تازا ترين
  • آئين ۽ پارليامينٽ کي بي اختيار ڪري بل پيش ڪيو ويو،حملا ٿيڻ باوجود موقف تي قائم آهيون: پ پ چيئرمين*نانا کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو، منهنجي ماءُ ۽ مامن شهيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو: بلاول*برسات ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 25 لک ماڻهو متاثر ٿيا، بلوچستان ۾ به لکين ماڻهو بي گهر ۽ متاثر ٿيا: بلاول*
  • *ٽنڊي ڄام واسين سان نوري آباد ڀرسان روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، نوجوان زخمي *سوزڪي ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب عبدالڪريم مگسي ٿڏي تي فوت، ساجد مگسي زخمي *
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ۽ نوجوان وارو معاملو *عدالت ناري اسماءَ کي مڙس ارشاد مگسي سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي *مونگي وارثن سان خوف آهي، مونکي قتل ڪري ڇڏيندا: ناري جو عدالت ۾ بيان*
  • *ڪراچي: اي وي ايل سي جي ڪارروائي، موٽر سائيڪلز ڦر ڪندڙ گروهه گرفتار *جوابدارن جي قبضي مان ڦر ڪيل 5 موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون: ايس ايس پي سرفراز نواز *جوابدارن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن: ايس ايس پي*
  • *ڪراچي: ٻارڙي مروا قتل۽ زيادتي ڪيس، گرفتارجوابدارن جا فنگر پرنٽس ميچ ٿي ويا: ذريعا *ٻارڙي مروا جي ڪپڙن ۽ جوابدار فيضو جي گهر ۾ بيڊ جا سيمپلز ورتا ويا هئا: ذريعا *جوابدارن جا سيمپلز ميچ ٿي ويا، ٻئي جوابدار اڳ ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪا آهن *
  • *ڪراچي: سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن جي هڙتال سبب سائل سخت پريشاني جو شڪار *وڪيلن جي هڙتال سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿيون، نه ئي جوابدارن کي پيش ڪيو ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ ڳوٺاڻن جو واپڊا عملي جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڳوٺ باغات مالهي واسين واپڊا آفيس آڏو ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *واپڊا عملي بلن جي آخري تاريخ کان اڳ ئي ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي: ڳوٺاڻا *بجلي ڪاٽڻ سبب پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪرائي وڃي: ڳوٺاڻا*
  • *لاهور: موٽروي تي عورت سان زيادتي وارو ڪيس، پوليس مرڪزي جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي *جوابدار عابد جي گرفتاري لاءِ قصور ويجهو ڪارروائي، جوابدار فرار ٿي ويو *پوليس سرچ آپريشن دوران جوابدار جي 5 عزيزن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو*
  • *اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ڇڪتاڻ برقرار *لاڙڪاڻي ۾ پيراميڊيڪل جي احتجاج دوران اي ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ منهن ماري، ھڪٻئي کي ڌڪا *احتجاجي ڪئمپ کي ڊاھڻ جي معاملي تان پيراميڊيڪل عملو مڇرجي پيو *اي ايم ايس گل شيخ ۽ پيراميڊيڪل اڳواڻن وچ ۾ منهن ماري، ھڪٻئي کي ڌڪا ڏنا ويا *پيراميڊيڪل عملي او پي ڊيز، ليباريٽريز، سينٽرل اسٽور، سٽي، ايم آر آئي اسڪن مشين کي تالا ھڻي ڇڏيا *مريضن کي دوائڻ ڏيڻ لاءِ آيس ته پيراميڊيڪل عملي بدتميزي ڪئي: اي ايم ايس گل شيخ *
  • *ٺارو شاهه ۾ ڳوٺاڻن جو بجلي جا ڳرا بل اچڻ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي آزار خلاف احتجاجي مظاهرو *ڳوٺ موليڏنو لاڙڪ ۽ ڳوٺ يوسف چنڙ جي رھواسين ايس ڊي او سيپڪو خلاف ٽائر ساڙي ڌرڻو احتجاج ڪيو *ڳرا بل اچڻ ۽ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب عذاب ۾ مبتلا آهيون: ڳوٺاڻا*
  • *گهوٽڪي: سبزي منڊي مان وڪيلن جي چيئمبر کي خالي ڪرائڻ وارو معاملو *سي ايم او گهوٽڪي جي فرياد تي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر صدام چند سميت26وڪيلن مٿان ڪيس داخل *وڪيلن جي احتجاج سبب عدالتي ڪارونهوار نه هلي سگهيو*
  • *سُپريم ڪورٽ ۾ اُم رباب جي والد سوڌو ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي *جوابدارن جي عدم گرفتاري تي سنڌ پوليس مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڊي آءِ جي حيدرآباد کي ڇنڊ *پوليس ڄاڻي واڻي جوابدارن جي گرفتاري ۾ غفلت ڪري رهي آهي: عدالت *ٻڌايو وڃي ته گرفتاري لاءِ ڪهڙا عملي قدم کنيا ويا آهن؟: عدالت جو سوال*
  • *ڪنب: نامعلوم ماڻهن پاران کڏ ۾ مبينا زهر وجهڻ سبب ڳوٺاڻن جي مڇي مري وئي *غريب آباد ڪالوني ڀرسان مڇي مرڻ سبب علائقي ۾ بدبوءِ پکڙجي وئي، متاثرن پاران ڪارروائي جو مطالبو نامعلوم ماڻهن مڇي جي کڏ ۾ زهر وجهي لکين روپين جو نقصان پهچايو: متاثر ڳوٺاڻا*
  • * حيدرآباد ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري اسماءَ ۽ نوجوان ارشاد مگسي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش *ناري نابالغ آهي، سندس عمر 15 سال آهي: جاچ آفيسر جو عدالت ۾ بيان* عدالت ناري اسماءَ کي دارلامان اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس پاران روڊ بلاڪ ڪرڻ لاءِ ڪنٽينرز تحويل ۾ وٺڻ خلاف درخواست *عدالت گهرو وزارت کان تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو *سياسي جلسن جي لاءِ به پوليس ڪنٽينرز کڻي ويندي آهي: درخواستگذار *

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي … تاڙو (Jacobin Cuckoo)  … خادم رند

سنڌ سميت ننڍي کنڊ جي لوڪ روايتن ۽ ڏند ڪٿائن ۾ برسات جي علامت سمجهو ويندڙ تاڙو سنڌ جو مقامي پکي آھي. ان نالي کانسواءِ کيس مِينھَڻِ، چاتڪ، سارنگ، مينھل ۽ ڪوڪر پکي پڻ سڏيو ويندو آھي. ڪي ماڻهو تہ ھن کي ٻاٻيھو بہ سڏيندا آھن پر حقيقت ۾ ھي ٻاٻيھو ناهي ڇاڪاڻ ته ٻاٻيھو ڳيري جو ھڪ قسم ٿيندو آھي جڏهن ته تاڙي جو واسطو ڪوئل خاندان (Cuculidae Family) جي پکين سان آھي. تاڙي کي انگريزيءَ ۾ (Jacobin Cuckoo) کانسواءِ (Pied Cuckoo) ۽ (Pied Crested Cuckoo) سڏيو ويندو آھي. جڏهن ته اردو ۾ کيس تاجدار ڪڪُو يا پپيھو ۽ سائنسي ٻوليءَ ۾ (Clamator jacobinus) سڏبو اٿس. ڀارت جي ڪجهھ حصن ۾ به ھن کي پنھنجي مخصوص آواز ڪري پپيھو سڏيو ويندو آھي. تاڙي جي ڊيگھه 34 يا 35 سينٽي ميٽر ۽ وزن 66 کان 70 گرام ٿيندو آھي. ھن جا نر ماد هڪجهڙا ھوندا آھن. ھڪ بالغ پکي جو مٿيون حصو چمڪيلو ڪارو يا ڪارو ناسي، پرن تي پري کان ظاهر ٿيندڙ اڇيون پٽيون، اڇين چوٽين سان ڊگهو پڇ، ھيٺيون حصو اڇو، مٿو ڪارو ۽ پر، ڳل ۽ کاڏي اڇي ٿيندي آھي. جڏهن ته چھنب ڪاري، اکيون ڪاريون ناسي ۽ پير ۽ ٽنگون سرمائي ھونديون آھن. تاڙي کي مٿي تي خوبصورت چوٽي به ٿيندي آھي. ٻچٽ جو مٿيون حصو ناسي ۽ ھيٺيون حصو اڇو ٿيندو آھي. کيس ننڍڙي چوٽي پڻ ٿيندي آھي. 
تاڙو پاڪستان، ڀارت، ميانمار، سريلنڪا ۽ آفريڪا جي نيم ريگستاني علائقن ۾ ملندو آھي. ھي خشڪ ۽ ٻوڙيدار علائقن ۽ کليل وڻڪار جو پکي آھي. گهڻي ڀاڱي ٻٻر ۽ ٻين ڪنڊيدار وڻن ۽ ٻوڙن ۾ ڏاڍو ھشاش بشاش ڏسبو آھي. تاڙو آفريڪا کنڊ ۾ ھڪ ھنڌ کان ٻي ھنڌ تائين لڏپلاڻ ڪرڻ کانسواءِ آفريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ به لڏپلاڻ ڪندو آھي. ھن جي اڏام نرم، سڌي ۽ ھيٺاھين واري ھوندي آھي. ھن ثقافتي پکيءَ جون ٽي ذيلي جنسون (Subspecies) به ٿينديون آھن. تاڙو گهڻو شور شرابو ڪندڙ پکي آھي. ھن جو آواز تيز ۽ چڀندڙ ٿيندو آھي ۽ نر ماد بئي ٻوليندا آھن. تاڙو تمام گهٽ آرام ڪندو آھي انڪري پنھنجو گهڻو وقت جوڙي جي صورت ۾ اڏامندي گذاريندو آھي. جنسي ميلاپ کان اڳ 2 پکي تيز اڏامندي ھڪٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. اھڙي عمل کي جنسي عمل کان اڳ واري ڪرتب بازي يا نمائش (Display) سڏبو آھي. سنڌ ۽ ڀارت جي ڪجھ علائقن ۾ تاڙي کي برسات سان ڳنڍيو ويندو آھي. مشھور آھي ته ھن جو تنوارڻ ڄڻ مينھن جي آمد جو اعلان ھوندو آھي. ڀارت ۾ ماڻهن جو ان ڳالهھ تي ويساھه آھي ته تاڙي جي اچڻ سان مون سون جون برساتون شروع ٿي وڃن ٿيون. اسان وٽ به خاص طور ٿر ۾ به ڪيترائي ماڻهو ائين سمجهن ٿا. اھوئي سبب آھي ته سنڌ جي امر شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ به تاڙي کي برسات ۽ سارنگ سان ڳنڍيندي کيس مختلف نالن سان پنھنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آھي. ڪيڏي نه عجيب ڳالهھ آھي ته جنھن پکي کي مينھن يا برسات جي آمد جو اھڃاڻ سمجهو وڃي ٿو تنھن لاءِ مشھور آھي ته ھي سال ۾ رڳو ھڪ ڀيرو پاڻي پيئندو آھي. 
تاڙي جي کاڌ خوراڪ ۾ بجرن ڪينئن کانسواءِ ڪيترن ئي قسمن جا جيت جيئن گاھ تڏا، اڏوھي ۽ ڪوڏ شامل ھوندا آھن. انکانسواءِ ھي ٻير جهڙا ميوا به کائيندو آھي. تاڙو پنھنجي لاءِ کاڌو وڻن ۽ ٻوڙن مان ڳوليندو آھي ۽ اڪثر ان مقصد لاءِ زمين تي به لھندو آھي. ھي اڪيلو يا جوڙي ۾ نظر ايندو آھي. تاڙي جي نسلي واڌ علائقي ۽ ماحول جي حوالي سان ته مختلف ھوندي آھي پر اھا گهڻي ڀاڱي برسات ۽ بجرن ڪينئن جي ججهائيءَ تي مدار رکندي آھي. تاڙي جي مادي به پنھنجي خاندان جي ڪيترن ئي پکين جيان پراون آکيرن ۾ آنا لاھيندي آھي. گهڻو مارو ھيڙھن، بلبلن ۽ ملالن جي آکيرن تي ھوندو اٿس. پنھنجا آنا لاھڻ کان اڳ ميزبان مادي جا آنا کائي ناس ڪري ڇڏيندي آھي. تاڙي جي مادي ھڪ مند ۾ 25 کن آنا مختلف پکين جي آکيرن ۾ لاھيندي آھي. عام طور ھڪ آکيري ۾ ھڪ يا ڪڏهن ڪڏهن ٻه آنا به لاھيندي آھي. ھڪ آکيري ۾ مختلف ماديون به آنا لاھي وينديون آھن جنھنڪري آنن جو وڏو تعداد گڏ ٿي پوندو آھي. تاڙي جا آنا ڪٿي چمڪيلا اڇا ۽ ڪٿي ساواڻ مائل نيرا ٿيندا آھن. سندس آنن مٿان مختلف ميزبان ماديون 10 يا 11 ڏينھن تائين آرو ڪنديون آھن ۽ ٻچا آنن مان ڦٽڻ جي 17 کان 18 ڏينھن ۾ اڏامي ويندا آھن ۽ مھيني کن کانپوءِ مڪمل خود مختيار ٿي ھليا ويندا آھن. ھن وقت تاڙي جو وجود وڏي حد تائين محفوظ سمجهو وڃي ٿو. 

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *