تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي … جهالي (Smew) … خادم رند

سياري جي آمد سان 23 قسمن جون بدڪون اتر جي شديد ٿڌ کان بچڻ لاءِ سنڌ جا آبي ماڳ اچي وسائينديون آھن جن ۾ ننڍي جسم واري سهڻي بدڪ جهال به شامل ھوندي آھي. چيو وڃي ٿو ته ھي اسان وٽ ڪافي گهٽ تعداد ۾ ايندي آھي بلڪ وڏي عرصي کان ته سندس آمد جون ڪي ثابتيون نه ملي سگهيون آھن. جهالي ترڻ سان گڏ ٽٻيون ھڻڻ ۽ پاڻيءَ جي اندر ترڻ ۾ به مھارت رکي ٿي. ھن کي اردوءَ ۾ به جهالي سڏيو ويندو آھي جيڪو لڳي ٿو ته سنڌي نالي تان ورتو ويو آھي. جهالي کي انگريزيءَ ۾ (Smew) ۽ سائنسي ٻولي ۾ (Mergellus albellus) سڏيو ويندو آھي. نسلي حوالي سان سندس لاڳاپو بدڪ خاندان (Anitidae Family) سان آھي. ھڪ بالغ جهاليءَ جي ڊيگهھ 38 کان 44 سينٽي ميٽر، پرن جي پکيڙ 55 کان 69 سينٽي ميٽر، نر جو وزن 540 کان 935 گرام ۽ ماديءَ جو وزن 510 کان 650 گرام ٿيندو آھي. جهالي جو نر ماد ھڪٻئي کان مٽيل ٿيندا آھن. نسلي واڌ وارن ڏينھن ۾ نر جو رنگ اڇو ڪارو ھوندو آھي. کيس سيني جي پاسن کان 2 لهواريون ڪاريون پٽيون ٿينديون آھن ۽ اڏام وارا کنڀ به ڪارا ٿيندا اٿس. پٺيءَ جو پويون حصو، پڇ ۽ چھنب سرمائي، جسم جا پاسا ۽ مٿو اڇو، اکين جي چوڌاري ڪارو چٽو، اکيون گهريون ڳاڙھسريون ناسي ۽ ٽنگون ۽ ڳنڍيل پير سرمائي ٿيندا اٿس. مادي جو مٿو ڳاڙھسرو ناسي جڏهن تہ ڪنڌ، ڳچي ۽ ڳلن جا ھيٺيان حصا اڇا ۽ مٿيون حصو، سينو ۽ پڇ سرمائي ٿيندو آھي. نر جي ڀيٽ ۾ ھن جي پرن تي اڇا نشان ٿورڙا ٿيندا آھن.
جهالي اتر يورپ ۽ اتر ايشيا جو پکي آھي ۽ سياري ۾ ھي ٿڌ کان بچڻ لاءِ بالٽڪ، بليڪ ۽ ڪيسپيئن سمنڊن وارن علائقن کان اوڀر چين، ڪوريا ۽ جاپان تائين لڏپلاڻ ڪندي آھي. اھڙي لڏپلاڻ دوران جهالي ڪڏهن ڪڏهن سنڌ ۾ به ڊاٻو ڪري وٺندي آھي. ھي سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جي شروع ۾ پنھنجا اباڻا ماڳ ڇڏڻ شروع ڪندي آھي پر ڪجھ جهاليون ته اپريل ۽ مئي مھينن ۾ ئي نڪري پونديون آھن. ڪي ته ڀلجي يا ڀٽڪي اتر آمريڪا کنڊ خاص طور الاسڪا ۽ ڏکڻ ڪيليفورنيا تائين پڄي وينديون آھن. انھن مان ڪجھه ته اڃان اڳتي وڌي آمريڪا جي اترين رياستن ۽ ڪينيڊا جي ڏاکڻن صوبن جا وڻ وڃي وسائينديون آھن. جهالي ٽيڏي لڪير يا انگريزي اکر V جي صورت ۾ لڏپلاڻ ڪندي آھي. سندس اڏام سڌي، تيز ۽ بنا آواز واري ٿيندي آھي. جهالي صحبت وارن ڏينھن ۾ ۽ ڪنھن خطري واري وقت گهڻو آواز ڪڍندي آھي. جهالي وڻڪار ۽ ساوڪ وارن تلائن، ڍنڍن، ڍرن يا سست درياھي وھڪرن جو پکي آھي. سياري ۾ ھي گهڻي ڀاڱي درياھي ڇوڙ ۽ نار واري علائقن، وڻڪار واري سامونڊي ڪنارن ۽ ڍنڍن تي نظر ايندي آھي.
کاڌ خوراڪ ۾ جهالي آبي گاھ ٻوٽا ۽ ننڍڙيون مڇيون ڪتب آڻيندي آھي. ھي پاڻيءَ ۾ ٽٻيون ھڻي شڪار ڳولهيندي آھي ۽ شڪار کي پڪڙڻ لاءِ پاڻي اندر ترندي به آھي. جهالي جي نوڪدار ۽ پاسن کان ننڍڙين ڏندڙين واري چھنب شڪار کي سوگهو جهلڻ لاءِ ڏاڍي ڪارائتي ھوندي آھي. ھي مڇيءَ کي پڪڙي پاڻي جي مٿاڇري تي کڻي ايندي آھي ۽ کيس منڍي واري پاسي کان سڄي جو سڄو ڳڙڪائي ڇڏيندي آھي. ڄانگهو، بحري ۽ ڪجھ ٻين قسمن جا باز ھن معصوم بدڪ جا ويري ھوندا آھن. جهالي جي نسلي واڌ اپريل ۽ مئي کان شروع ٿيندي آھي. ھي اڪيلي يا ننڍڙي گروھ جي صورت ۾ پنھنجو آکيرو وڻن جي سوراخن ۾ ٺاھيندي آھي جن مان ڪي ڪاٺ ڪٽڙن پاران خالي ڪيل ھوندا آھن. جهالي ھٿراڌو تيار ڪيل آکيرن ۾ به آنا لاھيندي آھي. آکيرو زمين کان گهٽ ۾ گهٽ 10 ميٽر مٿي ھوندو آھي جنھن جي اندران پکين جا کنڀ رکي کيس سھنجو بڻايو ويندو آھي. جهالي 6 کان 9 ڪريمي رنگ جا آنا لاھي مٿن اڪيلي سر 26 کان 28 ڏينھن تائين آرو ڪندي آھي. آنن مان ڦٽڻ وقت ٻچن کي مٿان اڇي ۽ ھيٺان ڪاري بج ٿيندي آھي. جهالي جا ٻچا ڦٽڻ سان ئي ڊوڙڻ لڳندا آھن ۽ ٻن سالن تائين بلوغت کي پهچي ويندا آھن.
فطري ماحول ۾ جهالي عام طور ڏھن سالن تائين جيئري رھندي آھي. 2015ع ۾ ٿيندڙ ھڪ ڳڻپ موجب دنيا ۾ جهالين جو تعداد 130,000 (ھڪ لک ٽيھ ھزار) ھو جيڪو ڏينھون ڏينھن گهٽجي رھيو آھي. آباديءَ ۾ لاٿ جي مک سببن ۾ سندس ماڳ مڪانن جو خاتمو، جيت مار دوائن جو واھپو ۽ سامونڊي ڪنارن سان تيل جي ھارجڻ ڪري پيدا ٿيل گدلاڻ شامل آھن. خوشي جهڙي ڳالھه آھي ته مڙني خطرن ھوندي به جهالي جو نسل خطري وارين حدن تائين اڃان نه پهتو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *