تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي … ٽِڪلو (Green Bee-eater) … خادم رند

سنهڙي چھنب ۽ سنھي جسم وارو ٽِڪِلو سنڌ جو مقامي مک خور پکي آھي. ھن کي ننڍو ٽِڪلو، ٽِرِڪلو ۽ سر چيھو پڻ سڏيو ويندو آھي. ڪاري چھنب، سائي رنگ ۽ پڇ جي سنھن ۽ ڊگهن کنڀن ڪري ھي پري کان پڌرو ھوندو آھي. باقي پڇ کان تقريبن 2 انچ وڌيل اھي سنھا کنڀ ٽڪلي جي خاص سڃاڻپ ھوندا آھن، جيڪي کيس تيز ترين گهتن دؤران توازن قائم رکڻ ۾ مددگار ٿيندا آھن. ٽڪلو اڪثر ڪري بجليءَ جي ڪنھن تار تي ٽولي جي صورت ۾ ويٺل يا ھوا ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن ۽ ھيٺ مٿي گُهتون ھڻندي ڏسبو آھي. ٽڪلي کي انگريزي ۾ (Green Bee-eater) ۽ (little Green Bee-eater)، اردو ۾ ڇوٽا سبز مگس خور ۽ سائنسي ٻوليءَ ۾ (Merops orientalis) سڏيو ويندو آھي. سندس واسطو ٽڪلن جي خاندان (Meropidae Famly) سان آھي. ٽڪلي جي ڊيگھ وڌيل پڇ سميت 16 کان 18 سينٽي ميٽر، پرن جي پکيڙ 29 کان 30 سينٽي ميٽر ۽ وزن 15 کان 20 گرام ٿيندو آھي.
ٽڪلي جا نر ماد لڳ ڀڳ هڪجهڙا ٿيندا آھن. ھڪ بالغ ٽڪلي جو بدن مجموعي طور چٽو سائو، کاڏي ۽ ڳلو نيرو، مٿو ۽ پٺي سونهري سروٽي ۽ اڏام وارا پر سروٽي ٿيندا آھن. سندس سنھي ۽ ٿوري مڙيل چھنب ڪاري، ٽنگون تيز سرمائي ۽ اکيون تيز ڳاڙھيون ھونديون آھن. ڳچيءَ ۾ سنھو ۽ ڪارو ڪنٺ ۽ اکين مٿان چھنب کان ڪياڙيءَ تائين ڪارو ليڪو به ھوندو اٿس جيڪو کيس اکين ۾ ڪجل جيان ڀاسندو آھي. مطلب ته ٻين ٽڪلن جيان ھن ٽڪلي جا رنگ به ڏاڍا سهڻا ۽ وڻندڙ ٿيندا آھن. موسم جي حساب سان پنھنجا رنگ مٽائيندو آھي. ٽڪلي جون ڪجهھ ذيلي جنسون (Subspecies) به ٿينديون آھن. ٽڪلو دنيا جي وڏي حصي آفريڪا جي نيم ريگستاني علائقن سينيگال، گيمبيا ۽ اٿوپيا کان نيل ماٿري تائين ۽ اولهھ عرب کان ايشيا جي پاڪستان۽ ڀارت کان ويٽنام تائين ملي ٿو. ٽڪلو کليل ميدانن ۽ ڇڊي اوڀڙ واري گرم ۽ خشڪ علائقن جو پکي آھي. مينھن وسڻ جي صورت ۾ ڪنھن خشڪ علائقي ڏانھن ھليو ويندو آھي. وڻن جي ڀيٽ ۾ ھي تارن ۽ جهنگلن تي وڌيڪ ويھندو آھي. ٽڪلو ٽولي جي صورت ّ۾ ڊسڙ واري زمين تي ليٿڙندي نه نظر ايندو آھي. ان جو سبب سندس جسم جي اضافي تيل جو خاتمو ٻڌايو وڃي ٿو. ٽڪلو اڪثر ڪري ھڪ ميٽر کان به گهٽ اونچائيءَ تان شڪار ڪندو آھي. ھن جي اڏام جي رفتار عام طور 42 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ھوندي آھي. پنھنجي خاندان جي ٻين ٽڪلن جي ڀيٽ ۾ ھي پاڻيءَ کان تمام پري وارن علائقن ۾ به ملي ويندو آھي. ڪڏهن ڪڏهن ته ھن کي ھماليا جبل جي 5000 کان 6000 فوٽن جي اونچائي وارن علائقن ۾ به ڏٺو ويندو آھي. ٽڪلو گهڻي ڀاڱي اڏامندي ٻوليندو آھي. سندس ٻولي ”ٽِري…… ٽِري….. ٽِري…… ٽِري“ آوازن جهڙي ھوندي آھي. ٽڪلو پنھنجي علائقي ۾ وڏي مقدار ۾ ملندڙ پکي آھي. ٽڪلي جا پير ڪمزور ٿيندا آھن ڇاڪاڻ ته سندس ٽئي آڱريون منڍ ۾ ھڪٻئي سان جڙيل ھونديون آھن. ھي لاڏائو پکي ته ناهي پر موسمي حالتن ڪري ھيڏانھن ھوڏانھن ايندو ويندو رھندو آھي. ٽڪلا جيئن ته سماجي خاصيتن وارا پکي آھن تنھنڪري ولر ٺاھي پاڻ ۾ گڏجي رھندا آهن.
ٽڪلي جي کاڌ خوراڪ ۾ مختلف قسمن جو مکيون ۽ جيت شامل ھوندا آھن. ھي فصلن کي نقصان پهچائيندڙ جيت جڻا کائي ناس ڪندو آھي تنھنڪري کيس ھاري دوست پکي سمجهو ويندو آھي. ٽڪلي جي نسلي واڌ بھار کان سانوڻي جي مينھن تائين ٿيندي آھي. ھي پنھنجو آکيرو ڪنھن نرم مٽي جي ڪناري يا دڙي ۾ چر يا سرنگ کوٽي ٺاھيندو آھي. سرنگ جي کوٽائي ۾ ٽڪلا ھڪٻئي جي مدد ڪندا آھن. 5 يا 6 فوٽن تائين اونهي سرنگ جي آخري حصي ۾ مادي مٽيءَ تي ئي آنا لاھيندي آھي. ٽڪلا پنھنجي نسلي واڌ ڪالونين جي صورت ۾ گڏيل نموني ڪندا اھن. اھڙي ڪنھن ھڪ ڪالوني ۾ 20 کان 30 يا ان کان مٿي جوڙا به شامل ٿي سگهن ٿا. مادي 3 کان 5 گول ۽ چمڪيلا اڇا آنا لاھيندي آھي جن مٿان گهڻو ڪري پاڻ ئي 18 کان 22 ڏينھن تائين آرو ڪندي آھي. چوزا آنن مان ڦٽڻ جي 3 کان 4 ھفتن ۾ وڏڙن پاران ٺاھيل سرنگ کان موڪلائي ھليا ويندا آھن. ٽڪلي جي عمر عام طور 12 کان 18 سالن تائين ٿيندي آھي. فطري ماحول جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم (IUCN) ٽڪلي جي نسل کي وڏي حد تائين محفوظ قرار ڏنو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *