تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي … جِهرڙ (Ashy-crowned Sparrow-lark) … خادم رند

ننڍڙي ۽ سٻر بدن وارو جِھرڙ سنڌ جو مقامي پکي آھي. ھن کي آگن، ڀورڙو ۽ ميرانجهڙو چنڊول به سڏيو ويندو آھي. جهرڙ سدائين زمين تي ويھندو يا ڊوڙندو آھي. ھي اھڙو پکي آھي جيڪو ڪنھن وڻ يا تار تي مورڳو نه ويھي سگهندو آھي. زمين جهڙي رنگت سبب ڏکيو ڏسبو آھي پر گهڻو ٻولڻ واري عادت ڪري اڪثر نظر پئجي ويندي اٿس. جهرڙ جو لاڳاپو مٺڙي ٻولي ٻوليندڙ چنڊول يا ھُڙيي خاندان (Alaudidae Family) سان آھي. ھن خاندان ۾ اٽڪل 90 قسمن جا پکي شامل آھن جن مان 16 جنسون سنڌ ۾ ملن ٿيون. ھن خاندان جا پکي دنيا جي تمام وڏي حصي ۾ ڦهليل آھن پر سڀ کان وڌيڪ آفريڪا کنڊ ۾ ملن ٿا. رڳو اتر آمريڪا ۽ آسٽريليا اھڙا کنڊ آھن جتي چنڊولن جي فقط ھڪ ھڪ جنس ملي ٿي.
جهرڙ کي انگريزيءَ ۾ (Ashy-crowned Sparrow-lark) ۽ (Ashy-crowned Finch-lark) کانسواءِ ڪجهھ ٻين نالن سان به سڏيو ويندو آھي. اردو ۾ کيس خاڪستري سر چنڊول ۽ سائنس ٻوليءَ ۾ (Eremoplerix griseus) سڏيو ويندو آھي. جهرڙ جي ڊيگهھ 11 کان 14 سينٽي ميٽر ٿيندي آھي. ھن جا نر ماد ھڪٻئي کان مٽيل ھوندا آھن. نر جو مٿيون حصو مجموعي طور ميرانجهو ناسي ۽ ڳچي، ڪلھا ۽ سڄو پيٽ ڪارو ٿيندو آھي. مٿو سرمائي ۽ اکين مٿان ڪارو پٽو به ھوندو اٿس. مادي مجموعي طور ميٽوڙي ناسي ۽ گهڻي ڀاڱي جهرڪي جهڙي ٿيندي آھي. جهرڙ جي چھنب فنچن جيان ننڍي ۽ ٿلهي، ڪنڌ ڳتيل ۽ پير ننڍڙا ۽ ٿلهڙا ھوندا آھن. جهرڙ جي ٻولي ڏاڍي وڻندڙ ۽ پياري ٿيندي آھي. ھي خاص طور ڪرتب واري اڏام وقت مسلسل ٻوليندو رھندو آھي.
جهرڙ صرف ڏکڻ ايشيا ۾ ملندو آھي. ھي خشڪ، ڪنڊيدار ۽ ٽاڪرو علائقن، غير آباد ۽ درياھي ماڳن جو پکي آھي. ٻيلن ۾ اندر وڃڻ کان لھرائيندو آھي. جيڪڏهن گهڻو مينھن وسي پوي تہ ان علائقي مان نڪري ويندو آھي. عام طور 1000 ميٽرن کان گهٽ اونچائي وارن ماڳ مڪانن (Habitats) ۾ رھندو آھي. جهرڙ جو ھڪ ويجهو مائٽ (Black-crowned Sparrow-lark) به ساڳي ھن واري ماڳ مڪان ۾ رھندو آھي پر پوءِ به ھي پاڻ ۾ گڏ نظر نه ايندا آھن. جهرڙ گهڻي ڀاڱي جوڙي يا ننڍڙي گروھ ۾ ۽ سياري ۾ وڏي گروھ ۾ ڏسبو آھي. ھي پنھنجي لاءِ کاڌو زمين تان چڳندو آھي. کاڌي ۾ مختلف قسمن جا ٻج ۽ جيت ڪتب آڻيندو آھي. جهرڙ کي جڏهن ٽاھ ايندو آھي ته پهريان اوڪڙو ٿي پوءِ اڏامي ويندو آھي.
جهرڙ جي نسلي واڌ واري مند ڪافي بي ترتيب ھوندي آھي. ھي سنڌ، پاڪستان جي ٻين علائقن ۽ ڏکڻ ڀارت ۾ فيبروريءَ کان سيپٽمبر تائين ۽ سري لنڪا ۾ مئي ۽ جون ۾ نسلي واڌ ڪندو آھي. جهرڙ پنھنجي لاءِ آکيرو زمين تي ٿورڙي کوٽائي ڪري ٺاھيندو آھي. آکيري جي بناوت گاھ سان ڪندو آھي جيڪو ڪافي ڳتيل ۽ ڍيرڙي جي شڪل جهڙو ھوندو آھي. مادي 2 کان 3 آنا لاھيندي آھي جن مٿان نر ماد گڏجي 13 کان 14 ڏينھن تائين آرو ڪندا آھن. ٻچن کي به ٻئي گڏجي چوڳو ڏيندا آھن.
فطرت جي بچاءُ جي عالمي تنظيم (IUCN) جهرڙ جي وجود کي ڪافي محفوظ قرار ڏنو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *