تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي ….چِيچِڙو (Pied Bushchat)  ….خادم رند

جهرڪيءَ کان به ننڍڙو جيت خور چيچڙو سنڌ جو مقامي پکي آھي. (بدر ابڙي سنڌ جي جهنگلي جيوت نالي ڪتاب ۾ ھن کي ڪارو چِيھو ۽ ابلق ڦِدي سڏيو آھي) ٽارين تي ويھندڙ (Passerine) ڪارڙي رنگ جي ھن پکيءَ جي ڊيگهھ 13 سينٽي ميٽر ۽ وزن 15 گرامن تائين ٿيندو آھي. ھي اڪثر ڪري سرن، ڊڀن، ٻوڙن ۽ ننڍن ڪنڊيدار وڻن جي چوٽيءَ تي ويٺل نظر ايندو آھي. ننڍڙن پکين جيان ھي به ھر وقت ھُڙ ھُڙ ڪرڻ ۽ جيت پڪڙڻ ۾ مشغول رھندو آھي. چيچڙي کي انگريزيءَ ۾ (Pied Bushchat)، اردو ۾ جنگلي ڪالا پِدہ ۽ سائنسي ٻوليءَ ۾ (Saxicola caprata) سڏيو ويندو آھي. سندس واسطو جيت خور پکين جي خاندان (Musicapidae Family) سان آھي. ھن خاندان ۾ 324 قسمن جا پکي شامل آھن جن مان 20 کن جنسون سنڌ ۾ ملن ٿيون. چيچڙي جا نر ماد مٽيل ھوندا آھن. نر مجموعي طور ڪاري رنگ جو ٿيندو آھي. سندس پٺيءَ ۽ پيٽ جو پويون حصو اڇو، اکيون گهريون ناسي، چھنب ۽ ٽنگون ڪاريون ۽ پرن تي اڇا نشان ٿيندا اٿس. ماديءَ جو رنگ مجموعي طور ڌنڌلو يا ھلڪو ناسي ٿيندو آھي. سندس پرن تي اڇا نشان نه ٿيندا آھن. چيچڙي جا نابالغ ٻچا رنگ روپ ۾ پنھنجي ماءُ جهڙا ٿيندا آھن. 
چيچڙو اولھه ۽ وچ ايشيا کان ڏکڻ اوڀر ايشيا تائين ملي ٿو. ان جو مطلب تہ ھي رڳو ايشيا کنڊ تائين محدود رھندڙ پکي آھي. چيچڙي جون 16 کن ذيلي جنسون (Subspecies) پڻ ملن ٿيون. چيچڙو سرن، ڊڀن، ٻوڙن، ڪانڊيرن ۽ گاھ وارن علائقن جو پکي آھي. پنھنجي خاندان جي ٻين جيت خور پکين جيان ھن جو گذارو بہ مڪمل طور جيتن تي ھوندو آھي. چيچڙو پنھنجو شڪار گهڻي ڀاڱي زمين تان پڪڙيندو آھي پر وڻن ۽ ٻوٽن جي ھيٺاھين ٽارين تان به جيت جڻا جهٽي وٺندو آھي. مکيون ۽ پرن وارا ڪينئان چيچڙي جي من پسند خوراڪ ھوندا آھن. چيچڙي جي ٻولي ھلڪي ۽ سيٽي جي آواز جهڙي ٿيندي آھي، جيڪا ڳاڙھ ـ پُڇي ڪاري ڦوسڙي (Indian Robin) جي ٻوليءَ سان ملندڙ جلندڙ ٿيندي آھي. چيچڙو صبح ۽ شام جو سج لٿي ڌاري وڌيڪ ٻوليندو آھي. ٻولڻ جو مقصد تر ۾ موجود ساٿين سان رابطو ۽ پنھنجي حدن جي دعويٰ جو اظھار ڪرڻ ھوندو آھي. ھن جي ساٿين مان ڀلي ڪي جهلجي يا مري پون پر ھي پوءِ بہ پنھنجي عادت موجب باقاعدگيءَ سان ڳائيندو رھندو آھي. چيچڙو گهڻي ڀاڱي اڪيلو يا جوڙي ۾ ڏسبو آھي. 
چيچڙي جي نسلي واڌ فيبروريءَ کان آگسٽ تائين ٿيندي آھي پر مارچ کان جون تائين وارن ڏينھن ۾ گهڻي تيزي ھوندي آھي. جنسي عمل وارن ڏينھن ۾ نر ٻوڙن ۽ وڻن جي چوٽين تي ويھي ڳائيندو آھي ۽ پڇ کي کولي ڪرتب ڏيکاريندو آھي. انکانسواءِ پنھنجي اڇن کنڀن کي لهرائيندو ۽ اڏائيندو بہ رھندو آھي. چيچڙو پنھنجو آکيرو ڀتين جي ڏارن ۽ وھڪرن جي ڪنارن ۾ ٺھيل سوراخن ۾ ٺاھيندو آھي. پيالي جي شڪل جهڙي آکيري لاءِ گاھ ۽ جانورن جا وار ڪتب آڻيندو آھي. مادي 2 کان 5 مخروطي شڪل جا آنا لاھيندي آھي جن جو رنگ ھيڊاڻ يا نيراڻ مائل اڇو يا وري ڌنڌلو گلابي ٿيندو آھي. آنن مٿان گهڻي ڀاڱي مادي ئي 12 کان 13 ڏينھن تائين آرو ڪندي آھي. 

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *