تازا ترين
  • پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو*عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ علي مردان شاهه ڪيترائي ڀيرا وزير ۽ ايم پي اي رهيو*علي مردان شاهه صوبائي وزير سردار شاهه جو مامو ۽ ضلعي چيئرمين نور علي شاهه جو ڀاءُهو
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي…بحري باز (Peregrine Falcon) ….خادم رند

ڊگهي پڇ ۽ ڊگهن چھنبدار پرن وارو بحري باز سنڌ جو مقامي شڪاري پکي آھي. جن شڪاري پکين کي پکين جي شڪار لاءِ سڀ کان بهتر تصور ڪيو وڃي ٿو, تن ۾ بحري باز پڻ شامل آھي. اھو ئي سبب آھي ته بازن وسيلي پکين جي شڪار جا شوقين ھن جي ٻچن کي آکيرن مان ھٿ ڪري پالي تاتي وڏو ڪري مٿئين مقصد لاءِ استعمال ڪندا آھن. بحري باز، بازن جي خاندان (Falconidae Family) سان واسطو رکندڙ پکي آھي. ھن کي انگريزي ۾ (Peregrine Falcon) کانسواءِ رڳو (Peregrine) به سڏيو ويندو آھي. اردو ۾ کيس پيريجرين شاھين ۽ سائنسي ٻولي ۾ (Falcon peregrinus) سڏبو آهي. بحري باز جا نر ۽ مادي جيتوڻيڪ هڪجهڙا ھوندا آھن پر مادي نر کان ڪجهه وڏي ۽ ڳوري ٿيندي آھي. بالغ پکي جي ڊيگهه 37 کان 50 سينٽي ميٽر ٿيندي آھي. نر جي پرن جي پکيڙ 87 کان 100 سينٽي ميٽر جڏهن ته مادي جي پرن جي پکيڙ 110 کان 114 سينٽي ميٽرن تائين ھوندي آھي. جڏهن ته نر جو وزن ھڪ ڪلوگرام تائين ۽ مادي جو وزن ڏيڍ ڪلو گرام تائين ٿيندو آھي.
بحري باز جو مٿو ۽ منڍي جا پاسا ڪارا سرمائي، منهن اڇو، پٺي نيري سرمائي ۽ ھيٺيون حصو سنھين سرمائي لڪيرن سان اڇو ٿيندو آھي. ڳچي جا پاسا ڀورا ۽ پڇ تي ڪارا اڀا پٽا به ٿيندا اٿس. وڏيون اکيون ڪاريون ۽ ٽنگون ۽ چنبا ھيڊا ھوندا اٿس. بحري باز آرڪٽڪ جي خشڪ ۽ ٿڌن علائقن ۽ برساتي ٻيلن کانسواءِ دنيا جي ھر حصي ۾ ملي ٿو. مطلب ته ھي دنيا جي ايتري ته وسيع علائقي ۾ رھي ٿو جو کيس عالمي پکي جو لقب ڏئي سگهجي ٿو. ھي گهڻي ڀاڱي پنهنجي جوءِ تائين محدود رھندڙ پکي آھي ۽ اتر ۽ اتر- اوڀر جي ڪجهه علائقن کانسواءِ ھي لڏپلاڻ نه ڪندو آھي.
سياري ۾ بحري باز کليل هيٺاهين وارن ميدانن، درياهه جي ڇوڙ وارن علائقن ۽ ٻين آبي ماڳن تي رھندو آھي. ھن جي اڏام تمام مٿاھين واري، سڌي، تيز ۽ طاقتور ٿيندي آھي. سندس تيزي جو اندازو ان مان لڳايو ته ھي 380 ڪلوميٽر في ڪلاڪ اڏامي سگهي ٿو. بحري باز جيئن ته شڪاري پکي آھي، تنھن ڪري ھن جي کاڌ خوراڪ گهڻي ڀاڱي مختلف قسمن جي ساهوارن تي مشتمل ھوندي آھي. خاص طور ڳيرا، ڪبوتر، بدڪون، ڪناري وارا ۽ ننڍڙا ٻوليندڙ پکي، ريڙھياڪ ۽ کير پياڪ جاندار، چمڙا، ڪوئا، نوريئڙا وغيره. ھن جي شڪار جا خاص وقت پرهه ڦٽي ۽ منھن انڌارو آھن. بحري باز اڏامندڙ پکين مٿان پرواز ڪندي کين سوگهو ڪري وٺندو آھي. شڪار مٿان لهڻ وقت ھن جي رفتار 320 کان 380 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پڄي ويندي آھي. ھي زمين تي گهمندي ڪرڙين، جيتن ۽ کير پياڪ جاندارن جو شڪار ڪرڻ کانسواءِ ڌٻڻين ۽ آبي ماڳن تان به شڪار جهٽيندو آھي. مطلب ته ھي تمام خطرناڪ شڪاري پکي آھي. پر فطرت جا به پنهنجا قائدا قانون آھن. بحري باز جهڙو طاقتور پکي به پاڻ کان وڌيڪ طاقتور ۽ ڏاڍن پکين جو کاڄ بڻجي ويندو آھي.
بحري باز پنهنجو جوڙو سموري حياتي لاءِ چونڊيندو آھي. ھن پکي جي نسلي واڌ فيبروري کان اپريل تائين ٿيندي آھي. ان مقصد لاءِ ھي پنهنجو آکيرو ٽڪرين ۽ پھاڙين جي ڇاڄن ۽ ڏارن، سامونڊي ڪنارن ۽ اڄڪلهه شھرن جي اونچين عمارتن تي به ٺاهيندو آھي. بحري باز جي نسلي واڌ اتر آمريڪا جي ٽاڪرائن علائقن ۾ 3600 ميٽرن جي بلندي تائين به ڏٺي وئي آھي. ھي پنهنجو آکيرو سالن تائين ساڳي جوءِ ۾ ئي ٺاهيندو آھي. پنهنجي آکيري جي حفاظت لاءِ نر جو رويو ڏاڍو جارحاڻو ھوندو آھي. ايستائين جو خطرو محسوس ڪندي پاڻ کان وڏن پکين ۽ جانورن تي به حملو ڪري ڏيندو آھي. آکيري جي ھنڌ جي چونڊ نر ڪندو آھي. سادي سودي آکيري ۾ مادي 3 کان 5 بوسڪي اڇا آنا لاھيندي آھي جن مٿان گهڻي ڀاڱي پاڻ ئي 29 کان 32 ڏينهن تائين آرو ڪندي آھي. نر ڪڏهن ڪڏهن ساھي ڏيندو اٿس. باقي آکيري وارو سمورو عرصو مادي ۽ ٻچن لاءِ کاڌي جو بلو ڪندو رھندو آھي. ٻچن کي کاڌو کارائڻ کان اڳ مادي نر پاران آندل شڪار تان کنڀ وغيره پٽي صاف ڪندي آھي. ٻچا 35 کان 45 ڏينهن تائين اڏام لائق ٿي ويندا آھن پر پوءِ به ڪجهه ھفتا ماءُ پيءُ سان گڏ رھي 6 ھفتن کانپوءِ آزاد ٿي ويندا آھن. 2 کان 3 سالن ۾ بلوغت کي رسي ويندا آھن. بحري باز کي ھن وقت سڀ کان وڏو خطرو زھريلين جيت مار دوائن ۽ سندس ٻچن جي آکيري مان کڄي وڃڻ ڪري آھي.
 [email protected]



This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *