تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي ….ٽيٽيھر Red-wattled Lapwing….خادم رند

تيز آواز ۽ منفرد عادتن وارو ٽيٽيھر سنڌ جو مقامي پکي آھي. ھي ايترو ته عام پکي آھي جو توهان کي سموري سنڌ جي تانگهي پاڻيءَ وارين ڇرن، ھر ڏنل ٻنين، گاھه وارن ميدانن ۽ ننڍن وڏن آبي ماڳن وٽ نظر ايندو. ھي جيئن ته ڇاڇري (Wading) پکي آھي تنھنڪري پنھنجي کاڌ خوراڪ لاءِ کيس گهڻي ڀاڱي پاڻيءَ تي ڀاڙڻو پوي ٿو. ٽيٽيھر عام طور جوڙي يا ننڍي گروھه جي صورت ۾ ڏسبو آھي. ڪڏهن ڪڏهن وڏي گروھه ۾ به نظر ايندو آھي. ھن کي انگريزيءَ ۾ Red-wattled Lapwing، اردو ۾ سرخ گوشه ٽيٽري ۽ سائنسي ٻولي ۾ Vanellus indicus سڏيو ويندو آھي. پکين جي ماھرن سندس واسطو ٽيٽن ۽ ٽيٽيھرن جي خاندان سان (Charadnidae Family) سان جوڙيو آھي. ھن خاندان ۾ 60 کان مٿي قسمن جا پکي شامل آھن. ٽيٽيھر جا نر ۽ مادي هڪجهڙا ٿيندا آھن. بالغ ٽيٽيھر جي پٺي ۽ پر ناسي، مٿو، سينو ۽ ڪنڌ ڪارو، اک کان ھيٺ وارو حصو، ڪياڙي، ڪلھا ۽ پيٽ اڇو، چھنب ۽ پاپڙي ڳاڙھي ۽ ٽنگون ھيڊيون ٿينديون آھن. سندس ننڍي پڇ جي چوٽي ڪاري ھوندي آھي. ھن جي ڊيگھه 33 کان 35 سينٽي ميٽر، پرن جي پکيڙ 80 کان 82 سينٽي ميٽر ۽ وزن 110 کان 230 گرام ٿيندو آھي. پنھنجي خاندان جي ٻين ٽيٽيھرن جيان ھي بہ سموري زندگي ميدان تي گذاريندو آھي ڇاڪاڻ ته ڪو به ٽيٽيھر وڻ تي ويھي نه سگهندو آھي.
ٽيٽيھر رڳو پاڪستان، ھندستان، بنگلاديش ۽ نيپال ۾ ملي ٿو تنھنڪري عالمي سطح تي کيس ايشيائي پکي ڪوٺيو ويندو آھي. ھن جي اڏام عام طور ڍري ھوندي آھي پر ٿوري وقت لاءِ تيز به اڏامي وٺندو آھي. ٽيٽيھر لاءِ مشھور آھي ته ھي رات جو به چڳندو آھي ۽ چانڊوڪي راتين ۾ گهڻو چست رھندو آھي. ھي ڏينھن ھجي يا رات جڏهن ڪنھن ساھواري جي چرپر ڏسندو يا محسوس ڪندو آھي ته تيز ۽ چڀندڙ آواز ۾ ٻولڻ شروع ڪندو آھي. اھوئي سبب آھي ته سنڌ جا ڀاڳيا رات جي وڳڙي ٽيٽيھر جو آواز ٻڌي هوشيار ٿي ويندا آھن. ھي نسلي واڌ وارن ڏينھن ۾ ته وڌيڪ ٻوليندو آھي. ايتري پراسرار ۽ مسلسل خبرداري گهڻي تحقيق طلب آھي. کاڌي ۾ ٽيٽيھر مختلف قسمن جا جيت، ڪوڏ ۽ ڪجھه بنا ڪرنگهي وارا جاندار ڪتب آڻيندو آھي. انکانسواءِ ٿورو گهڻو اناج به کائيندو آھي.
ٽيٽيھر جي نسلي واڌ مارچ کان آگسٽ تائين ٿيندي آھي. اھڙن مخصوص ڏينھن ۾ نر کنڀ اڀا ڪري، ماديءَ جي چوڌاري ڦيرا ڏئي ۽ چھنب ملائي پنھنجي قربت جو اظھار ڪندو آھي. ٽيٽيھر آکيرو نه جوڙيندو آھي. ھن جي مادي زمين تي ئي ڪنھن گاھ، کيڙي يا اوٽ واري جڳھه تي آنا لاھي پنھنجي نسل کي اڳتي وڌائيندي آھي. ان کانسواءِ ھي ريلوي لائين ويجهو وڇايل پٿرن ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهرن جي ڇتين تي به آنا لاھيندي آھي. جڏهن ريل ايندي آھي ته ھوءَ عارضي طور آنا ڇڏي اڏري ويندي آھي. زمين تي لٿل آنن کي ڳولهڻ جيتوڻيڪ سولو ته نه ھوندو آھي پر پوءِ به ڪڙمين ۽ ھارين جي ڪم ڪار يا بي خيالي سبب ضايع ٿيندا رھندا آھن. ٽيٽيھر جي آنن کي سڀ کان وڏو خطرو نورن، ڪانون ۽ سرڻين مان ھوندو آھي. اندازو لڳايو ويو آھي ته ٽيٽيھر جا اٽڪل 40 سيڪڙو آنا ضايع ٿي وڃن ٿا. آنن جي ڀيٽ ۾ ٻچا ڪافي حد تائين محفوظ رھندا آھن. ڪنھن شڪاري کي ڀلائڻ يا ڌوڪو ڏيڻ لاءِ ٽيٽيھر چالاڪي ڏيکاريندي پنھنجي آنن کان پري وڃي آواز ڪندو آھي ته جيئن دشمن سمجهي ته آنا اتي آھن. انکانسواءِ ھي خطري جي وقت شور مچائيندو ۽ مخالف مٿان جهڙپ پڻ ھڻندو آھي. ٽيٽيھر ٻچن کي پاڻي پيارڻ لاءِ ٻين ٽيٽيھرن جيان پنھنجي پيٽ وارا کنڀ پُسائي ايندو آھي ۽ اھڙا آلا کنڀ گرم ڏينھن ۾ آنن کي ٿڌي رکڻ جو ڪم پڻ ڪندا آھن.
ٽيٽيھر جي مادي 3 کان 4 آنا لاھيندي آھي. آنن مٿان نر ۽ مادي واري وٽيءَ سان 28 کان 30 ڏينھن تائين آرو ڪندا آھن. مشاھدو ڪيو ويو آھي ته منجهند واري وقت نر ماديءَ کي سخت گرمي کان بچائڻ لاءِ پاڻ آري تي ويھندو آھي. ٻچا آنن مان ڦٽڻ کانپوءِ ترت ئي کاڌي لاءِ ماءُ پيءُ جو پيڇو ڪندا آھن ۽ ڪنھن خطري واري وقت زمين تي ڇپ ھڻي ويھي رھندا آھن يا گاھه وغيره ۾ لڪي ويندا آھن. خوشي جي ڳالھه اھا آھي ته ٽيٽيھر جهڙي منفرد ۽ سھڻي پکي جي جنس ڪافي محفوظ سمجهي وڃي ٿي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *