تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي…جهنگ جِهرڪي Sind Sparrow…خادم رند

سنڌ ۾ پنجن قسمن جون جهرڪيون ملن ٿيون جن مان جهنگ جهرڪي (Sind Sparrow) به ھڪ آھي. شڪل شبيھه ۾ جيتوڻيڪ ھي گهريلو جهرڪي (House Sparrow) جهڙي ئي لڳندي آھي پر غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته جهنگ جهرڪي گهريلو جهرڪي کان ٿوري ننڍي به ٿيندي آھي ته رنگن ۾ به معمولي فرق ٿيندو اٿس. جهرڪين جا ٻئي قسم مقامي آھن. گهريلو جهرڪي ماڻهن جي ويجهو رھندي آھي جڏهن ته جهنگ جهرڪي جيئن نالي مان ظاھر آھي ته جهنگ ۾ رھڻ پسند ڪندي آھي. ٻي ڳالھه ته گهريلو جهرڪي لڳ ڀڳ سموري دنيا ۾ ملندي آھي پر جهنگ جهرڪي خاص سنڌو ماٿريءَ جو پکي آھي جيڪو دنيا جي ٻئي ڪنھن حصي ۾ نه لڀندو آھي. اھوئي سبب آھي ته عالمي سطح تي کيس سنڌي جهرڪي جي نالي سان سڏيو ۽ لکيو وڃي ٿو.
جهنگ جهرڪي کي انگريزيءَ ۾ مٿي ڏنل نالي کانسواءِ (Sind Jungle Sparrow) ۽ (Rufous-backed Sparrow) به سڏيو ويندو آھي. سائنسي ٻوليءَ ۾ (Passer Pyrrhonotus) چئبو اٿس ۽ سندس لاڳاپو جهرڪين جي خاندان (Passeridae Family) سان آھي. جهنگ جهرڪي جي نر ۽ ماديءَ ۾ فرق ٿيندو آھي. نر جو رنگ چٽو ۽ مادي جو ميرانجهڙو ٿيندو آھي. نر جو مٿو چھنب کان ڪنڌ تائين سرمائي ھوندو آھي جڏهن ته منڍيءَ جا پاسا اخروٽي ٿيندا اٿس. ماديءَ جو مٿو جهرڪين جي ٻين قسمن جي ڀيٽ ۾ گهرو ھوندو آھي. ھڪ بالغ جهنگ جهرڪي جي پڇ سميت ڊيگھه 12 کان 13 سينٽي ميٽر ۽ پرن جي پکيڙ 6 کان 7 سينٽي ميٽر ٿيندي آھي. جهنگ جهرڪي جي ٻولي به ٻين جهرڪين جيان سنھي آواز واري چِر چِر تي مشتمل ٿيندي آھي. ھن کي عام طور گهريلو جهرڪي (جنھن کي عام طور رڳو جهرڪي جي نالي سان سڏيو ويندو آھي) جي ويجهي مائٽياڻي سمجهو ويندو آھي.
جهنگ جهرڪي گروھه ۾ رھندڙ پکي آھي ۽ اڪثر چئن کان ڇھن جي ٽولي ۾ چڳندي ۽ چر چر ڪندي نظر ايندي آھي. نسلي واڌ کان خالي ڏينھن ۾ ھي ٽيھن پکين تائين وارو ٽولو ٺاھي ٻين جهرڪين ۽ ڪجھه داڻو چڳندڙ پکين سان گڏ پڻ ڏسبو آھي. ھن جا ٽولا گهڻي ڀاڱي درياءُ وارن علائقن ۾ چڳندا آھن ۽ ٽاھه جي صورت ۾ ڀروارن ٻوڙن ۽ ڊڀن ۾ لڪي پوندا آھن ۽ ٿوري ئي دير کانپوءِ پنھنجو چوڳو جاري رکندا آھن. جهنگ جهرڪي رات جو گهڻي ڀاڱي ٻٻر ۽ ڪجھه ٻين ڪنڊيدار وڻن تي آھيرو ڪندي آھي جت آري وارين جهرڪين سان بنا آري واريون به اڪثر اچي گڏبيون آھن. جهنگ جهرڪيون سياري ۾ ننڍي مفاصلي واري چر پر ڪندي پاڪستان جي اولھه ۾ ايران جي سرحد تائين وينديون آھن ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري ڀارتي رياست جي اتر ۽ اولھه تائين به وڃي پڄنديون آھن. سنڌ ۾ ڪينالن ۽ واھن جي ججهائي ڪري ھن جي واڌ ويجھه وارن ماڳ مڪانن جي ڪا به کوٽ ناھي تنھنڪري ھن معصوم ۽ سهڻي پکي جي نسل کي ڪو وڏو خطرو درپيش نه آھي. جهنگ جهرڪي اونهارو ھجي يا سيارو اھڙي ھنڌ تي رھندي آھي جت پاڻي موجود ھجي. سياري ۾ به ھي ٻوڙن، ڊڀن ۽ ڪنڊ وارن اھڙن خشڪ علائقن ڏانھن راھي ٿيندي آھي جت پاڻيءَ جي موجودگي يقيني ھجي.
جهنگ جهرڪي ڏکڻ ۾ سنڌوءَ جي ڊيلٽا کان اتر ۾ نوشيرا لڳ ڪابل ۽ جهلم ندين تائين ۽ اولھه ۾ ايراني سرحد کان اوڀر ۾ دهليءَ تائين ڏٺي وڃي ٿي. سنڌ کانسواءِ ھي بلوچستان صوبي جي ڪن ھنڌن تي پڻ پنھنجي نسلي واڌ ڪندي آھي. جهنگ جهرڪي بنيادي طور تي ٻج ۽ داڻي خور پکي آھي پر ھي جيت پڻ کائيندي آھي ۽ ٻچن کي چوڳي ۾ خاص طور ڪينئان ۽ سنڍيون آڻي ڏيندي آھي. اپريل کان سيپٽمبر مھينن تائين ھن جي نسلي واڌ ٿيندي آھي پر حتمي ڏينھن جو تعين مينھن پوڻ سان ٿيندو آھي. ان دؤران اڪثر جوڙا 2 تور پيدا ڪندا آھن. نسلي واڌ وارن ڏينھن ۾ نر جي ڪنڌ تي ھلڪي سرمائي رنگ جو پٽو ٺھي پوندو آھي. جهنگ جهرڪي پنھنجو آکيرو پاڻيءَ جي ڀڪ ۾ ٻٻر يا ٻي ڪنڊيدار وڻ جي چوٽيءَ تي ڪنھن سنھي ٽاريءَ جي آخري حصي ۾ ٺاھيندي آھي. گنبذ جي شڪل وارو آکيرو نر ماد گڏجي جوڙيندا آھن جيڪو سمورو ٻوٽن جي مواد مان تيار ٿيندو آھي. آکيرو مٿان کان سڌو ھوندو آھي ۽ مٿئين حصي جي ٻنھي پاسن کان اچ وڃ لاءِ ٻنڀا ھوندا اٿس. آکيري جي اندران نرم گاھه ۽ کنڀن جي مدد سان کيس سھنجو بڻايو ويندو آھي. جهنگ جهرڪي 3 کان 5 آنا لاھيندي آھي جيڪي گهريلو جهرڪي جي آنن جي ڀيٽ ۾ ڪجھه ننڍا ٿيندا آھن. آکيري جي جوڙجڪ جيان آنن مٿان آرو به نر ماد گڏجي ڪندا آھن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *