تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي … لغڙ باز (Laggar Falcon) … خادم رند

وچولي ماپ ۽ سنھي جسم وارو لغڙ باز سنڌ جو مقامي شڪاري پکي آھي جنھن کي ھتان جا ماڻهو تتر، ڳيري، ٻٽير، آڙي ۽ تلور جي شڪار لاءِ استعمال ڪندا رھيا آھن. لغڙ اصل ۾ ماديءَ جو نالو آھي جڏهن تہ نر کي جغڙ يا جهڳڙ سڏبو آھي. لغڙ باز کي انگريزيءَ ۾ Laggar Falcon ۽ سائنسي زبان ۾ (Falco jugger) سڏيو ويندو آھي. ھي باز خاندان (Falconidae Family) جو پکي آھي. شڪاري پکين جو اھو خاندان ٻن ننڍن خاندانن (Subspecies) ۾ ورھايل آھي جن ۾ ڪل 60 پکي شامل آھن جن مان سنڌ ۾ 7 جنسون ملن ٿيون. لغڙ باز جي ڊيگهھ 40 کان 45 سينٽي ميٽر، کنڀڙاٽين جي پکيڙ 90 کان 110 سينٽي ميٽر ۽ وزن 500 کان 850 گرام ٿيندو آھي. لغڙ باز جا نرماد هونئن ته هڪجهڙا ٿيندا آھن پر مادي نر کان ڪجھه وڏي ۽ ڳري ھوندي آھي. ھڪ بالغ پکي جو مٿيون حصو ميرانجهڙو ناسي. مٿو ھلڪو ڳاڙھسرو ۽ مٿو ۽ مٿي جو پويون حصو اڇو ٿيندو آھي. نوڪدار چھنب جي پاسن کان اڀيون ناسي ليڪون ۽ ڇاتيءَ ۽ پيٽ تي ناسي چٽا ھوندا اٿس. 
لغز باز ايران، افغانستان، پاڪستان، ڀارت، نيپال، ڀوٽان، بنگلاديش ۽ ميانمار ۾ ملي ٿو. ھن کي دنيا ۾ ننڍي کنڊ جي پکي طور سڃاتو وڃي ٿو. لغڙ باز گهڻي ڀاڱي کليل ۽ سوڪهڙي واري ميدانن، ڇڊي وڻڪار ۽ پوکن ۾ نظر ايندو آهي. انکانسواءِ ھي انساني آبادين جي ويجهو به ڪافي ڏسبو آھي. ھي جڏهن ڪنھن وڻ يا تار تي ويھندو آھي ته سندس ڊگها پر پڇ جي چوٽيءَ کي ڇھڻ لڳندا آھن. لغڙ باز سمنڊ جي سطح کان 1000 ميٽرن جي بلنديءَ تائين رھڻ وارو پکي آھي. ھي ھر ھنڌ پنھنجي تر ۽ جُوءِ تائين محدود رھندي شڪار جي ڳولھا ۾ اڏامندو رھندو آھي. لغڙ باز جو آواز گهڻو تيز ۽ سيٽي مثل ٿيندو آھي. 
لغڙ باز خاص طور تفريحي ۽ ننڍڙن پکين جو شڪار ڪندو آھي پر کير پياڪ، ڪتريندڙ ۽ ريڙھيون پائيندڙ جاندار به ھن ڦڙت شڪاري کان محفوظ نه رھندا آھن. ڪنھن وقت ۾ لغڙ باز پنھنجي علائقي جو عام ترين باز ھو پر ھن جي تعداد ۾ ڏينھون ڏينھن لاٿ اچي رھي آھي. ٻڌايو وڃي ٿو ته ھن وقت سموري دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ ڏھه ھزار لغڙ باز وڃي بچيا ھوندا. 1980ع کان 1990ع واري ڏھاڪي ۾ ڪيل ھڪ سروي موجب لعڙبازن  جو تعداد 30 ھزارن تائين ھو. سڀ کان وڌيڪ لاٿ پاڪستان ۽ ڀارت جي اترئين ۽ اولھائين حصن ۾ نوٽ ڪئي وئي آھي. لاٿ جي ڪجھه مک سببن ۾ زرعي زمين ۾ واڌ، جيت مار دوائن جي استعمال ۾ غير معمولي اضافو، سندن وڏي پيماني تي پڪڙ ۽ ماڳ مڪانن (Habitats) جي تباھي شامل آھن. ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان ۾ 1981ع کان 1992ع تائين زھريلين جيت مار دوائن جي استعمال ۾ ستوڻ تي اضافو ٿيو ۽ ان ۾ وقت سان گڏ وڌيڪ اضافو ٿيندو رھي ٿو. ان جو نتيجو اھو وڃي بيٺو آھي جو لغڙ باز هينئر عام پکي نه رھيو آھي. 
لغڙ باز جي نسلي واڌ جنوري کان مارچ تائين ٿيندي آھي. ھي گهڻي ڀاڱي ٻين پکين جا ٺاھيل آکيرا ۽ وڻن ۾ ٺهيل سوراخ ڪتب آڻيندو آھي. مادي 3 کان 5 آنا لاھيندي آھي. ماحول جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي اداري انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر (IUCN) موجب لغڙ باز ھينئر خطري واري حد جي ويجهو پهچي چڪو آھي. 

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *