تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي …ڊُبڊُبو (Watercock) …خادم رند

سولائيءَ سان نظر نه ايندڙ ۽ منفرد آواز وارو ڊُبڊُبو سنڌ جو مقامي پکي آھي. ڊبڊبو جيئن ته ڇاڇري پکي آھي تنھنڪري ھي مٺي پاڻيءَ وارن آبي ماڳن، گاھ ۽ ساوڪ وارين ڌٻڻين ۽ سارين ۽ ڪمند جي پوکن ۾ ملندو آھي. عام طور ھي اڪيلو ۽ گهاٽي گاھ ۾ لڪل رھندو آھي تنھنڪري کيس ڏسڻ ڏاڍو ڏکيو ھوندو آھي. بس اتفاقي طور ٻاھر نڪرڻ تي ڪڏهن ڪنھن جي نظر پئجي ويندي اٿس. ھن پکي کي ڊبڊبو انڪري سڏبو آھي ڇاڪاڻ ته ھن جو آواز ڪنھن دِلي يا گگهي وغيره مان پاڻي پلٽجڻ سان پيدا ٿيندڙ ڊُب ڊُب جي آواز جهڙو ھوندو آھي. ڊبڊبي کي انگريزيءَ ۾ (Watercock) ۽ (Kora)، اردو ۾ ڪورا جل مرغي ۽ سائنسي ٻوليءَ ۾ (Gallicrex cinerea) سڏيو ويندو آھي. ڊبڊبي جا نر ماد ھڪٻئي کان مٽيل ٿيندا آھن. نر ماديءَ کان ڪجھ وڏو به ٿيندو آھي ۽ چھنب به مادي جي ڀيٽ ۾ ڊگهي ۽ ٿلهڙي ٿيندي اٿس. نر جي ماپ 41 کان 43 سينٽي ميٽر ۽ وزن 470 کان 650 گرام ٿيندو آھي جڏهن ته ماديءَ جي ماپ 31 کان 36 سينٽي ميٽر ۽ وزن 295 کان 435 گرام ٿيندو آھي. نسلي حوالي سان ڊبڊبي جو لاڳاپو چورڀاين، کينڻاٺين ۽ ٻولاھين جي خاندان (Rallidae Family) سان آھي. ھن خاندان جي پکين جي اڪثريت پاڻيءَ وارن ماڳن تي رھي ٿي ۽ اتان ئي پنھنجي لاءِ کاڌو پيتو حاصل ڪري ٿي. سموري خاندان مان رڳو ٻولاھيون پنھنجي آڱرين جي مخصوص بناوت ڪري پاڻيءَ مٿان تري سگهن ٿيون. ڇاڇري پکين جو ھي خاندان 130 قسمن تي مشتمل آھي جن مان ڊبڊبي سميت 9 جنسون سنڌ ۾ ملن ٿيون.
نر ڊبڊبي جو جسم مجموعي طور ڪارو ۽ پٺي ناسي لينگهن سان ڪاري ٿيندي آھي. سندس چھنب جو وڏو حصو پيلو ۽ چھنب کان مٿي تائين وڌيل ڍال (Shield) ۽ ٽنگون ڳاڙھيون ھونديون اٿس. ڍال جيئن ته اڌ مٿي کان پوءِ اڀي ٿيل ھوندي آھي تنھنڪري چوٽيءَ وارو ڏيک ڏيندي آھي. مادي جو مٿيون حصو ڪارو ناسي ۽ ھيٺيون ميٽوڙي ٿيندو آھي جنھن تي لينگها ٺهيل ھوندا آھن. سندس چھنب پيلي ۽ ٽنگون سايون ٿينديون آھن. باقي نر جيان کيس ڍال نه ٿيندي آھي. ڊبڊبي جا پير ۽ آڱريون ڪافي ڊگهيون، پڇ ننڍو ۽ جسم سنهو ٿيندو آھي. اھڙي بناوت کيس تانگهي پاڻي ۽ گپ چڪ مٿان گهمڻ ۽ گهاٽي گاھ مان گذرڻ لاءِ سھولت مهيا ڪندي آھي. ڊبڊبو گهڻي ڀاڱي گپ چڪ ۽ تانگهي پاڻيءَ مان چھنب وسيلي کاڌو ڳولهيندو آھي ۽ سُڪيءَ تي نظر ايندڙ کاڌو بہ کائيندو آھي. ھن جي کاڌ خوراڪ ۾ مختلف قسمن جا جيت، ننڍيون مڇيون ۽ ٻج شامل ھوندا آھن. ڊبڊبو ھونئن ته گهڻ ٻولڙيو پکي آھي پر پرھ ڦٽي ۽ سج لھڻ وقت ھي وڌيڪ آواز ڪڍندو آھي. نسلي واڌ وارن ڏينھن ۾ ته تمام گهڻو ٻوليندو رھندو آھي. کينڻاٺي کي ڊبڊبي جي ويجهي مائٽياڻي سمجهو ويندو آھي.
ڊبڊبو ننڍي کنڊ، ڏکڻ چين، جاپان ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جو پکي آھي. ڊبڊبو بنيادي طور لڏپلاڻ ڪندڙ پکي تہ ناھي پر سياري ۾ اترئين ڀاڱي وارا ڊبڊبا ڏکڻ اوڀر ايشيا جي علائقن ڏانھن لڏپلاڻ ڪندا آھن. ڊبڊبي جي نسلي واڌ مختلف علائقي جي حوالي سان مختلف وقت تي ٿيندي آھي. سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ اھا گهڻي ڀاڱي جون کان سيپٽمبر تائين (خاص ڪري مون سون واري مينھن ۾) ٿيندي آھي. ڊبڊبو پنھنجو آکيرو گپ چڪ ۾ ڪنھن گاھ واري سُڪي ھنڌ تي ٺاھيندو آھي. مادي اڪثر ڪري 3 کان 6 آنا لاھيندي آھي. فطري ماحول جي بچاءُ لاءِ پتوڙيندڙ عالمي اداري انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر (IUCN) موجب دنيا ۾ ڊبڊبي جو وجود ھن وقت وڏي حد تائين محفوظ آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *