تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سنڌ جو هڪ جپسي دراوڙ شاعر ڇا ٿو سوچي؟ … رام اوڏ

سهيوڳي دور ۾ سرمائيداري جي تيز اوسر سبب انسان دوست آدرش ۽ نظريا ڌنڌلا ٿي رهيا آهن. اهڙي نيو لبرل ماحول ۾ اڪثر فرد ويڳاڻپ جو شڪار رهندا آهن. ويڳاڻپ جو شڪار ماڻهو پنهنجي وجود کان اجنبي ٿي وڃي ٿو. انهي ويڳاڻپ جو سبب سرمائيداري آهي. نيو لبرل معاشي لاڙا فن جي وسعتن کي روڪين ٿا ۽ ادب ۾ ان جو ڳر ترقي پسند نٿو رهي. هڪ آرٽسٽ سويرن جي سرخ صبح جي تمنا ڪري ٿو. هو اهڙي سماج لاءِ جهيڙي ٿو، جتي انسانيت جو ماحول هجي، جتي سماجي اڻ برابري ۽ معاشي استحصال نه هجي پر هرچند ڪهڙي الميي ۾ ورتل نظر ٿو اچي؟ هڪ شاعر کي ان ويلي ڳائڻ گهرجي جڏهن پرھه جا مسافر سمهي پون. سرخ سويرن جي مسافرن جي ٿڪجي پوڻ کانپوءِ به ڳائڻ وڏي ڳالھه آهي پر هتي شاعر حادثي واري صدمي ۾ ورتل آهي؟ مٽي جي مرياڌا بچائڻ وڏي وٿ هجي ٿي پوءِ ارمان ڪهڙو؟ شايد اڄوڪي سنڌ ۾ دراوڙن جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالت تي شاعر ويڳاڻو لڳي ٿو:
پرھ جا مسافر ٿڪي پيا سمهي،
اسان پوءِ به ڳايو وڏو حادثو هو.
چيائين مٽي جي مرياڌا بچائي،
اسان ڇا بچايو، وڏو حادثو هو.
هرچند ساگر گذريل ٻن ڏهاڪن کان شاعري لکي پيو. هن جي آرٽ ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جو حسين سنگم آهي. هو جڏهن به لکندو آهي ته وقت کي وٿي ڏئي، زمان ۽ مڪان جي خفي کان خالي ٿي لکندو آهي. ساگر اسپينش شاعر گارشيا لورڪا جيان جپسي آهي ۽ سندس شاعري جا ڪردار به ڌرتي ڌڪاڻا آهن. ايئن لڳي ٿو ته شاعر دراوڙن جي ديس ۾ خود سڃاڻپ جي ڳولا ۾ رڻ ڀٽڪي ٿو. تاريخي طور تي سنڌ ۽ دراوڙن جو رشتو درد جو رشتو آهي:
ڏاڍي ڄاڻ وڇوڙن جي آ، پاڻ شناسا سڏجون ٿا،
ساروڻيون آ روح سڄو، تون ديس بدر جي ڳالھه ڪرين ٿو.
پاڻ صبح جا سڏ ڪنايون، پنهنجو ڪوئي ٺڪاڻو ڪٿ آ،
رات سان جهيڙو ازلي ۽ تون ننڊ نگر جي ڳالھه ڪرين ٿو!
پوسٽ ڪالونيل دور ۾ سنڌي شاعري جي وسيع ڪينواس تي شيخ اياز جو اثر گهڻو نظر اچي ٿو. هرچند جي شاعري ۾ به شيخ اياز جي شاعراڻي ليگيسي محسوس ڪري سگهجي ٿي. عبدالواحد آريسر جي قافلي جو راهي هي نوجوان شاعر سنڌ جي دراوڙ قبيلي سان واسطو رکي ٿو. اها ٻي ڳالھه آهي ته هرچند حليم باغي جهڙي جرئت نٿو ڪري سگهي، ڇو ته هرچند ۽ حليم جي نظرياتي ڪمٽمينٽ جي حرارت ۾ فرق آهي. انتون چيخوف چيو هو ته: “ٽالسٽاءِ جي اهميت ان لاءِ وڌيڪ نه آهي ته هن ڪهڙا جواب ڏنا آهن، پر هو ان لاءِ عظيم آهي ته هن ڪهڙا سوال اٿاريا آهن.” حليم ۽ هرچند جي ذهني ائپروچ سوال جي سچ سان سلهاڙيل آهي. يان پال سارتر فيض احمد فيض سان ڪچهري ڪندي چيو هو ته “ادب ۾ جهيڙو مادي، سماجي ۽ سياسي طاقتن جي ئي خلاف ٿيڻ گهرجي. بک، غربت، پسماندگي، جبر ۽ تشدد، اجتماعي درد ۽ ڏک ۽ اجتماعي جدوجهد ۽ محنت، عذاب ۽ ڇوٽڪارو، ايثار ۽ استحصال، هي موضوع جيڪڏهن ڪنهن اديب کي ميسر آهن ته اهي ايشيا ۽ آفريڪا جي سرزمين تي آهن… موجوده صورتحال ۾ فني ڏانءُ اسان وٽ آهي ۽ موضوع اوهان وٽ آهن، جيڪڏهن اوهان وٽ ڪو آرٽسٽ انهن ٻنهي ( موضوع ۽ ٽيڪنڪ) کي گڏ کڻي هلي ته هن صدي جو هومر، شيڪسپيئر يا ٽالسٽاءِ جنم وٺندو.” منهنجي خيال ۾ فن ۾ فڪر جي ٻهلپ سماجي شعور سان آراسته هجڻ گهرجي. شعور جو هي سلسلو جدلي صورت ۾ هجي ٿو، تغير پذير هجي ٿو ۽ ان جي حقيقت جامد نٿي هجي. اهو ئي سبب آهي جو فن ۾ فڪري بحث جي گنجائش هر دور ۾ رهڻي آهي. جدليات ذريعي فطرت ۽ سماج کي سمجهي سگهجي ٿو. تاريخي ماديت مطابق تاريخي ارتقا جا سبب معاشي آهن. جدليات ئي فڪري جدوجهد جو تعين ڪري ٿي. هرچند تضادن جي ڇڪتاڻ جي وضاحت ڪري ٿو:
ڳالهيون گلاب جهڙيون هرڪو پٽيو وڃي ٿو،
انداز شاعري جو تو سان ملي ٿيو آ!
چهري مٿان چڳن ۾، اوندھ سان ڄڻ ڪو،
ٽڪراءُ روشني جو تو سان ملي ٿيو آ.
ڏيک ڇا آهي، ۽ ان جي حقيقت ڇا آهي؟ ادب زندگي جي تصوير تي تنقيد ڪري ٿو. جارج لوڪاچ مطابق: “ عظيم اديب زندگي جي تصوير ٺاهڻ وقت پنهنجي خواهشن، اتساهن، ۽ روين جا رنگ پڻ ان تصوير ۾ ڀرين ٿا.” مطلب ته رڳو ڇسي جماليات پسندي جو ڪو سماج ڪارج آهي ئي ڪو نه! ادب جي تجريدي شڪل حقيقت جو آئينو نٿي هجي. جمالياتي فئنٽسي ۾ رهڻ ۽ ذهني طور تي لفظن جا طلسماتي ڪاڪ محل اڏڻ جو عمل غير سائنسي آهي. هڪ بکايل شخص لاءِ رومانوي گيت ان جي حسي ذوق جو سبب نٿو بڻجي. هڪ بورجوا شاعر يا اديب گيدي ۽ موقعي پرست هجي ٿو. هو حقيقي مسئلن جي اپٽار ڪرڻ کان قاصر هجي ٿو. ادب جو هڪ وڏو ڪارج انسان دوستي هجي ٿو. اهڙي ادبي رچنا ۾ ئي روشن خيالي جا رجحان پيدا ٿين ٿا. پئبلو نرودا پنهنجي ‘ساروڻين’ ۾ لکي ٿو ته: “اهڙي شاعري جيڪا عوامي مفاد ۾ هجي تنهن جي بنيادي سگهھ نرم دلي، خوشي ۽ ماڻهو جي حقيقي فطرت سان چاھ ۾ هجي ٿي. اهڙن عنصرن کان عاري شاعري کوکلو آواز ته پيدا ڪري سگهي ٿي پر ڪنهن گيت کي تخليق نه ٿي ڪري سگهي.” عينيت پرستي ۾ ڏندڪٿائي ڀرم وجود رکي ٿو. هرچند ساگر ڌرمي مزاج واري سماج ۾ جياپي جو جوهر سيڪيولر زندگي ۾ ڳولي ٿو. هڪ پوڄارڻ سان مخاطب ٿي چوي ٿو:
توکي ناهي خبر درد جي تال جي
تون بي سمجھ ۽ اڻ ڄاڻ آن ڇوڪري
تون ڪنعيي جي بانسري تي پئي ناچ ڪر
تون راڌا جو اهڃاڻ آن ڇوڪري.
ساگر جي شاعري جي هڪ انفراديت هي به آهي ته هو ڪوتا جي ڪينواس تي سنڌ جي اتهاس جو ڪرب اوتي ٿو. سنڌو ڪناري آباد سنڌو ماٿر جي تهذيب تي هي شاعر ويچار ڪري ٿو، جنهن ۾ سنڌ جي ڊگهي حياتي جا بنياد پيل آهن. اهڙي ذڪر ۾ لڳي ٿو ته زمان حال ۾ شاعر شناخت جي بحران ۾ مبتلا آهي، هو ماضي جي عظمت تي سوچي ناسٽلجيا ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. شاعر جي فئنٽسي ۾ ڪهڙي ڳولا آهي؟ هن تاريخي قدامت جي اهميت ڇا آهي، جو شاعران کي ڦلوري ٿو؟… سنڌو ماٿر جي تهذيب مان برابري واري سماج جي عڪاسي ٿئي ٿي. موئن جي دڙي ۾ بادشاهي نظام نه هو. ماڻهو زندگي گذارڻ ۾ آزاد هئا. موجوده دور جا ڪي ڪميونسٽ موئن جي دڙي کي انساني تاريخ جو Primitive Socialist سماج سڏين ٿا. هن دڙي مان مليل سمباره جو مجسمو ناچ و موسيقي جي ثقافت کي ظاهر ڪري ٿو. عوامي طرزِ زندگي سيڪيولر هئي. هرچند جي هن نظم ۾ ڇير رقص و آرٽ جي علامت آهي؟
اڄ تلڪ لڳائي هُو،
ديبل ڏانهن نهاري ٿي،
هن ڇير وڃائي آ
تاريخ ڦلاري ٿي
موئن جا دڙا تو وٽ جا سام رکيل آهي…
هرچند جي ڪوتا ساگر ۾ عڪسي صورت جا منظر ملن ٿا. اهڙي ترڪيبي منظر نگاري ۾ هوا جي زور تي گهلجندڙ پنن جهڙو رڌم آهي ۽ خيال جي اُڻت ۾ آبشار جهڙي رواني آهي. تال ۽ ترنم جي اها جُڙت موسيقيت پيدا ڪري ٿي. اهڙي لفظي ترڪيب ۾ مروئي جهڙي هٻڪار محسوس ڪري سگهجي ٿي. مترنم هي سرلتا لسانياتي سونهن ۾ اضافو ڪري ٿي. ۽ جمالياتي نرملتا سُريلي ڌن تخليق ڪري ٿي:
درد جي هن دور تي سوچيو نه تو،
شهر! هيڏي شور تي سوچيو نه تو!
مان ته سارو سيءُ ۾ سڙندو رهيس،
ٽهل تي، ٽاڪور تي سوچيو نه تو…
ٿر ۾ طبقاتي نظام هئڻ سبب عام ماڻهو معاشي طور تي مجهول آهي. اها حقيقت آهي ته جن بک پوکي آهي، اهي بک ختم نٿا ڪري سگهن. ڪرشن چندر پنهنجي هڪ ڪهاڻي ‘بُک پوکيو’ ۾ ڏڪار ختم ڪرڻ جو آسان طريقو ٻڌايو آهي: “جي اسان زميندارن، جاگيردارن، واپارين، منافع خورن ۽ سامراجين کي ختم نٿا ڪري سگهون ته پوءِ ڏڪار جي وسيلي عوام کي ئي ختم ڪري ڇڏيون ته بهتر ٿيندو…” ٿر جي سياست ۾ آمرانه ۽ قبائلي رجحان عوام دوست نه رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ٿر جي پورهيت طبقي بدترين ڏڪار ڏٺا ۽ سٺا آهن. هن خطي کي صرف برسات وسڻ جي آسري تي ڇڏيو ويو، ۽ ماروئڙن جي زندگي کي ڪو خاص معاشي متبادل نه مليو. هن ريت تي مرندڙ ٻارڙن ۽ مورن جو درد به پورهيت جو درد آهي. جيڪو کيتر کيڙي ٿو، سو ئي اڃارو ۽ بکايل رهي ٿو. هن جي درد ڪٿا ۾ شامل اها سياست آهي جيڪا مڪمل طور تي پورهيت طبقي جي حقن جي نفي ڪري ٿي. اهڙي اقتدار دوست سياست جا سنڌا ۽ ڇيڙا زر جي طلب واري منشور تي کٽن ٿا. دراصل اها سياست غريب پورهيت خلاف ئي ٿئي ٿي، هرچند اهڙي ڀوتارڪي سياسي نظام خلاف احتجاج ڪري پورهيت جي پاسي بيهي ٿو، ڇو ته بورجوا سوچ پورهيت جي غربت کي سندن ئي ڏوھ سمجهي ٿي، جڏهن ته هڪ پرولتاري آرٽسٽ اهڙي ماجرا پويان ذاتي ملڪيت جي حصول لاءِ سرمائيدارانه ڦرلٽ کي ذميوار سمجهي ٿو:
تو ته پيرن مان اُگهاڙپ ٿي ڏٺي
زر خريدي زور تي سوچيو نه تو!
تو ته ٿر کي دانهن ۾ آهي ٻُڌو،
مينهن تي ۽ مور تي سوچيو نه تو!

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *