڪري پارو واهه جي ڇڏيل زمين تي رڳو کجين جا باغ هئا. ان بابت هن وقت درگاهه شاهه نصير جو گادي نشين پير منير احمد چوي ٿو ته اسان جا وڏا سعودي کان هتي آيا هئا. شاهه نصير پارو جي ڪپ تي نئون ڳوٺ اڏايو. جڏهن ته سنڌ جا وڏا خاندان ۽ درگاهون به هن درگاهه جا عقيدتمند آهن. شاهه نصير ابتدائي تعليم پنهنجي والد عبدالحئي جيڪو پنهنجي وقت جو تمام گهڻو وڏو حڪمت جو ماهر ۽ عالم هو ۽ کيس درگاهه وارو سائين ڪري سڏيو ويندو هو، ان کان ورتي ۽ بعد ۾ وڌيڪ تعليم مولوي محمد قاسم ۽ قاضي غلام محمد کان حاصل ڪئي. شاهه نصير کي راڳ ويراڳ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو، جنهن ڪري سندس مئخاني تي محفلون سدا متل رهنديون هيون. هن پنهنجي زندگي جو گهڻو حصو سير سفر ۾ گذاريو ۽ سير سفر ڪندي افغانستان جا جبل جاڳيا ۽ هندوستان جا پٽ جهاڳيا ۽ دنيا جا راز پروڙيا.
ڀٽائي کان وٺي موجوده دور تائين وايون ۽ ڪافيون نج سنڌي شاعري جي صنف طور اڀري سامهون آيون. جن سنڌ واسين جي من جي مونجهه مٺائي، اندر اجاري، سڪ، پريت، امن ۽ ايڪتا جا پرُ پيلا پياري نينهن جا نشا ڏياري مستو مست ڪنديون رهيون آهن. جنهن ڪري شاعر نصير به ڪافي گهڻي لکي.محققن جو چوڻ آهي ته شاهه نصير به شاهه لطيف، سچل سرمست، سامي جو تسلسل آهي. هن به انهن صنفن ۾ ڪلام چيو آهي ۽ اهو ئي پريت جو پيغام ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو شاهه نصير جو ڪلام نه فقط سنڌ پر هند ۾ پڻ بيحد مقبول آهي. آل انڊيا ريڊيو تان اڪثر سندن هي شاعري ٻڌڻ ۾ ايندي آهي.
غمزن ساڻ غلام، ڪيو آ يار اسان کي
يار اسان کي، دوست اسان کي
ڪنهن کي دين مليو، ڪنهن کي دنيا
عشق اصل کان انعام، ڪيو آ يار اسان کي
غمزن ساڻ غلام
سنڌَ سنڌَ ۾ آ، ميخ محبت جي
لنئو لنئو منجهه لغامُ، ڪيو آ يار اسانکي
غمزن ساڻ غلام
سڪ ته نصير کي محب ملڻ جي
کائڻ پيئڻ حرام، ڪيو آ يار اسان کي
غمزن ساڻ غلام
شاهه نصير هندو مسلم ايڪتا جو پرچارڪ هو. اهو ئي سبب آهي جو بنا مذهبي فرق جي هندو توڙي مسلم سندس مريد هئا. هو پنهنجي اندر ۾ صوفي هو، سندس پيغام پيار ۽ پريت جو پيغام هو ۽ پاڻ صوفي شاهه عنايت جو تسلسل هو. پاڻ تصوف جي رنگ ۾ رنڱيل شاعر هو. اهڙو صوفي شاعر هو جنهن ويٺي ننڊ نه ڪئي پر عشق جي منزل ۾ سدائين اڻ تڻ ۾ رهيو. شاهه نصير پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي رومانوي داستانن کي تمام سهڻي نموني ڳايو آهي ۽ هن ڀٽائي جي اثر هيٺ سر ماروي، سر سسئي ۽ ٻيا سر لکيا. حسن ۽ عشق جو مضمون شاعريءَ سان گڏ لازم ۽ ملزوم آهي. صوفي شاعرن من مان مير ڪڍي، حرص هوا ڇڏي، سيني مان ڪينو ڪڍي ڇڏيو آهي، تڏهن حضرت عشق اچي سندن دل ۾ ديرو ڄمايو، اهو ئي سبب آهي جو شاهه نصير فرمايو
نيڻن ننڊ ڦٽاءِ، جي اٿئي آتش عشق جي
ڇڏي حرص هوا سڀ، پيرُ پرت ۾ پاءِ
لنئون لالڻ سان لاءِ جي اٿئي سُڌَ سڪڻ جي
شاهه نصير ڪافي جو شهنشاهه شاعر هو. سندس ڪافيون هند ۽ سنڌ ۾ مشهور ۽ مقبول آهن. شاهه نصير پنهنجي ڪافين ۾ سهڻي مضمون، اثرائتي انداز بيان ۽ سهڻي سنڌيءَ جو اعليٰ مثال آهي. جڏهن ته شاهه نصير کي گهڻ ٻولين وارو شاعر به چيو وڃي ٿي. هن سنڌي، سرائيڪي، فارسي، اردو، هندي ۽ ٻين زبانن ۾ شاعري ڪئي. شاهه نصير کي ڄاڻايل زبانن تي عبور حاصل هوندو هو. شاهه نصير جي شاعري کي سنڌ جي وڏن گائڪن ڳايو آهي جن ۾ عابده پروين، استاد منظور علي خان، ڍول فقير، علڻ فقير، سيد جعفر شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي فنڪار شامل آهن. شاهه نصير 1900ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پارو واهه جي ڪپ تي کجين جي باغ ۾ تدفين ٿي، جتي اڄ به هر سال ميلو مچندو آهي. صوفي راڳ ويراڳ جون محفلون مچنديون آهن. پر افسوس آهي جو هن شاعر جي فڪر، فلسلي، شاعري تي جيڪا گهڻ رخي تحقيق ٿيڻ گهرجي ها اها نه ٿي سگهي آهي جنهن ڪري سندس شاعري جو وڏو حصو اڃا تائين غائب آهي. نامياري اديب نواز علي شوق سندس ڪجهه ڪلام هٿ ڪري ان کي ڇپائي تاريخ جو حصو ته بڻايو آهي پر ان ۾ شاهه نصير جي اردو، فارسي، هندي شاعري شامل ناهي جنهن بابت محقق پروفيسر شمشاد سومري تحقيق ڪئي ۽ ڪجهه شاعري هٿ ڪئي اهي جنهن لاءِ هو چوي ٿو ته شاهه نصير جي فارسي شاعري عشقيه شاعري آهي جنهن ۾ عشق تي انتهائي گهرائي ۽ ڪمال سان لکيو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *