تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي … تُرمچِي باز Red-necked Falcon … خادم رند

ننڍي جسامت، ننڍن چھنبدار پرن ۽ ڊگهي پڇ وارو ترمچي باز سنڌ جو مقامي شڪاري پکي آھي. ھن کي انھيءَ نالي کانسواءِ چٽوو يا چيٽوو پڻ سڏيو ويندو آھي. ترمچي باز جو مٿو ۽ ڪنڌ ناسي، ڳچي ۽ ڳل سفيد ۽ پٺي نيري سرمائي ٿيندي آھي. پيٽ ۽ پڇ سميت ھيٺين حصي تي اڇيون ڪاريون ۽ سرمائي ليڪون، چھنب جي چوٽي ۽ اکيون ڪاريون ۽ چنبا ھيڊا ٿيندا اٿس. ٻين شڪاري پکين جيان ھن جي به چھنب ۽ ننھن مضبوط ۽ نوڪدار ھوندا آھن. ترمچي جا نر ۽ مادي رنگ روپ ۾ ھونئن ته هڪجهڙا ٿيندا آھن پر مادي ڪجھه وڏي ۽ ڳري ھوندي آھي. ھڪ بالغ ترمچي جي ڊيگھه 28 کان 36 سينٽي ميٽر، پرن جي پکيڙ 55 کان 69 سينٽي ميٽر ۽ نر جو وزن 140 کان 178 گرام ۽ ماديءَ جو وزن 190 کان 300 گرام ٿيندو آھي. ترمچي کي انگريزيءَ ۾ Red-necked Falcon، Red-headed Falcon، Red-headed Merlin ۽ Turumiti Falcon جي نالن سان سڏيو ويندو آھي جڏهن ته سائنسي نالو Falco chicquera اٿس. ھن چست ۽ دلير پکي جو واسطو بازن جي خاندان (Falconidae Family) سان آھي جيڪو 60 قسمن جي بازن تي مشتمل آھي.
سنڌ ۾ قديم وقتن کان ڪجھه مقامي ۽ لاڏائو بازن جيان ترمچي به سنڌ جي خفتين پاران پکين جي شڪار لاءِ استعمال ٿيندو رھيو آھي. ھي سنڌ جي ٻين مقامي بازن وانگر جيئن ته ھلڪي قسم جو باز آھي تنھنڪري ھتان جا خفتي کيس ڀاڙو، تتر ۽ ڳيري جي شڪار لاءِ تربيت ڏئي ڪتب آڻيندا آھن. خفتين جو چوڻ آھي ته ترمچي جي تربيت ۽ سار سنڀال ڪافي آسان ھوندي آھي. ھڪ مند شڪار ڪرائي اڪثر ڪري کيس آزاد ڪيو ويندو آھي. ترمچي عام طور جوڙي جي صورت ۾ شڪار ڪندڙ پکي آھي. ھڪ ترمچي ھيٺاھينءَ تي ۽ ٻيو مٿاھينءَ تي اڏام ڪندو آھي. ھيٺاھين اڏام واري کان ٽاھه کائي جيئن ئي ڪو لڪل پکي ٻاھر نڪرندو آھي ته مٿانھين اڏام وارو ترمچي تيزيءَ سان گُهت ھڻي کيس جهٽي وٺندو آھي. فطرتي ماحول ۾ ھن جي شڪار جو بهترين وقت ھڪ صبح سوير ۽ ٻيو شام انڌارو ھوندو آھي. ھي ڪنھن وڻ تي ويٺل پکيءَ کي ٽارين جي وچان يا ھيٺان اڀي اڏام وسيلي به سوگهو ڪري وٺندو آھي. ترمچي ٻين شڪاري پکين جيان شڪار جي ڳولا ۾ ٽِڪ ٻڌي بيھڻ ۽ گُهتون ھڻڻ جي ڀيٽ ۾ پنھنجي شڪار کي اڏامندي ئي پڪڙي وٺندو آھي. ترمچي اڪثر ڪري جوڙي جي صورت ۾ ڏسبو آھي ۽ پاڻي گهڻو ڪري منجهند جو پيئندو آھي کيس طبيعت جو چيڙاڪ ۽ بھادر پکي سمجهو ويندو آھي.
ترمچي پاڪستان، ڀارت ۽ نيپال کانسواءِ آفريڪا جي نيم صحرائي علائقن ۾ ملندو آھي. يعني ھي دنيا جي ٻن کنڊن ايشيا ۽ آفريڪا جو پکي آھي. ھي عام طور نيم صحرائي علائقن، پام وارن وسيع ميدانن، وارياسي علائقي جي آبي ماڳن، ٻوڏ ھيٺ آيل ھنڌن، سامونڊي ڪنارن ۽ ڇڊن ٻيلن ۾ نظر ايندو آھي. ترمچي جون 3 ذيلي جنسون (Subspecies) پڻ ٿينديون آھن جن مان ھڪ ڏکڻ اولھه ايران کان پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش ۽ نيپال تائين نظر ايندي آھي.
ترمچي جي اڏام تمام تيز ۽ طاقتور ٿيندي آھي. اڏام وقت تڪڙا تڪڙا پر ھڻڻ سان ڦڙ ڦڙ وارو آواز پيدا ٿيندو آھي. عام طور ھي گهٽ اڏامندو آھي. ترمچي بنيادي طور لڏپلاڻي پکي ته ناھي پر کاڌي جي اڻاٺ واري ڏينھن ۾ زندگيءَ جي بقا لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ضرور واجهائيندو آھي. ترمچي ننڍا پکي، چمڙا، نوريئڙا ۽ وڏا جيت شڪار ڪندو آھي. شڪار ٿيندڙ پکين ۾ ڳيرا، تتر، ڀاڙو، چنڊول، جهرڪيون، ٽٻڻيون وغيره شامل ھونديون آھن. مطلب ته مختلف قسم جا پکي ھن جي من پسند خوراڪ آھن.
ترمچي جي نسلي واڌ جنوري کان مارچ تائين جاري رھندي آھي. آکيرو عام طور ڪنھن ڊگهي وڻ جي چوٽيءَ تي ٺاھيندو آھي. سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن يا پرڳڻن ۾ اڪثر ڪري انب جي وڻ ۾ آکيرو جوڙيندو آھي. ترمچي لاءِ چيو وڃي ٿو ته ھي عام طور ساڳي ئي ھنڌ تي وري وري آکيرو ٺاھڻ پسند ڪندو آھي ۽ گذريل تور واري آکيري جي مرمت ڪري کيس ٻيھر استعمال جوڳو به بڻائيندو آھي. پنھنجي خاندان جي مڙني پکين جيان ترمچي جو آکيرو به ڪاٺڙين جي بي ترتيب ڍيرڙي وانگر لڳندو آھي. پنھنجو آکيرو جوڙڻ کانسواءِ ھي ڪنھن ٻي پکي پاران خالي ڪيل آکيرو به ڪتب آڻيندو آھي. ترمچي جي مادي ھڪ تُور ۾ 2 کان 4 آنا لاھي مٿن 32 کان 34 ڏينھن تائين آرو ڪندي آھي. ٻچا ڏيڍ مھيني تائين اڏام لائق ٿي ويندا آھن. نر آرو وغيره ته نه ڪندو آھي پر آري وارو سمورو مدو مادي ۽ ٻچن کي باقاعدگيءَ سان کاڌو مھيا ڪندو آهي. ھن وقت ترمچي جو نسل خطري واري حد جي ويجهو پهچي چڪو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *