تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سنڌ جو مينڊيٽ ڪنهن وٽ ٽوئٽر تي دلچسپ بحث

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي هونئن ته بحث عام ڳالهه آهي پر ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جون مختلف شخصيتون به پاڻ ۾ اٽڪي پونديون آهن ۽ انهن جو بحث سوشل ميڊيا تي گهڻن ماڻهن جي دلچسپي جو سبب بڻجي ويندو آهي. اهڙو ئي بحث ناليواري صحافي امتياز چانڊيو ۽ سنڌ ۾ عورتن جي حقن ۽ سماجي اڻ برابري يا انساني حقن جي لتاڙ خلاف جدوجهد ڪندڙ اڳواڻ امر سنڌ وچ ۾ به ٿيو پر اهو بحث سياسي هو. امتياز چانڊيو ٽوئيٽ ڪئي ته جي ڊي اي وارن کي سنڌ کپائڻ تي خاموشي جون مبارڪون ھجن۔جنهن جي جواب ۾ امر سنڌو لکيو ته وڙھي سگھي يا گوڏا کوڙي پر حقيقت آھي ته پيپلزپارٽي کي ئي سنڌ جو عوامي مينڊيٽ آھي ء اھو سنڌي ماڻھن وارو مينڊيٽ ئي اسٽيبلشمينٽ کي قبول ڪونھي. پيپلزپارٽي ئي پارليامينٽ ۾ سنڌ جي نمائندہ پارٽي آھي.ان جي وراڻي ۾ امتياز چانڊيو لکيو ته مینڊیٽ انھن وٽ بہ آھي جن کي پنھنجي ووٽرن چونڊیوآھي۔ پر ضروري ناھي تہ اھي حڪومت ۾ ھجن۔ ھا باقي سنڌ انھن حاڪمن سبب خطري ۾ آھي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *