تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي … چِپَ (Indian Silverbill) … خادم رند

ننڍڙي ۽ مضبوط جسم واري چِپَ سنڌ جو مقامي پکي آھي جنھن کي چِٽلي به سڏيو ويندو آھي. چپ جو پڇ ڊگهو ۽ چھنب داڻي خور پکين جيان ننڍڙي ۽ مضبوط ٿيندي آھي. ھي جيئن ته سماجي قسم جو پکي آھي تنھنڪري سموري حياتي پنھنجي مائٽن سان ملي جلي گذاريندي آھي. اھوئي سبب آھي ته چپ توهان کي ھرھنڌ ٽولي جي صورت ۾ ٻوليندي، چڳندي ۽ حرڪتون ڪندي نظر ايندي. چپ کي انگريزيءَ ۾ (Indian Silverbill) ۽ (White-throated Munia) سڏيو ويندو آھي. جڏهن ته اردو نالو سفيد گلا مُنيا ۽ سائنسي نالو (Euodice malabarica) اٿس. نسلي حوالي سان چپ جو لاڳاپو ننڍڙي جسامت وارين فنچن جي خاندان (Estrildidae Family) سان آھي. ھن خاندان ۾ 140 قسمن جا پکي شامل آھن جن مان سنڌ ۾ فقط 3 جنسون ملن ٿيون. ھڪ بالغ چپ جي ڊيگهھ 11 کان 11.5 سينٽي ميٽر ۽ وزن 10 کان 14 گرامن تائين ٿيندو آھي. ھن جا نر ماد هڪجهڙا ٿيندا آھن. چپ جو مٿيون حصو سرمائي ناسي ۽ ھيٺيون حصو ميٽوڙي ٿيندو آھي. سندس پٺيءَ جو آخري ڇيڙو (Rump) ڌنڌلو اڇو، پڇ جي چوٽي ڪاري ۽ چھنب سرمائي مائل چاندي رنگي (Silver-gray) ٿيندي آھي. چپ جي پڇ جي چوٽي چھنبياري ٿيندي آھي ڇاڪاڻ ته اڌ پڇ کانپوءِ وارا کنڀ ننڍڙا ٿيندا ويندا آھن.
چپ بنيادي طور وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جو پکي آھي. ان وسيع حدبنديءَ ۾ اردن، اسرائيل، ڪويت، عمان، قطر، سعودي عرب، گڏيل عرب عمارتون، پورٽوريڪو، پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، نيپال، سري لنڪا، آمريڪا جا ورجن ٻيٽ ۽ ڏکڻ فرانس جو علائقو نيس اچي وڃن ٿا. انکانسواءِ چپ کي دنيا جي ڪجهھ ٻين ملڪن ۽ پرڳڻن ۾ به متعارف ڪرايو ويو آھي. ھي جيئن ته انسان سان جلد رلي ملي ويندڙ ۽ ڪافي سخت جان پکي آھي تنھنڪري کيس ڌاري به سگهجي ٿو. چپ نيم ريگستان، ٻوڙن، ڊڀن، خشڪ وڻڪار ۽ شهري ماحول ۾ رھندڙ پکي آھي. ھي اڪثر ڪري 10 کان 12 پکين واري يا ان کان به وڏي ٽولي ۾ ڏسبي آھي. چپ زمين يا ھيٺاھن ٻوڙن ۽ گاھ جي ڏانڊين تان چڳندي آھي. چڳڻ وقت ھلڪي آواز ۾ مسلسل ٻوليندي به رھندي آھي. چپ پاڻي پيئڻ جي ڏاڍي تڪڙي ٿيندي آهي. بس ڍڪ مٿان ڍڪ ڀريندي ۽ ڳيت ڏيندي ويندي آھي. چپ جيئن ته داڻي خور پکي آھي تنھنڪري سندس کاڌخوراڪ ۾ مختلف قسم جا ٻج ۽ اناج شامل ھوندا آھن. ڪڏهن ڪڏهن جيتن جي وٽِ به وٺندي آھي ته گلن جا نيڪٽر به ڪتب آڻيندي آھي. چپ لڏپلاڻ ڪندڙ پکي نه آھي پر ھن جي ڪجهھ آبادي موسمي چرپر ڪندي رھندي آھي.
چپ جي نسلي واڌ مختلف علائقن ۾ ماحول جي مناسبت سان جدا جدا وقتن تي ٿيندي آھي پر اھڙو عمل ڊسمبر کان مارچ تائين جاري رھندو آھي. چپ پنھنجو آکيرو ٻوڙن، ڊڀن يا ڪنڊيدار وڻن ۾ ٺاھيندي آھي جيڪو گاھه مان تيار ٿيل ھڪ ڍري کينهون جيان ھوندو آھي. آکيري کي پاسي مان اچ وڃ لاءِ سوراخ ھوندو آھي. ھي ٻٻر يا ڪوري پکي جو آکيرو به استعمال ڪندي آھي. ڪڏهن ڪڏهن پنھنجو آکيرو ڳجهن ۽ ڍينگن جي آکيرن هيٺان جوڙيندي آھي. انکانسواءِ ورلي ٻين چِپُن جي آکيرن ۾ به آنا لاھي وٺندي آھي. پراڻا آکيرا وري سڄو سال واھيري لاءِ ڪتب آڻيندي آھي. چپ عام طور 4 کان 8 اڇي رنگ جا آنا لاھيندي آھي جن تي نرماد گڏجي 11 کان 12 ڏينھن تائين آرو ڪندا آھن. ٻچا 19 کن ڏينھن ۾ اڏام لائق ٿي ويندا آھن ۽ تقريبن ھفتي کانپوءِ آزاديءَ سان اڏامڻ شروع ڪري ڏيندا آھن. چپ جي عمر وڌ ۾ وڌ اٺن سالن تائين ٿيندي آھي. فطري ماحول جي تحفظ لاءِ جاکوڙيندڙ عالمي تنظيم انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر (IUCN) چپ جي نسل کي وڏي حد تائين محفوظ قرار ڏنو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *