تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي..جهنگ ڦُوسڙي Common Chiffchaff …خادم رند

جهنگ ڦوسڙي سنڌ ۾ رڳو سياري واري مند ۾ نظر ايندي آھي ڇاڪاڻ تہ ھي ھتان جو مقامي پکي نہ آھي. جهنگ ڦوسڙي بنيادي طور جيت خور (Insectivores) ۽ وڻن جي ٽارين تي ويھندڙ (Passerine) پکي آھي. واضع رھي تہ دنيا جا اڌ کان وڌيڪ پکي وڻن جي ٽارين تي ويھندڙ ھوندا آھن. جهنگ ڦوسڙي جيئن تہ دنيا جي وڏي حصي ۾ رھي ٿي انڪري سندس ڳاڻيٽو عام پکين ۾ ڪيو ويندو آھي. وچولي جسامت واري ھن خوبصورت پکي جا نر ماد هونئن تہ هڪجهڙا آھن پر مادي ٿورڙي ننڍي ٿيندي آھي. ھن جو مٿيون حصو ھيڊو زيتوني ناسي ۽ ھيٺيون حصو بوسڪي اڇو، پر ۽ پڇ ناسي ۽ انھن جون چوٽيون زيتوني ناسي رنگ جون ھونديون آھن. چھنب ننڍڙي ۽ سنهڙي، اک جي چوڌاري اڇو دائرو ۽ پير ۽ ٽنگون ڪاريون يا گهريون ناسي ٿينديون اٿس. 
جهنگ ڦوسڙي کي انگريزيءَ ۾ Common Chiffchaff، اردو ۾ سنڌي ڦٽڪي ۽ سائنسي ٻولي ۾ Phylloscopus collybita سڏيو ويندو آھي. سندس واسطو ڦُوسڙين، ڦُوسين ۽ ڦِدين جي خاندان (Phylloscopidae Family) سان آھي. ھن خاندان مان 5 قسمن جا پکي سنڌ ۾ ملن ٿا. جهنگ ڦوسڙي جي ڊيگھ 11 کان 12 سينٽي ميٽر ۽ وزن 6 کان 11 گرام ٿيندو آھي. ھن جون دنيا ۾ 6 ذيلي جنسون (Sub-species) پڻ ملن ٿيون. جهنگ ڦوسڙي جي ٻولي سادي ۽ نرم ٿيندي آھي. بھار وارن ڏينھن ۾ نر وڻن مٿان ويھي ٻوليندو آھي. لڏپلاڻ وقت بہ خوب ٻوليندو آھي. ھي پکي عام طور ٻيلن، وڏن باغن، گاھ وارن ميدانن خاص طور پن ۽ ڊگهي گاھ ۾ رھندو آھي. علائقي جي حساب سان ھي پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪجھ ھنڌن تي 2500 ميٽرن جي بلندي تائين ۽ اوپر آفريڪا جي ڪجھ ھنڌن تي بہ لڳ ڀڳ ايتري ئي بلنديءَ تائين رھندو آھي. جهنگ ڦوسڙي عام طور اڪيلائي ۾ چڳندي آھي پر سياري ۾ لڏپلاڻ دوران ھي 50 يا ان کان بہ وڏن ٽولن جي صورت ۾ ڏسبي آھي. ھي پنھنجي لاءِ کاڌو زمين، ٻوڙن، وڻن ۽ پاڻيءَ جي مٿاڇري تان حاصل ڪندي آھي. ڪڏهن ڪڏهن ھي ٻين پکين سان گڏجي چڳندي پڻ نظر ايندي آھي. اڪثر ڪري چڳڻ يا خوش ٿيڻ وقت پنھنجو پڇ ھيٺ زمين تي يا پاڻيءَ مٿان ھڻندي آھي. نسلي واڌ واري ڏينھن ۾ نر پنھنجي تر يا جُوءِ جو مڙسيءَ سان بچاءُ ڪندو آھي. اھڙي مخصوص وقت ۾ نر ماديءَ کي متاثر ڪرڻ يا ريجهائڻ لاءِ ڪرتب بازي پڻ ڏيکاريندو آھي ۽ نر ماد ھڪٻئي سان چھنبون ملائي قربت ۽ پيار جو اظھار ڪندي ڏسبا آھن. جهنگ ڦوسڙي جو نر ھڪڙي ئي مادي رکندو آھي پر ڪڏهن ڪڏهن کيس ٻي مادي سان ناتو رکندي بہ ڏٺو ويو آھي. جهنگ ڦوسڙي کاڌي يا شڪار جي ڳولا ڪندي ٽڪ ٻڌي اڏام پڻ ڪندي آھي. ھي اڏام جي ڪافي سٺي آھي ۽ لڏپلاڻ وارن ڏينھن ۾ ڊگهي مفاصلي واري اڏام ڪندي آھي. 
جهنگ ڦوسڙي اتر ۽ وچٿري آبھوا واري يورپ ۽ ايشيا ۾ ملي ٿي. انھن جي اڪثريت سياري وارن ڏينھن ۾ بهتر کاڌ خوراڪ ۽ اجهي جي تلاش ۾ ڏکڻ ۽ اولھ يورپ، اتر آفريڪا ۽ ڏکڻ ايشيا ڏانھن لڏپلاڻ ڪندي آھي. چيو وڃي ٿو تہ سياري ۾ سنڌ ڏانھن ايندڙ جهنگ ڦوسڙي پاڪستان ۽ ڀارت جي اترين علائقن گلگت بلتستان ۽ لداخ مان ايندي آھي. کاڌي ۾ ھن جو گذارو بنيادي طور تہ مختلف قسم جي جيتن تي ھجي ٿو پر ھي بنان ڪرنگهي وارا ننڍڙا جاندار، ٻير ۽ داڻو بہ ڪتب آڻيندي آھي. 
جهنگ ڦوسڙيءَ جي نسلي واڌ اپريل کان آگسٽ وارن مھينن تائين ٿيندي آھي ۽ ھي سال ۾ 2 ٿو ڏيندي آھي. ھي پنھنجو آکيرو عام طور زمين کان ھڪ ميٽر جي بلندي تائين ڪنھن گهاٽي ٻوڙي ۾ ٺاھيندي آھي. کينهوڙي جي شڪل وارو ھي آکيرو سڪل گاھ ۽ پنن، ٻوٽن جي تاندورن، ڇيٻلي ۽ کنڀن جو ٺهيل ھوندو آھي. آکيرو اڪثر ڪري مادي ٺاھيندي آھي نر ڪڏهن ڪڏهن مدد ڪندو اٿس. مادي ھڪ تور ۾ 5 يا 6 آنا لاھيندي آھي جن مٿان پاڻ ئي اڪيلي سر 13 کان 15 ڏينھن تائين آرو ڪندي آھي. ٻچا ٻن ھفتن تائين اڏام لائق ٿي ويندا آھن جنھن کانپوءِ 10 کان 20 ڏينھن ۾ پاڻ ڀرا ٿي ماءُ پيءُ کان موڪلائي ڪيڏانھن ھليا ويندا آھن. ٻچا سال کن ۾ بلوغت کي پهچي ويندا آھن. جهنگ ڦوسڙي جي نسل آڏو ھينئر ڪو وڏو خطرو موجود نہ آھي. 

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *