تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي … چٽوڙ (Painted Stork) … خادم رند

وڏي ۽ رعبدار جسم وارو چٽوڙ سنڌ جو مقامي ڇاڇري پکي آھي. ھن کي چٽوڙ کانسواءِ رنگين ٺوڙهي تور ۽ ھيڊي مٿي واري تور پڻ سڏيو ويندو آھي. چٽوڙ توهان کي سنڌ جي پوسل، گپ چڪ ۽ ريج وارن ماڳن تي اڪثر ڪري ننڍن ننڍن ٽولن جي صورت ۾ نظر ايندو. پنھنجي اڇي جسم ۽ پرن مٿان ڪارن اڇن چٽن ڪري ھي پري کان ئي پڌرو ھوندو آھي. تانگهي پاڻيءَ مان کاڌو حاصل ڪرڻ لاءِ ھي گهڻي ڀاڱي گهمندو رھندو آھي. ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي عادت موجب ھڪ ٽنگ تي بيٺل حالت ۾ به نظر ايندو آھي. چٽوڙ جي ڊيگھه 93 کان 102 سينٽي ميٽر ۽ وزن 2.5 کان 3.5 ڪلو گرام تائين ھوندو آھي. چٽوڙ کي انگريزيءَ ۾ Painted Stork، اردو ۾ لنگ ڊوڪ لق لق ۽ سائنسي ٻوليءَ ۾ Mycteria leucocephala سڏيو ويندو آھي. سندس واسطو ڍينگ، تور يا لق لق جي خاندان (Ciconiidae Family) سان آھي. چٽوڙ جو نر ۽ مادي هڪجهڙا ٿين ٿا. ھڪ بالغ پکي جي پٺي، منڍي، ڪنڌ، ڳچي ۽ سينو اڇو، پر (Wings) ڪاري ۽ اڇي رنگ جي لھريدار چوڪڙين وارا ۽ پرن جي ٻاھرئين پاسي وارا کنڀ گلابي ٿيندا آھن. رنگين پرن ڪري مٿس چٽوڙ نالو رکيو ويو آھي. ھن جو گنجو مٿو نارنگي ڳاڙھو، ڊگهي، ٿلهي ۽ ٿورڙي ھيٺ تي مڙيل چھنب گلابي ڦڪي، اکيون ھيڊاڻ مائل نيريون سرمائي يا نيريون اڇيون، ٽنگون ۽ پير پيلاڻ مائل ڳاڙھا يا ناسي ڳاڙھا ٿيندا آھن. نسلي واڌ واري ڏينھن ۾ نر جو مٿو وڌيڪ ڳاڙھو ٿي پوندو آھي. ائين جسم جي ٻين حصن جا رنگ به تيز ۽ روشن ٿي پوندا اٿس. جڏهن ته نابالغ چٽوڙ جو رنگ ڌنڌلو ھوندو آھي.
چٽوڙ بنيادي طور لاڏائو پکي ته ناھي پر کاڌي جي اڻاٺ واري ڏينھن ۾ ويجهي مفاصلي تائين ضرور ويندو آھي. چٽوڙ پنھنجي جسماني بيھڪ سبب ھڪ خوبصورت ۽ رعبدار پکي ته آھي ئي پر ھن جي اڏام ۽ ٽور به پنھنجو مٽ پاڻ آھن. چٽوڙ جي ماڳ مڪان ۾ ڍنڍون ڍورا، کڏا کوٻا، تلاءَ، دُٻا، گپ چڪ، پوسل ۽ ريج وارا ميدان شامل آھن. جتي ھي پاڻيءَ مان پنھنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ مختلف قسم جون مڇيون، ڪوڏ، ڀونءِ آبي ۽ ريڙھياڪ جاندار ۽ جيت ڳوليندو رھندو آھي. سندس ڊگهيون ٽنگون پاڻي جهاڳڻ لاءِ ڏاڍيون ڪارائتيون ھونديون آھن. اھڙي نموني ھن جو ٺوڙھو مٿو به پاڻي ۽ گپ ۾ اندر ھڻڻ لاءِ ڏاڍو موزون ۽ سھولت وارو آھي. شڪار ھٿ ڪرڻ لاءِ چٽوڙ پنھنجي کليل چھنب پاڻيءَ ۾ وجهي ھيڏانھن ھوڏانھن ڦيرائيندو رھندو آھي ۽ شڪار جي چرپر جو احساس ٿيندي ئي ترت چھنب بند ڪري کيس قابو ڪري وٺندو آھي. ھي ڏينھن جو ۽ گهڻي ڀاڱي ٽولي سان گڏجي شڪار ڪندو آھي. رات جو وڻن تي واھيرو به ساٿين سان گڏجي ڪندو آھي. انڪري کيس سماجي پکي سڏيو ويندو آھي.
چٽوڙ جا پر ڊگها ۽ ويڪرا ٿيندا آھن جن جي مدد سان ھي ھوا ۾ سير ھڻندو آھي. ھن جي اڏام انتھائي خوبصورت ۽ شاندار تصور ڪئي ويندي آھي. چٽوڙ ھيٺاھينءَ تي رھندڙ پکي آھي پر کيس 1000 ميٽرن جي بلنديءَ تي به رھندي ڏٺو ويو آھي. ٻولڻ وقت پنھنجي چھنب کڙڪائيندو آھي ۽ نسلي واڌ وارن ڏينھن ۾ ته ھر قسم جي اشاري لاءِ رڳو چھنب کڙڪائڻ تي ڀاڙيندو آھي. چٽوڙ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، نيپال ۽ ڏکڻ چين ۾ ملندو آھي. انڪري ھن کي ايشيا کنڊ جو پکي چئي سگهجي ٿو. چٽوڙ جي نسلي واڌ اسان واري ڏاکڻين حصي ۾ نومبر کان مارچ تائين ٿيندي آھي. مادي کي متاثر ڪرڻ لاءِ چٽوڙ پنھنجي مٿي کي ھيٺ مٿي ڪندو ۽ چھنب کڙڪائيندو آھي. جوڙي جي چونڊ کانپوءِ جنسي ميلاپ ۽ آکيري ٺاھڻ جي شروعات ٿي ويندي آھي. آکيري لاءِ ڪنھن مناسب ھنڌ جي چونڊ ۽ ان جو بچاءُ نر جي ذميواري ھوندي آھي. چٽوڙ ڪيترن ئي قسمن جي پکين جيان پنھنجي نسلي واڌ اجتماعي طور ڪالونيون ٺاھي ڪندو آھي. جدا جدا وڻن تي ٺاھيل اھڙي ڪنھن ڪالونيءَ ۾ 100 کن آکيرا ھوندا آھن. ڪالوني ۾ اڪثر ڪري مختلف قسم جا ٻيا ڍينگ، (چٽوڙ به ڍينگ جو ئي ھڪ قسم آھي) ٻاراھيون ۽ ڪانئرا به شامل ھوندا آھن. چٽوڙ جو آکيرو بلڪل سادو سودو بس ڪاٺڙين جي ھڪ ڍيري جيان ھوندو آھي، پر اندران نرم گاھ ۽ ناڙا رکي کيس ڪنھن حد تائين سھنجو ۽ سولو ڪيو ويندو آھي.
مادي 3 يا 4 آنا لاھيندي آھي جن مٿان نر ماد گڏجي تقريبن مھيني تائين آرو ڪندا آھن. آنن مان ڦٽڻ وقت ٻچن جون اکيون بلڪل بند ھونديون آھن ۽ جسم تي کين کنڀ به نه ٿيندا آھن. منڍي ۽ چھنب ڪاري ھوندي اٿن. ڪجھه وقت کانپوءِ کين اڇا کنڀ ڦٽندا آھن. ٻچن کي ماءُ پيءُ گڏجي چڳائيندا آھن. چٽوڙ جي ٻچن کي سڀ کان وڏو خطرو ڪجھه شڪاري پکين ۽ ڪانون مان ھوندو آھي. ان کانسواءِ ھي معصوم ۽ گگدام کاڌي جي اڻاٺ ڪري به اڪثر مري ويندا آھن. چٽوڙ لاءِ ھن وقت وڏي ۾ وڏا خطرا آبي ماڳن جو خاتمو ۽ گدلاڻ، ٻچن ۽ آنن جو ضايع ٿيڻ يا کڄي وڃڻ ۽ شوقيا شڪار سمجهيا وڃن ٿا. اھوئي سبب آھي ته چٽوڙ جو انگ ڏينھون ڏينھن گهٽجي رھيو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *