تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي … ڪاٺَ ڪُٽو (Sind Woodpecker)  … خادم رند

وچٿري بدن ۽ سهڻي رنگت وارو ڪاٺ ڪٽو سنڌ جو مقامي پکي آھي. ھي توهان کي جهر جهنگ مختلف وڻن جي ٿڙن کي اڀي حالت ۾ ويٺي ٺھنگا ھڻندي نظر ايندو. ان جو سبب ھروڀرو وڻ ۾ سوراخ ڪرڻ نه پر پنھنجي چھنب جي مدد سان ٿڙ جي ڇوڏي هيٺان جيتن ۽ لارون کي ڳولهڻ ھوندو آھي. عام طور پکين جي ڪنھن جنس (Species) جون ذيلي جنسون (Subspecies) به ھونديون آھن پر جنھن پکيءَ جي ڪا ذيلي جنس نه ٿيندي آھي تنھن کي انگريزيءَ ۾ (Monotypic) سڏبو آھي. اھڙن ئي پکين ۾ ھي ڪاٺ ڪٽو به شامل آھي. ڪاٺ ڪٽي کي انگريزيءَ ۾ (Sind Woodpecker) سڏيو ويندو آھي ڇاڪاڻ ته عالمي سطح تي ھن جي سڃاڻپ سنڌي ڪاٺ ڪٽي طور ڪئي وڃي ٿي. کيس اردو ۾ سنڌي ڪٺ ڦوڙ ۽ سائنسي ٻوليءَ ۾ (Dendrocopos assimilis) سڏيو ويندو آھي. ڪاٺ ڪٽي جي ڊيگھه 20 کان 23 سينٽي ميٽر ۽ وزن 40 کان 65 گرام ٿيندو آھي. ھن جا نر ماد ھڪٻئي کان ڪجھه مٽيل ٿيندا آھن. ڪاٺ ڪٽو مجموعي طور اڇو ۽ ڪارو ھوندو آھي. ڪلھن تي اڇي رنگ جا چُٽا، ڳل، ڳچي، ڇاتي ۽ پيٽ اڇو ۽ پيٽ جو پڇ جي ڀرسان وارو حصو ڳاڙھو ٿيندو اٿس. چھنب کان ڪنڌ جي پاسن تائين ڪاريون اڇيون ليڪون ۽ سيني جا پاسا ڪارا ھوندا اٿس. نر جو مٿو ڳاڙھو ۽ ماديءَ جو ڪارو ھوندو آھي. انتھائي مظبوط ۽ ڇيڻي جهڙي چھنب جو رنگ ناسي، پڇ، ٽنگون ۽ پير ڪارا ٿيندا اٿس. 
  نسلي حوالي سان ھن جو لاڳاپو ڪاٺ ڪٽن جي خاندان (Picidae Family) سان آھي. ان خاندان ۾ 210 قسمن جا ڪاٺ ڪٽا شامل آھن جن مان سنڌ ۾ صرف 4 قسم ملن ٿا. ھن خاندان جا پکي آسٽريليا، نيو گني، نيوزيلينڊ، مڊگاسڪر ۽ قطبن جي ويجهو وارن علائقن کانسواءِ پوري دنيا ۾ ملن ٿا. ڪاٺ ڪٽو پاڪستان، ڀارت ۽ ايران ۾ ملي ٿو. ھي مٿي ڄاڻايل سموري علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد ۾ ملندڙ ڪاٺ ڪٽو آھي. ھي گهڻي ڀاڱي باغن، پوکن، خشڪ ۽ درياھي ٻيلن، آبي ماڳن ۽ نخلستانن ۾ نظر ايندو آھي. ڪاٺ ڪٽو پنھنجي تر تائين محدود رھندڙ پکي آھي. ھن جو نئون نسل به پنھنجي تر ۾ ئي ھيڏانھن ھوڏانھن ٽڙي پکڙي ويندو آھي. ڪاٺ ڪٽي جي ٻولي ”چرـ رر يا ٽوئي وِٽ ٽوئي وِٽ“ آوازن جهڙي ھوندي آھي.  ڪاٺ ڪٽي جي خوراڪ ۾ ڪاٺ اندر رھندڙ (Wood-boring) جيت مثال طور ماڪوڙا، ڪوريئڙا، ٽنڊڻ ۽ لاروا شامل ھوندا آھن. ھي وڻ جي ڇوڏي کي پنھنجي تيز چھنب سان ٽڪي اندران لڪل جيت جڻا کائي ڇڏيندو آھي. ڪاٺ ڪٽو لڏپلاڻ ڪندڙ پکي ته ناھي پر سياري جي مند ۾ مٿانھينءَ تي رھندڙ سيءُ کان بچڻ لاءِ ڪنھن ھيٺاھين ھنڌ اچي ويندا آھن. 
ڪاٺ ڪٽي جي نسلي واڌ اڪثر علائقن ۾ مارچ ۽ اپريل مھينن ۾ ٿيندي آھي. ھي ھڪ ماديءَ تائين محدود رھندڙ (Monogamous) پکي آھي ۽ نسلي واڌ لاءِ آکيرو وڻن ۾ سوراخ ڪري ٺاھيندو آھي. آکيرو نر ۽ مادي گڏجي ٺاھيندا آھن. فطرت اھڙي ڪم لاءِ کين غير معمولي چھنب عطا ڪئي آھي. ڪاٺ جي وڍ ٽڪ ڪري سنڌ جا ماڻهو کيس ڊکڻ پکي به سڏيندا آھن. مادي عام طور 3 کان 5 آنا لاھيندي آھي جن مٿان نر ماد گڏجي آرو ڪندا آھن. چوزا 12 کن ڏينھن ۾ ڦٽي پوندا آھن ۽ 20 ڏينھن ۾ اڏامي ويندا آھن. ٻچن کي نر ماد گڏجي چڳائيندا آھن. ڪاٺ ڪٽي جي عمر پنجن کان ڇھن سالن تائين ٿيندي آھي. ماحول جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر (IUCN) موجب ڪاٺ ڪٽي جو نسل وڏي حد تائين محفوظ آھي پر پوءِ به ماڳ مڪانن ۾ تبديلي ۽ ٻيلن جي واڍي ھن خوبصورت پکيءَ لاءِ خطري واريون علامتون ضرور آھن. 

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *