تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏاڻو پکي … لاکو ڄاڃي Greater Flamingo … خادم رند

انتھائي خوبصورت، باوقار ۽ منفرد لاکي ڄاڃي پکي جا دنيا ۾ 6 قسم ملن ٿا. سنڌ ۽ پاڪستان ۾ جيتوڻيڪ مقامي پکين واري فھرست ۾ ھڪ به لاکو ڄاڃي شامل ناھي پر خوشي جي ڳالهھ اھا آھي ته سياري ۾ ٻن قسمن جا لاکي ڄاڃي سنڌ ۽ بلوچستان جون ڍنڍون ۽ سامونڊي ڪنارا ضرور اچي وسائين ٿا. انھن مان ھڪ ننڍو لاکو ڄاڃي (Lesser Flamingo) ۽ ٻيو وڏو لاکو ڄاڃي (Greater Flamingo) آھي. وڏي لاکي ڄاڃي کي سنڌ ۾ عام طور صرف لاکو ڄاڃي سڏيو ويندو آھي. دنيا ۾ ملندڙ مڙني لاکي ڄاڃين جي ڀيٽ ۾ ھي جسامت توڙي تعداد جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو لاکي ڄاڃي آھي. وڏي جسامت، تمام ڊگهي ڳچي، مڙيل ڪنڍيدار چھنب ۽ سنهين ۽ ڊگهين ٽنگن ڪري ھي پري کان پڌرو ۽ سڀني پکين کان نرالو لڳندو آھي. ھي عام طور ڪنھن تانگهي پاڻيءَ واري آبي ماڳ تي ننڍي يا وڏي ٽولي جي صورت ۾ نظر ايندو آھي. اڪثر ڪري ھڪ ٽنگ تي به بيٺل ڏسبو آهي. جڏهن اھڙو ٽولو ھڪ ئي وقت اڏامندو آھي ته ماحول ڏاڍو مزيدار ۽ گلابي بڻجي پوندو آھي.
لاکي ڄاڃي کي اردو ۾ بڙا لم ڍينگ، بوگ ھنس ۽ لڪا ھنس ۽ سائنسي ٻوليءَ ۾ (Phoenicopterus roseus) جي نالن سان سڏيو ويندو آھي. ان جو واسطو لاکي ڄاڃين جي خاندان (Phoenicoptridae Family) سان آھي. لاکي ڄاڃي جا نر ماد هڪجهڙا ٿيندا آھن پر نر ٿورو مادي کان وڏو ھوندو آھي. ھڪ بالغ لاکي ڄاڃي جي ڊيگھ 110 کان 150 سينٽي ميٽر، پرن جي پکيڙ 140 کان 165 سينٽي ميٽر ۽ وزن 2 کان 4 ڪلو گرام تائين ٿيندو آھي. لاکي ڄاڃي جو رنگ گلابي مائل اڇو، پر گلابي ۽ اڏامڻ وارا شروعاتي کنڀ ڪارا ٿيندا آھن. جڏهن ته ٽنگون گلابي، اکيون پيليون ۽ چھنب ڪاري چوٽي سان گلابي ٿيندي آھي. لاکي ڄاڃي جي عمر عام طور 40 کان 60 سالن تائين ھوندي آهي. جڏهن تہ ان جي اڏام جي رفتار 59 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ھوندي آھي. اڏام وقت ھي پنھنجي گچي ۽ ٽنگون سنوت ۾ رکندو آھي. لاکي ڄاڃي جي انھيءَ عجيب غريب سنڌي نالي بابت 3 تشريحون مشھور آھن. پهرين موجب اھو نالو لاک (ڳاڙھي رنگ) جي ڪري پيو، ٻي موجب اھو نالو لاکي پير جو ڄاڃي ٿيڻ ڪري پيو ۽ ٽين موجب اھو نالو ڪڇ جي مشھور تاريخي ڪردار لاکي ڦلاڻي جي مھر راڻي سان شادي مھل سندس ڄاڃي ٿيڻ ڪري پيو.
لاکو ڄاڃي ننڍي کنڊ، آفريڪا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ يورپ ۾ ملندو آھي. ھن عاليشان پکي ۽ آمريڪا ۾ رھندڙ ھڪ ٻي لاکي ڄاڃي کي وڏي عرصي تائين ساڳي جنس سمجهو ويندو ھو پر 1811ع ۾ پيٽر سمن نالي ھڪ ماھر ٻنھي جي مٿي، ڪنڌ، باقي جسم ۽ چھنب جي رنگن جي بنياد تي ثابت ڪري ڏيکاريو ته اھي ٻئي جدا جدا جنسن وارا پکي آھن. تڏھن کان کيس الڳ سڃاڻپ مليل آھي. لاکو ڄاڃي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍن ۽ ٻي آبي ماڳن کانسواءِ سامونڊي پاڻي واري کاري ماڳن وٽ به گهڻو نظر ايندو آھي. لاکي ڄاڃي جي نسلي واڌ اپريل ۽ مئي مھينن ۾ ٿيندي آھي. ان مقصد لاءِ ھي ڪنھن وارياسي ڪناري، ڌٻڻ يا گپ واري ھنڌ يا وارياسي يا ٽاڪرو ٻيٽاڙي تي ننڍو کڏو کوٽي آکيرو تيار ڪندو آهي. مادي پنھنجي خاندان جي ٻين پکين جيان رڳو ھڪڙو آنو لاھيندي آھي جيڪو بوسڪي اڇي رنگ جو ٿيندو آھي. لاکو ڄاڃي رڻ ڪڇ واري علائقي ۾ ته نسلي واڌ ڪندو رھندو آھي پر انگريزي ٻوليءَ جي نامياري اخبار ڊان پنھنجي ھڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته بلوچستان جي کاري پاڻيءَ واري ڍنڍ مياڻي ھور وٽ مقامي ماڻهن ڪيترائي ڀيرا لاکي ڄاڃي جا ٻچا ڏٺا آھن. جي ائين آھي ته پوءِ چئبو ته لاکو ڄاڃي بلوچستان ۽ پاڪستان جو مقامي پکي بڻجي چڪو آھي. عالمي سطح تي لاکي ڄاڃي جو نسل کڻي محفوظ سمجهو وڃي ٿو پر آبي گدلاڻ ان خوبصورت پکيءَ لاءِ خطري جي علامت ضرور بڻيل آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *