تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي …خاڪي ڳجھه …Griffon Vulture…خادم رند

خاڪي ڳجهھ سنڌ جو ڍونڍ خور لاڏائو پکي آھي. کٿل ڳچي، تمام ويڪرن پرن ۽ ننڍي پڇ واري ھي ڳجهھ پنھنجي اباڻي وطن جي سخت ٿڌ کان بچڻ لاءِ سياري ۾ سنڌ سميت ڏکڻ جا گرم ماڳ اچي وسائيندي آھي. واضع رھي ته سنڌ ۾ ڪل اٺن قسمن جون ڳجهون ملن ٿيون جن ۾ ڪي مقامي ته ڪي لاڏائو آھن. خاڪي ڳجھه کي انگريزيءَ ۾ Griffon Vulture يا Eurasian Griffon ۽ سائنسي ٻوليءَ ۾ (Gyps fulvus) جي نالن سان سڏيو ويندو آھي. جڏهن ته سندس واسطو شڪاري پکين جي خاندان (Accipitridae Family) سان آھي. خاڪي ڳجھه جا نر ماد هڪجهڙا ٿيندا آھن پر مادي نر کان وزن ۾ ڪجھه سرس ٿيندي آھي. ھڪ بالغ پکي جي ڊيگھه 95 کان 120 سينٽي ميٽر، پرن جي پکيڙ 240 کان 280 سينٽي ميٽر، نر جو وزن 6.2 کان 10 ڪلوگرام ۽ ماديءَ جو وزن 6.5 کان 11 ڪلوگرام تائين ٿيندو آھي. خاڪي ڳجھه جو مٿيون حصو اخروٽي ناسي ۽ ھيٺيان حصا ڳاڙھا ناسي ٿيندا آھن. مٿو اڇو، چھنب ھيڊي سرمائي، ٽنگون ڪاريون سرمائي، ڪنڌ وٽان ھيڊاڻ مائل اڇي جهالر ۽ ڳچي کٿل ٿيندي اٿس.
خاڪي ڳجهھ جو اصل وطن ڏکڻ يورپ، اتر آفريڪا ۽ ايشيا جا مختلف ملڪ ۽ علائقا آھن جتي اھا آنا لاھي پنھنجي نسلي واڌ ڪندي آھي. ھي بنيادي طور لڏپلاڻ ڪندڙ پکي آھي. نابالغ خاڪي ڳجهن ۾ به وڏي فاصلي تائين ھجرت ڪري سگهڻ جي صلاحيت موجود ھوندي آھي. پاڪستان ۾ ھي سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبن ۾ ايندي آھي. خاڪي ڳجهھ خشڪ، نيم ريگستاني ۽ ٽاڪرو علائقن ۽ پرڳڻن جو پکي آھي. ھي عام طور سمنڊ جي سطح کان ٽي ھزار ميٽرن جي بلنديءَ تائين رھندي آھي. خاڪي ڳجهھ پنھنجي کاڌي جي ڳولا لاءِ وڏا وڏا سفر ڪندي رھندي آھي. ڪٿي ڪا ڍونڍ ڏسندي آھي ته فورن لھي پوندي آھي. جي اڳ ئي ڪي وڏيون ۽ طاقتور ڳجهون موجود ھونديون آھن ته پوءِ ڍونڍ جي چوڌاري ڦيرا ڏيندي پنھنجي واري جو انتظار ڪندي آھي ڇاڪاڻ ته جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو نظام بلڪل فطرتي آھي. ھي اڪثر ڪري ٽولي جي صورت ۾ ڏسبي آھي. خاڪي ڳجهھ جي عادت آھي ته ڍونڍ وٽ يا واھيري مھل غرائيندي، بڙبڙائيندي ۽ سوسٽ ڪندي رھندي آھي. ھن جي اڏام ڏاڍي مضبوط ۽ شاندار ٿيندي آھي. ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ھوا ۾ ترندي ھجي. ڳجهن جو ڳاڻيٽو وڏي ڄمار وارن پکين ۾ ٿيندو آھي. ھيل تائين ڪنھن خاڪي ڳجھه جي ڊگهي ۾ ڊگهي ڄمار 41 سال ۽ 4 مھينا رڪارڊ ڪئي وئي آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *