تازا ترين
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي … ٻاراھي (Indian Pond Heron) … خادم رند

ننڍي قد، سٻر بدن، ننڍڙي ڳچي ۽ ٿلهڙي چھنب واري ٻاراھي سنڌ جو مقامي ڇاڇري پکي آھي. ھن کي ڪڪي ۽ ڪوٽ ٻگهو پڻ سڏيو ويندو آھي. کڏن کوٻن، دٻن تلائن ۽ ڍنڍن ڍورن وٽ نظر ايندڙ ھن عام پکي جو واسطو چورڀاين، سانھين ۽ ٻگهن جي خاندان (Ardeidae Family) سان آھي. اڪثر ڪري ھي اڪيلي ڪنھن آبي ماڳ جي ڪنڊ پاسي ۾ چپ چاپ حالت ۾ بيٺي ھوندي آھي. ڏاڍو سست ۽ خاموش طبيعت وارو پکي آھي. تانگهي پاڻيءَ ۾ شڪار جي ڳولا به آھستگيءَ سان پير پير سان ملائي ڪندي آھي. شڪار نظر اچڻ جي صورت ۾ آخري مرحلي تي تيزيءَ سان جهڙپ ڏئي کيس سوگهو ڪري وٺندي آھي. شايد اھڙي موڳائپ ۽ ڍري رفتار ڪري ئي ھن کي ڪيترا ماڻهو نابين يا ڌنڌلي نظر وارو پکي سمجهندا آھن. اردو ۾ ته کيس سڏيندا ئي انڌا بگلا آھن. ٻاراھي کي انگريزيءَ ۾ (Indian Pond Heron) ۽ (Paddybird) ۽ سائنسي ٻوليءَ ۾ (Ardeola grayii) سڏيو ويندو آھي. ھن جي ڊيگهھ 40 کان 50 سينٽي ميٽر، پرن جي پکيڙ 70 کان 90 سينٽي ميٽر ۽ وزن 230 کان 280 گرام ٿيندو آھي. ٻاراھي جا نر ۽ مادي هڪجهڙا ٿيندا آھن. جنسي ميلاپ وارن ڏينھن ۾ ھڪ بالغ پکيءَ جي پٺي ڳاڙھي ناسي، مٿو، ڪنڌ ۽ سينو پيلو ۽ ھيٺيون جسم اڇو ٿيندو آھي جنھن تي گهريون ليڪون هونديون آھن. سندس چھنب ڦڪي ۽ ان جي چوٽي ڪاري ۽ ٽنگون ۽ پير ميرا ساوا ٿيندا آھن. چھنب ۽ اک جي وچ واري وٿي سائي، اکيون ڦڪيون ۽ ماڻڪيون ڪاريون ھونديون آھن. حيرت جهڙي ڳالهھ ته ٻاراھي مختلف رنگن جي ھوندي به اڏامڻ مھل اڇي نظر ايندي آھي ڇاڪاڻ ته ھن جا پر، ھيٺيون ڌڙ ۽ پڇ اڇو ٿيندو آھي.
ٻاراھي ڏکڻ ايران، پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، ميانمار ۽ سري لنڪا جو پکي آھي. ھي جيئن ته ڇاڇري يا ڪناري وارو پکي آھي تنھنڪري سدائين ڪنھن آبي ماڳ جي ڪناري وٽان شڪار ڪندي يا آرام ڪندي ڏسبي آھي. ھي ساريالي فصل ۾ به ڪافي نظر ايندي آھي. جيتوڻيڪ ٻاراھي اڪثر خاموش رھندي آھي پر ڪنھن کي آکيري ويجهو ڏسي وڏي رڙ ڪندي آھي. رات جو ھي وڻن تي واھيرو ڪندي آھي. ٻاراھي جي مک کاڌ خوراڪ ۾ مختلف قسمن جا جيت، مڇيون، ڏيڏرن جا ٻچا ۽ ڄؤرون شامل ھونديون آھن. اڪثر ڪري پاڻيءَ جي ڪنارن سان شڪار ڳوليندي آھي ۽ ان مقصد لاءِ پاڻيءَ مٿان ترندڙ گاھن کان بہ ججهي مدد وٺندي آھي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن مڇي کي پڪڙڻ لاءِ پاڻيءَ مٿان ترندي بہ آھي. انکانسواءِ ھي پاڻي مان ٻاھر ٽپا ڏيندڙ مڇي کي اڏامندي به پڪڙي وٺندي آھي. نه رڳو ايترو پر ٻاراھي پاڻي مٿان ھيٺاھين اڏام ڪندي ڏيڏرن ۽ مڇين کي ڪناري ڏانھن آڻڻ جي به ڪوشش ڪندي آھي. اچرج جهڙي ڳالهھ ته ھن کي مڇين جي چاري لاءِ ڍٻل روٽي جا ٽڪرا به پاڻي مٿان اڇلائيندي ڏٺو ويو آھي. ٻاراھي آبي ماڳن کان ٻاھر به جيت جڻا کائيندي رھندي آھي.
ٻاراھي جي نسلي واڌ مئي کان سيپٽمبر تائين خاص طور مون سون جي مينھن دؤران ٿيندي آھي. ان مقصد لاءِ ٻاراھيون پنھنجون ننڍيون ننڍيون ڪالونيون ٺاھينديون آھن. اھڙيون ڪالونيون اڪثر ڪري سندن خاندان جي ٻين پکين سان گڏ ساون وڻن يا ڊگهن ٻوڙن ۾ ھونديون آھن. آکيري لاءِ سمورو مواد يا سامان نر کڻي اچي مادي حوالي ڪندو آھي جيڪا آکيري جي جوڙجڪ ڪندي ويندي آھي. ڪاٺين ۽ ٽارين مان ٺهيل آکيرو ھڪ بي ترتيب کوڙي جيان ھوندو آھي. مادي 3 کان 5 آنا لاھيندي آھي جن مٿان نر ماد گڏجي 18 کان 24 ڏينھن تائين واري وٽيءَ سان آرو ڪندا آھن. ٻچن کي چوڳو به اڪثر ننڍڙي مڇيءَ جي صورت ۾ گڏجي ڪرائيندا آھن. فطرتي ماحول جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي تنطيم انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر (IUCN) ٻاراھي جو اسٽيٽس ليسٽ ڪنسرن (LC) ڄاڻايو آھي. اھڙو اسٽيٽس انھن جاندارن لاءِ ڪتب آندو ويندو آھي جن جي وجود کي حاضر وقت ۾ ڪو وڏو خطرو درپيش ناهي ھوندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *