تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي …چوٽير ڪونج …(Demoiselle Crane) خادم رند

پکين تي کوجنا ڪندڙ ھڪ عالمي اداري سنڌ جي پکين واري فهرست ۾ ٽن ڪونجن جو ذڪر ڪيو آھي. جن مان ھڪ چوٽير ڪونج به آھي. واضع رھي ته فهرست ۾ ڄاڻايل ٽئي ڪونجون سياري واري ڏينھن ۾ لڏپلاڻ ڪري سنڌ پهچنديون آھن. ڪونج کي دنيا جي ڪيترن ئي سماجن جيان سنڌ ۾ به خوبصورتي، وفاداري ۽ وڇوڙي جي علامت طور ڏٺو ويندو آھي. ڪنھن خوبصورت عورت کي ڪونج سان تشبيھه ڏني ويندي آھي ۽ ڪونج جيان ڊگهي ڳچي واري عورت کي حسين تصور ڪيو ويندو آھي. اھڙي نموني سڄي حياتي پنھنجي ساٿيءَ سان ساٿ نڀائڻ ۽ خوبصورت ناچ ڪري به ڪونج کي گهڻو پسند ڪبو آھي. چوٽير ڪونج کي انگريزيءَ ۾ Demoiselle Crane، اردو ۾ دوشيزهه ڪونج ۽ سائنسي ٻولي ۾ Grus virgo سڏيو ويندو آھي. سندس واسطو ڪونجن جي خاندان (Gruidae Family) سان آھي. چوٽير ڪونج دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي ڪونج آھي ۽ ھي ڏسڻ ۾ عام ڪونج (Common Crane) جهڙي لڳندي آھي پر ان کان جسامت ۾ ڪجھه ننڍي ٿيندي آھي. چوٽير ڪونج جا نر ماد هڪجهڙا ٿيندا آھن. بالغ پکي جي ڊيگهھ 85 کان 100 سينٽي ميٽر، پرن جي پکيڙ 155 کان 180 سينٽي ميٽر ۽ وزن 1 کان 2 ڪلوگرام تائين ھوندو آھي. چوٽير ڪونج جو رنگ سرمائي ٿيندو آھي. پرن جون چوٽيون ڪاريون ٿينديون اٿس. منڍي، ڪنڌ ۽ ڳچيءَ جو رنگ پڻ ڪارو ھوندو اٿس. ڳچيءَ وارا کنڀ سيني تائين لڙڪيل ٿيندا اٿس جنھنڪري ھي ڏاڍي خوبصورت لڳندي آھي. ڪياڙي وٽان اڇن کنڀن جي چڳ به واھه جو ٺھندي اٿس. ننڍي ۽ سڌي سرمائي چھنب جي چوٽي ڳاڙھسري، اکيون نارنگي ڳاڙھيون ۽ ٽنگون ۽ پير ڪارڙا ھوندا اٿس. آڱريون ننڍيون ھجڻ ڪري ھي ڏاڍو تيز ڊوڙي سگهندي آھي.
چوٽير ڪونج وچ ايشيا، منگوليا ۽ ڏکڻ اوڀر يورپ جو پکي آھي. سياري ۾ اتان جي شديد ٿڌ کان بچڻ لاءِ ھي اتر اوڀر آفريڪا، ننڍي کنڊ، برما ۽ چين ۾ اچي پناھه وٺندي آھي. آگسٽ مھيني ۾ ھي ڀارت طرف لڏپلاڻ ڪندي خيبر پختونخوا ۽ پنجاب صوبن مٿان گذرندي آھي ۽ ٿورو عرصو ات قيام پڻ ڪندي آھي. چوٽير ڪونج اڏام وقت ٻين ڪونجن جيان پنھنجو مٿو ۽ ٽنگون سڌيون رکندي آھي. ھن جي لڏپلاڻ شاندار ھجڻ سان گڏ ڏاڍي ڏکي پڻ ھوندي آھي. وڏن وڳرن تي مشتمل اھا لڏپلاڻ 16 کان 26 ھزار فوٽن جي بلنديءَ تان گذرندي آھي. ان دؤران دنيا جي اونچي ترين جابلو سلسلي ھماليا کي به پار ڪيو ويندو آھي. ڏکي اڏام ڪري ڪيتريون ئي ڪونجيون شديد ٿڪ ۽ نستائي ڪري مري وينديون آھن. گهڻين کي وري سونهري عقاب شڪار ڪري ڇڏيندو آھي. اھڙن خطرناڪ ۽ موتمار مرحلن کانپوءِ جڏهن ھت پهچنديون آھن ته بيشمار بندوقون سندن اوسيئڙي ۾ ھونديون آھن. واضع رھي ته پکين سان خراب ورتاءُ جي حوالي سان پاڪستان جو عالمي سطح تي ڪو چڱو تعارف نه جڙي سگهيو آھي. اھو ئي سبب آھي ته ڪونجن جي وڏي اڪثريت پاڪستان مٿان اڏامي ڀارت پهچي وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته اتي کين تحفظ مهيا ٿئي ٿو. خاص طور راجستان جا ماڻهو اناج جي ڀريل ٻورين سميت سندن گرمجوشيءَ ۽ پاٻوھه سان آڌر ڀاءُ ڪندا آھن. مارچ ۽ اپريل مھينن ۾ انساني وحشت کان بچي ويل ڪونجڙيون واپسيءَ جو دڳ وٺنديون آھن.
چوٽير ڪونج پنھنجي نسلي واڌ لاءِ ڪنھن گاھه واري ۽ خشڪ جڳھه جي چونڊ ڪندي آھي، جيڪو ئي اصل ۾ ھن جو آکيرو ھوندو آھي. آنن کي مخالف ۽ دشمن جي نظرن کان اوجهل رکڻ لاءِ ڪيمو فلاج طور آکيري ڀرسان سنهيون پٿريون ۽ گاھه رکندي آھي ته جيئن اھي ماحول سان هڪجهڙائي يا مطابقت رکي سگهن. مادي 2 آنا لاھيندي آھي جن مٿان نرماد واري وٽيءَ سان 27 کان 29 ڏينھن تائين آرو پچائيندا آھن. ٻچا آنن مان ڦٽڻ کانپوءِ ٿورن ئي ڏينھن ۾ ماءُ پيءُ جو پيڇو ڪندا آھن ۽ 55 کان 65 ڏينھن ۾ اڏام لائق ٿي ويندا آھن. ڪنھن وڏي جسامت واري پکي جي ٻچن جي اڏام لاءِ اھي گهٽ ڏينھن تصور ڪيا ويندا آھن. ٻچا ٻن سالن تائين بلوغت تائين رسي ويندا آھن. پاڪستان ۾ ڪونجن جو حال (۽ شايد مستقبل به) ته يقينن غير محفوظ آھي پر دنيا جي ٻين ملڪن جي بهتر ۽ ماحول دوست رويي ڪري عالمي تنظيم IUCN چوٽير ڪونج جي نسل کي وڏي حد تائين محفوظ سمجهي رھي آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *