تازا ترين
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي … چوٽير چنڊول(Crested Lark) … خادم رند

چوٽير چنڊول جنھن کي چوٽير ھُڙيو، ڍولير ۽ چُرڪانڊي به سڏجي سنڌ جو مقامي پکي آھي. ڪي ماڻهو ته ھن کي جهرڙ به سڏيندا آھن جيتوڻيڪ جهرڙ اسان وٽ ھڪ ٻي پکي (Ashy-crowned Sparrow -lark) کي سڏيو ويندو آھي. چوٽير چنڊول تي اھو نالو سندس خوبصورت چوٽيءَ جي ڪري پيو آھي جيڪا ٻوليندي يا مادي سان قربت دؤران ڪرتب ڏيکاريندي اُڀي ٿي ويندي آھي. چوٽيءَ جي ڪري ھي پنھنجي خاندان جي ٻين پکين کان مٽيل ۽ منفرد لڳندو آھي. چوٽير چنڊول جي چھنب ڪجهھ وڏڙي، پڇ ننڍڙو، چوٽي چھنبياري ۽ سندس چھنب جو ھيٺيون حصو سڌو ٿيندو آھي. مڌر ٻولي واري چنڊول خاندان (Allaudidae Family) جي پکين ۾ رنگ ته ڪافي قسمن جا ھوندا آھن پر مڙئي رنگ زمين جي مقامي رنگت سان ملندڙ جلندڙ ٿيندا آھن. پوءِ به سڀ کان عام رنگ ناسي ۽ سرمائي ھوندو آھي. اھڙي مخصوص رنگت چنڊولن کي ويري جاندارن ۽ شڪارين کان محفوظ رکڻ ۾ مددگار ٿيندي آھي.
چوٽير چنڊول عام طور گهٽ ساوڪ وارن ميدانن، پوکن، روڊ رستن يا ريلوي لائين سان نظر ايندو آھي. چوٽير چنڊول جي جسامت عام چنڊول (Eurasia Skylark) جيتري ئي ٿيندي آھي پر ان کان ھي وڌيڪ بج وارو ٿيندو آھي. چوٽير چنڊول کي انگريزيءَ ۾ (Crested Lark)، اردو ۾ تاجدار چنڊول ۽ سائنسي ٻوليءَ ۾ (Galerida cristata) سڏبو آھي. سندس ماپ 17 کان 19 سينٽي ميٽر، پرن جي پکيڙ 29 کان 38 سينٽي ميٽرن ۽ وزن 37 کان 55 گرام ٿيندو آھي. ھن جا نر ماد هڪجهڙا ٿيندا آھن. چوٽير چنڊول جو رنگ مجموعي طور ھلڪو ناسي ھوندو آھي. کيس اک جي مٿان اڇو نشان ۽ ڇاتيءَ تي گهرا ناسي لينگها ٿيندا آھن. چوٽير چنڊول ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا کنڊ ۾ پورچوگال کان اوڀر چين ۽ اوڀر ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا کان نائيجر تائين ملندو آھي. ھن جون دنيا ۾ 33 ذيلي جنسون (Subspecies) پڻ ملن ٿيون. ھي گهڻي ڀاڱي زمين، وڻن ۽ تارن تي ويٺل نظر ايندو آھي. چوٽير چنڊول لڏپلاڻي (Migratory) پکي ناهي. ھي بنيادي طور ٻوليندڙ پکي آھي جيڪو زمين کان وڌيڪ اڏام دؤران ٻوليندو آھي. سندس اڏام اٽڪل 30 کان 60 ميٽرن جي وچ واري بلنديءَ تائين ھوندي آھي. اڏام دؤران ھن جا اندريان پر ڳاڙھسرا نظر ايندا آھن.
چوٽير چنڊول جو مک کاڌو داڻو ۽ اناج خاص طور ڪڻڪ، مڪئي ۽ جَوَ تي ٻڌل ھوندو آھي پر ھي جيت جڻا خاص طور ٽنڊاڻيون به کائيندو آھي. ھي زمين تان ۽ زمين کوٽي اندران کاڌو حاصل ڪندو آھي. چوٽير چنڊول جي نسلي واڌ دنيا جي مختلف حصن ۾ جدا جدا وقتن تي پر مجموعي طور اپريل کان جولاءِ مھينن تائين ٿيندي آھي. ھي سال ۾ 2 تور پيدا ڪندو آھي. چوٽير چنڊول عام طور پنھنجو آکيرو غير آباد زمين ۽ انساني وسندين جي ويجهو زمين ۾ کڏڙي کوٽي ٺاھيندو آھي. آکيري جي جوڙجڪ ۾ سڪل گاھه ۽ پاڙون ڪتب آڻيندو آھي. مادي 3 کان 5 ناسي رنگ جا آنا لاھي مٿن 11 کان 12 ڏينھن تائين آرو ڪندي آھي. ٻچا آنن مان ڦٽڻ جي تقريبن اٺن ڏينھن کانپوءِ آکيري مان ٻاھر نڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آھن ۽ 15 يا 16 ڏينھن ۾ اڏام لائق ٿي ويندا آھن. ٻچن کي ماءُ پيءُ گڏجي چوڳو ڏيندا آھن. واضع رھي تہ اڪثر چنڊولن جيان چوٽير چنڊول جا ٻچا به جلد آکيرو ڇڏيندا آھن. فطرتي ماحول جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر چوٽير چنڊول لاءِ ليسٽ ڪنسرن (LC) اسٽيٽس ڄاڻايو آھي. جنھن جو مطلب ته سندس وجود کي ھن وقت ڪو وڏو خطرو درپيش ناهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *