تازا ترين
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

سنڌ جا ڪُجهه ڪُتب خانا ۽ لائيبريريون … استاد لغاري

ڪافي عرصي کان، سنڌ جا ڪجهھ ڪتب خانا ۽ لائيبريريون ڏسڻ جو موقعو ملندو رهيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾، پنهنجي آبائي شهر کپري کان اتر، اولھ، ڏکڻ ۽ اوڀر طرف اچڻ وڃڻ ٿيو. جتي ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون علمي ۽ ادبي لائيبريريون ۽ ڪتب خانا ڏٺا ويا. جن جو مختصر احوال هتي پيش ڪجي ٿو. 
1 : ڪتب خانو چوٽياري
حضرت مخدوم ميان محمد مبين ڪيريو رحه جن جو قائم ڪيل هي ڪتب خانو، هن وقت صرف نالي ماتر موجود آهي. هن ڪتب خاني ۾، ڪيترائي قيمتي قلمي ۽ دستخطي نسخا موجود هوندا هئا. ميان محمد مبين ڪيريو رحه، سڀ کان پهريان قرآن الڪريم جا خوبصورت ۽ رنگين قلمي نسخا ويهي لکيا. ان کان پوءِ، دلائل الخيرات، المبين المعين الفهم الاربعين، التوضيع في حل غوائض التنضيح وغيره جهڙا، انتهائيءَ اهم ڪتاب هٿن سان ويهي لکيائين. ڪجھ ڪتاب پنهنجي ڀائٽي عزت الله کان به نقل ڪرايائين. اهڙيءَ ريت، ٺٽي، نصرپور ۽ سريواريءَ جي عالمن کان به پنهنجي ڪتب خاني لاءِ فقه جا ڪتاب لکايائين. ان کان پوءِ سندس پوين عالمن ۽ استادن، ميان عبدالرحمٰن، قاضي محمد مسعود، ميان عبدالحڪيم، ميان محمد اڪمل، ميان رب ڏني ۽ ميان عبدالرسول ڪتب خاني ۾، ڪتابن جو گھڻو واڌارو ڪيو. آخر ۾ ميان محمد ۽ ان جي فرزند ميان عبدالحڪيم هن ڪتب خاني کي سنڀاليو. چوٽياريءَ جو هي هڪ انتهائيءَ اهم ۽ قيمتي ڪتب خانو، هن پوئين ويجھي دور تائين سلامت رهيو. جهڙيءَ ريت انگريزن جي دور ۾، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جا ڪتب خانا ضايع ٿيا، ساڳيءَ ريت لڏپلاڻ ۽ افراتفري سببان، هي هڪ انتهائيءَ اهم ۽ عاليشان ڪتب خانو به بالآخر معدوم ٿي ويو.درسگاھ چوٽياريءَ جي هاڻوڪي ڪتب خاني ۾، هاڻوڪن عالمن ۽ استادن، ڪجھ ڪتاب گڏ ڪري رکيا آهن. اهڙن ڪتابن ۾، قرآن الڪريم، احاديث مبارڪن جا جلد، سيرت پاڪ، صرف و نحو، علم تفسير، علم فقه، علم اصول فقه ۽ علم منطق وغيره تي آڌاريل ڪتاب موجود آهن. هن ڪتب خاني ۾ موجود چار الماريون، ڪتابن سان ڀريل ڏٺيون ويون. قرآن الڪريم جي هڪ قلمي نسخي جي زيارت به نصيب ٿي، جنهن جا صفحا 712 هئا. فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل هڪ عدد قلمي ڪتاب “يوسف زليخا” پڻ نظر مان گذريو، جنهن جا صفحا 296 هئا. هن ڪتاب جو ڪاتب، حافظ دلاور راڄڙ معلوم ٿيو.
2 : ڪتب خانو سريواري
ماضيءَ جي وڏي علم و ادب جي مرڪز، درسگاھ سريواريءَ جو ڪتب خانو، اهڙيءَ ريت ناپيد ٿي چڪو آهي، جو هاڻي ان جو صرف افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو. سريواريءَ ۾ سنڌ جا تمام وڏا عالم، فقيه ۽ ڪاتب موجود هوندا هئا. انهن عالمن جا هٿ اکر ڏسي، ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. هتي جي ڪاتبن قرآن الڪريم، احاديث مبارڪه، فقه، ديني ڪتابن ۽ ٻين ٻولين جا ڪيترا ئي قلمي نسخا تحرير ڪيا. اهي قلمي نسخا، سنڌ جي ٻين مشهور ديني درسگاهن ۽ عالمن ڏانهن تبرڪ طور اُماڻيا ويندا هئا. سريواريءَ جا عالم سڳورا ۽ ڪاتب، تشهير جا قائل ڪو نه هئا. انهن پنهنجن لکيل قلمي نسخن جي مٿان، پنهنجو نالو، سن يا درسگاھ جي مُهر وغيره هڻڻ کان هميشه اجتناب ڪيو. اهو ئي سبب آهي، جو سريواريءَ جي عالمن ۽ ڪاتبن جي لکيل ڪتابن يا قلمي نسخن جي باري ۾، صرف مبهم معلومات موجود آهي. جڏهن درسگاھ سريواري زوال پذيريءَ کي پهتي، ته هتان جا عالم سڳورا ۽ ٻيا ماڻهو، پنهنجا اجھا ۽ آکيرا ڇڏي، سِر بچائي، نقل مڪاني ڪري، مختلف علائقن ڏانهن هليا ويا. درسگاھ جي ڪتب خاني ۾ رهجي ويل ڪتاب، ڪجھ انگريز سرڪار جي ڪامورن کنيا، ته ڪجھ اُڏوهيءَ کاڌا. چون ٿا ته ڪتابن جي بي حرمتيءَ واري حالت کي ڏسي، هڪ اڻ پڙهيل اوٺار کي رحم آيو، جنهن بقايا ڪتاب اُٺن تي سٿيا ۽ کڻي وڃي پير جھنڊي وارن جي مدرسي ۾ جمع ڪرايا. 1960ع واري ڏهاڪي ۾، سانگھڙ جي لغاري (احمداڻي) قبيلي جي وڏي عالم ۽ مفتي مولوي عبدالقادر لغاري، سريواريءَ جي ڪيريا بزرگن ڏانهن پيغام اُماڻيو، ته “درسگاھ جا ڪجھ قيمتي ڪتاب ۽ قلمي نسخا، پير جھنڊي وارن جي مدرسي ۾ موجود آهن. اگر ڪنهن به ڪيريا بزرگ کي طلب هجي، ته اُهي اچي هتان کان حاصل ڪري سگھن ٿا”. چون ٿا ته ڪو مناسب جواب نه ملڻ جي ڪري، اُهي سمورا ڪتاب وري اڃان اڳتي، ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪتب خاني ۾ جمع ڪرايا ويا. اهڙيءَ ريت درسگاھ سريواريءَ جي ڪتب خاني جا انتهائي اهم ۽ تاريخي ڪتاب، بالآخر هتان کان هميشه هميشه جي لاءِ هليا ويا. سريواريءَ جي موجوده ڪيريا بزرگن وٽ جڏهن منهنجو وڃڻ ٿيو، ته انهن نهايت وڏي مهرباني فرمائي، مون کي قرآن الڪريم جي هڪ قلمي نسخي ۽ دلائل الخيرات جي زيارت ڪرائي. البت جنهن شئي کي لائيبريريءَ يا ڪتب خانو چئجي، سو هن وقت عدم پيد ٿي چڪو آهي.
3 : مولوي ميان مير محمد راڄڙ (ڏهريجه) جي لائيبريري
هي لائيبريريءَ کپري شهر کان اندازن 30 ڪلوميٽر اتر طرف، ڳوٺ عالم آباد ۽ کنڀرو جي درميان، اڇري ٿر ۾ موجود آهي. هن لائيبريريءَ جو سنڀاليندڙ رٽائرڊ عربي ٽيچر، مولوي ميان مير محمد راڄڙ (ڏهريجه) صاحب آهي. مون روبرو وڃي ڏٺو، ته هن لائيبريريءَ ۾ قديم زماني جا ڪافي قيمتي قلمي نسخا ۽ ڪتاب موجود هئا، جن جي مٿان چمڙي جا جلد ٻڌل نظر آيا. چمڙو هرڻ جي کل مان حاصل ڪري، ان کي سُڪائي ڪاغذي صورت ۾ آئي، نهايت ئي نفيس، باريڪ ۽ خوبصورت طريقي سان جلدسازيءَ جو ڪم ڪرايل هو. جن قلمي ڪتابن تي اهڙا جلد ٻڌايل نظر آيا، انهن ۾ مجموع الوضائف، عملياتِ عربي، شُمائل مُحمدي سيرت حديث، شُمائل بنوي امام ترمذي، مفاتيح الجنان، شرح منيد المصلي، تفسير بيضاوي، تفسير جلالين، طريقه محمديه، بياضِ هاشمي، رساله اسقاط سَرميت، اشباءِ النظائر اصول فقه 999 هجري، هدايه مسلمين، مروح المتعلمين، تصوفي في امام غزالي، شرح قاضيه، شرح ملا جامي، تاريخ تبري ۽ ٻيا ڪتاب شامل هئا.هن لائيبريريءَ ۾ جديد دور جي شايع ٿيل ڪتابن، رسالن، مئگزينس ۽ اخبارن وغيره جو به چڱو خاصو تعداد موجود هو. هڪ عدد بنا نقطن واري عربي ٻوليءَ ۾ لکيل خط جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي به ڏٺي ويئي. هي خط سرور ڪائنات حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي طرفان، مصر جي (قبطي) بادشاھ مقوقص حاطب بن ابي طبقه بن عمرو بن عمير کي، اسلام جي دعوت جي سلسلي ۾، سن 07 هجريءَ ۾ لکيو ويو هو.
4:حڪيم استاد امام بخش منڱريو ادبي لائيبريريءَ کپرو
هي ادبي لائيبريريءَ، کپري شهر کان ڏکڻ طرف، کپرو واھ موڙ تي قائم ڪيل آهي. هن لائيبريريءَ کي، حڪيم صاحب جي طرفان ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن جو ٻيو حصو ڳوٺ جيئندو منڱريو، ديھ کاڻي راڄڙ ۾، حڪيم امام بخش منڱريو صاحب جي گھر ۾ موجود آهي. حڪيم صاحب کي 1980ع واري ڏهاڪي کان وٺي، ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن گڏ ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو، جڏهن پاڻ اڃان گورنمنٽ نيشنل اسلاميه هاءِ اسڪول کپري ۾ پڙهندو هو. هُو هن وقت پنهنجي حڪمت خاني واري لائيبريريءَ ۾، هزارين ڪتابن جو ذخيرو گڏ ڪري چڪو آهي. اهڙن قيمتي ڪتابن ۾ قرآن الڪريم، حديث پاڪ جا جلد، سيرت طيبه، شاھ جا رسالا، شاعري، ڪهاڻين، فلسفي، طب، حڪمت، تحقيق، ترجمن، لغتن، انسائيڪلوپيڊيائن، توڙي سفرنامن جا ڪيترا ئي سنڌي اردو ڪتاب ۽ رسالا شامل آهن. سه ماهي مهراڻ، گل ڦل، سرتيون ۽ تعليمي اخبارن جا ڪيترائي پراڻا سيٽ ۽ ٻاراڻي ادب تي آڌاريل ٻيا به ڪيترائي اهم ڪتاب هن لائيبريريءَ ۾ موجود آهن. هن لائيبريريءَ جي لاءِ، عمارت منظور ڪئي ويئي آهي، جنهن لاءِ مفت ۾ پلاٽ حڪيم صاحب پاڻ ڏيئي چڪو آهي. البت لائيبريريءَ جو تعميرات وارو ڪم، في الحال شروع ٿي ناهي سگھيو. علم و ادب جي خدمت ۽ واڌاري لاءِ، حڪيم صاحب جون خدمتون ساراهڻ جوڳيون آهن. هن جي طرفان شايع ڪرايل ڪتابن ۾، ڏکن پٺيان سُک ٻاراڻين ڪهاڻين جو مجموعو)، احوالِ عشق پريل فقير پينار جو ڪلام)، مون ۾ تون موجود (استاد ولي محمد ولي هنڱوري جو ڪلام)، گوهر گل اندام (سگھڙ تاج محمد هاليپوٽي جي شاعري)، دور حاضر ۾ کپري جا شاعر (گڏيل شاعري)، پکي پرواز ۾ آهن (گڏيل شاعري)، انمول موتي (ٻاراڻو رسالو) وغيره شامل آهن. لائيبريريءَ ۾، علم نجوم، علم رمل، علم جفر، علم هيئت، علم حڪمت، علم ڪيمياء، علم پاميسٽري، علم تعويذات، علم طلسم، علم اعداد، علم نبض شناسي، چهرا شناسي، آلجبرا، ابجد، تصنيف ۽ تاليف، فقه، فلسفي ۽ موسيقي وغيره جهڙن علمن تي آڌاريل ڪتاب موجود آهن.
5:استاد محمد جمن گجو ادبي لائيبريريءَ کپرو
هن لائيبريريءَ جو قيام، 1980ع واري ڏهاڪي ۾ عمل ۾ آندو ويو، جڏهن استاد محمد جمن گجو صاحب، ڳوٺ حاجي محمد عمر گجو ۾، ڍليار شهر جي ويجھو ويٺل هيو ۽ هاءِ اسڪول ڍليار ۾ پڙهائيندو هو. سڀ کان پهريان اخبارون، رسالا ۽ قومي ڪتاب گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين. ان بعد هر هڪ موضوع وارا ڪتاب خريد ڪري، پنهنجي لائيبريريءَ جي زينت بنائيندو ويو. اهڙيءَ ريت، وٽس ڪتابن جون صندوقون ڀرجي ويون. 2010ع واري ڏهاڪي ۾، جڏهن ڍليار کان کپري شهر ڏانهن شفٽ ٿيو، ته اُنهيءَ ساڳي لائيبريريءَ کي، پنهنجي گھر ۾ شاندار نموني سان سينگاري ويٺو آهي. هن وقت “استاد محمد جمن گجو ادبي لائيبريريءَ” کپرو ۾، هر هڪ عنوان تي آڌاريل، هزارين ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن. هن لائيبريريءَ ۾ قومي ڪتابن ۽ رسالن جو تعداد، ٻين موضوعن جي ڪتابن ۽ رسالن جي ڀيٽ ۾، ڪجھ مڙيوئي سرس آهي. ان کان پوءِ تاريخ، تحقيق ۽ لطيف شناسيءَ تي لکيل ڪتاب، ڪافي تعداد ۾ ملن ٿا. شاھ جي رسالن جا مختلف سيٽ ۽ حر تحريڪ جي لٽريچر تي مبني ڪيترا ئي اهم تاريخي ڪتاب، هن لائيبريريءَ جي زينت بنيل آهن. لائيبريريءَ ۾ “استاد لغاري ادبي ڪارنر” به قائم ڪيل آهي، جنهن ۾ راقم
(استاد لغاريءَ) جي تحقيقي، ترجماتي، تاريخي، تشريحي ۽ ترتيبي شاھ جي رسالن سميت، ٻين سورنهن کن ڪتابن جا ٻه ٻه سيٽ سينگاري رکيل آهن. هيءَ هڪ انتهائيءَ خوبصورت ۽ شاندار لائيبريريءَ آهي، جنهن کي ڏسڻ سان ماڻهوءَ جو من موهجي پوي ٿو. اگر اسان جي سماج ۽ معاشري ۾، اهڙيون اهم ۽ عاليشان لائيبريريون موجود هونديون، ته يقينن، اسان جي ٻولي، ثقافت، تاريخ ۽ تهذيب،مَرڪندي، جَرڪندي ۽ سدائين سلامت رهندي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *