تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي … ڄِٻرو Spotted Owlet … خادم رند

ننڍي جسامت وارو ھي چٻرو سنڌ جو مقامي پکي آھي. چٻري کانسواءِ ھن کي چُغل ۽ چغد جي نالن سان به سڏيو ويندو آھي. ھن جو مٿو گول ۽ ڪن ۽ اکيون منھن جي سامهون ٿينديون آھن. جڏهن ته پڇ ننڍو ۽ چھنب ننڍي ۽ نوڪدار ٿيندي اٿس جيڪا ننڍڙن کنڀن سان گهيريل ھوندي آھي. چٻرو به باز خاندان جي پکين جيان شڪاري پکي آھي. باز ڏينھن جي روشنيءَ ۾ پر ھي رات جي اونداھيءَ ۾ شڪار ڪندو آھي. ڏينھن جو ھي وڻن جي پورن ۽ سوراخن يا ٽارين تي ويٺو آرام ڪندو آھي ۽ جيئن ئي رات ٿيندي آهي ته پيٽ پوڄا لاءِ جاکوڙ شروع ڪري ڏيندو آھي. ان مقصد لاءِ فطرت کيس تمام تيز نظر ڏني آھي ته جيئن رات جي اونداهيءَ ۾ آساني سان شڪار ڪري سگهي. ٻيا پکي انسان جيان رڳو اڳيان ۽ پاسن کان ڏسي سگهندا آھن پر چٻري ۾ عجيب خاصيت آھي ته ھي منڍيءَ کي مڪمل گولائي ۾ ڦيرائي پنھنجي پويان به ڏسي سگهندو آھي. باقي ھن کي پنھنجي ويجهو ڪجھه انچن تائين ڪجهھ به نظر نه ايندو آھي. رات جو ٻاھر نڪرڻ ڪري ھي ڏينھن جو ورلي ئي ڏسبو آھي. نر کي چٻرو ۽ مادي کي چٻ سڏيو ويندو آھي. رات جو ٻاھر نڪرڻ، ويران ھنڌن تي رھڻ، ٽڪ ٻڌي گهوري ڏسڻ ۽ پراسرار چيخ نما آواز ڪڍڻ سبب ماڻهو چٻري کي نڀاڳو پکي سمجهندا آھن. ان جي ابتڙ اولھه واري سماجن ۾ ھي وري عقل ۽ ڏاھپ جي علامت سمجهو ويندو آھي.
چٻري کي انگريزيءَ ۾ Spotted Owlet ءِ Spotted Little Owl سڏيو ويندو آھي. جڏهن ته سائنسي نالو Athene brama اٿس. ھن جو واسطو چٻرن جي خاندان (Strigidae Family) سان آھي. ھن خاندان ۾ 189 قسمن جا چٻرا شامل آھن جيڪي اينٽارڪٽيڪا کانسواءِ دنيا جي سڀني کنڊن ۾ ملن ٿا. دنيا ۾ چٻرن جو ٻيو خاندان به ملي ٿو جنھن کي (Tytonidae Family) سڏيو ويندو آھي. ٻنھي خاندان جي چٻرن ۾ جيئن ته ڪجھه بنيادي قسم جا فرق ھوندا آھن تنھنڪري پکين جي ماھرن (Ornithologists) کين ٻن الڳ الڳ گروھن ۾ ورھائي ڇڏيو آھي.
چٻري جي ڊيگھه 19 کان 21 سينٽي ميٽر، پرن جي پکيڙ 143 کان 171 سينٽي ميٽر، وزن 110 کان 114 گرام ۽ پڇ جي ڊيگھه 65 کان 93 ملي ميٽر ٿيندي آھي. چٻري جو رنگ سرمائي ناسي ٿيندو آھي جنھن تي اڇي رنگ جا چٽڪا ھوندا آھن. ڀرون به اڇا ٿيندا اٿس ۽ پيٽ تي ڌاريون ٺهيل ھونديون اٿس. وڏيون ۽ گول اکيون ھيڊيون ۽ چھنب ساواڻ مائل ھيڊي ھوندي اٿس. جڏهن ته کاڏي ۽ ڳچيءَ جا اڳيان حصا اڇا ۽ پير ميرانجهڙا ھيڊا ٿيندا اٿس. مادي نر جي ڀيٽ ۾ ٿورڙي وڏي ٿيندي آھي. چٻري جي نه رڳو ڏسڻ پر سنگهڻ جي حس به ڏاڍي تيز ٿيندي آھي. ھي عام طور جوڙي ۾ يا ننڍي ٽولي سان ٻاھر نڪرندو آھي. ھن جا کنڀ تمام نرم ۽ بخملي ٿيندا آھن. چٻري جي اڏام لهريدار ٿيندي آھي ۽ ھي اڏام وقت تڪڙا تڪڙا پر ھڻڻ کانپوءِ کين ھڪ ھنڌ بيھاري به ڇڏيندو آھي. ھن جو آواز يا ٻولي ڪافي تيز ۽ اڻوڻندڙ ٿيندي آھي.
چٻري جي کاڌ خوراڪ ۾ ٽنڊڻ، ڀنڀوريون، ڪينئان، ڪرڙيون، ڪوئا، ڪجھه کير ڌارائيندڙ جاندار ۽ ننڍڙا پکي شامل ھوندا آھن. ھي عام طور وڻن جي پورن ۽ ٽارين تان اڏامي شڪار ڪندو آھي پر ڪڏهن ڪڏهن اڏامندي به جيت وغيره جهٽي وٺندو آھي. پولن تي لڳل بلبن جي روشني تي گڏ ٿيل جيتن کي به پنھنجي خوراڪ بڻائيندو آھي. چٻرو پنھنجي شڪار کي سڄي جو سڄو ڳھي ويندو آھي ۽ ڪجھه ڪلاڪن کانپوءِ ڳڙڪايل جاندار جا کنڀ، پر، ھڏيون وغيره ھڪ گولائي ڳوڙھي جي صورت ۾ واتان ڪڍي ڦٽي ڪري ڇڏيندو آھي. چٻري لاءِ سنڌ ۾ مشھور آھي ته چؤماسي وارن ڏينھن ۾ کيس مينھن جي اڳواٽ سڌ پئجي ويندي آھي تنھنڪري ھي رات کانسواءِ ڏينھن جو به ٻولڻ لڳندو آھي. خاص طور مادي گهڻو ٻوليندي آھي.
چٻرو ڏکڻ ايشيا ۾ ايران کان ويٽنام تائين (سواءِ ٿائيلينڊ ۽ ملائيشيا) ملندو آھي پر ھن جو سڀ کان وڏو تعداد ننڍي کنڊ ۾ ٻڌايو وڃي ٿو. چٻرو عام طور کليل ۽ نيم کليل
ماحول، نيم صحرائي ۽ ٽاڪرو علائقن، قبرستانن، ڳوٺن ۽ پوکن ۾ رھڻ پسند ڪندو آهي. پر ھي گهاٽن وڻن وارن ٻيلن کان لهرائيندو آھي. سنڌ ۾ ھي سڀ کان وڌيڪ ٿر واري علائقي ۾ ملي ٿو. چٻري جي نسلي واڌ نومبر کان مارچ تائين ٿيندي آھي. ھي پنھنجو آکيرو وڻ جي ٿڙ ۽ ٿلھن ڏارن ۾ فطري طور پيدا ٿيل سوراخن يا پورن ۽ عمارتن جي اونداھن جارن يا شگافن ۾ ٺاهيندو آھي. آکيري ۾ ڪڏهن گاھه ۽ کنڀ به رکندو آھي. ڪانءُ ۽ ڪجھه شڪاري پکين جا آکيرا به استعمال ڪندو آھي. چٻ عام طور 2 کان 3 ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنجن تائين مخروطي شڪل وارا آنا لاھيندي آھي. آرو 32 کان 36 ڏينھن تائين جاري رھندو آھي. آرو جيئن ته پهرئين آني سان ئي شروع ٿيندو آھي تنھنڪري اڳ ۾ ڦٽندڙ ٻچو پوءِ وارن کان وڏو لڳندو آھي.
چٻري جي عمر عام طور وڏي سمجهي وڃي ٿي پر پنھنجي فطري ماحول ۾ چٻرن جا ڪجھه قسم 9 سالن جي عمر تائين مس پهچي سگهن ٿا. چٻرو پنھنجي علائقن ۾ جيئن ته ججهي تعداد ۾ رھي ٿو تنھنڪري سندس نسل کي ھن وقت ڪو وڏو خطرو درپيش نٿو سمجهو وڃي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *