تازا ترين
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سنڌ جا مقامي ۽ لاڏائو پکي …اڇي کٽياڻي (White Wagtail)…خادم رند

سنھي جسم ۽ ڊگهي پڇ واري اڇي کٽياڻي سنڌ ۾ رڳو سياري واري ڏينھن ۾ ڏسبي آھي. اڇي کٽياڻي توهان کي گهڻي ڀاڱي ڪنھن کڏ، دٻي، واھي، ڍوري يا ڪنھن ٻي آبي ماڳ جي ڀڪ ۾ پنھنجي پڇ کي مسلسل لوڏيندي ۽ ھيٺ مٿي ڪندي نظر ايندي. پاڻيء ۾ رھندڙ مختلف قسمن جا جيت جيئن ته ھن جي خوراڪ جو مک حصو آھن تنھنڪري ئي ھي سندن پاسو اچي وٺندي آھي. پاڻيء سان گهري واسطي ڪري ئي مٿس کٽياڻي نالو پيو آھي. کيس ڌوٻياڻي به سڏيو ويندو آھي. ھي بنيادي طور کليل ميدانن جو پکي آھي پر ماحول ۽ حالتن سان ٺاھه جي نتيجي ۾ انساني آبادين جي ويجهو به وڏي پيماني تي ڏٺي وڃي ٿي. اڇي کٽياڻي کي انگريزيء ۾ (White Wagtail)، اردو ۾ سفيد مموله ۽ سائنسي ٻوليء ۾ (Motacilla alba) سڏيو ويندو آھي. اڇي کٽياڻي جو واسطو کٽياڻين جي ڪٽنب (Motacillidae) سان آھي. ھن خاندان ۾ اندازن 65 پکي شامل آھن جن مان 12 سنڌ ۾ سيارو گذارڻ اچن ٿا. اڇي کٽياڻي جي ڊيگهھ 16 کان 19 سينٽي ميٽر ۽ وزن 25 گرامن تائين ھوندو آھي. نر ماد جي رنگن ۾ ڪجهھ فرق ٿئي ٿو ۽ موسم جي مناسبت سان به نر جو رنگ مٽبو آھي. اڇي کٽياڻي جو مٿيون حصو پڇ سميت سرمائي ۽ ھيٺيون حصو اڇو ٿيندو آھي. مٿو ڪارو ۽ ڳلي تي ڪارو نشان اھڙي نموني ھوندو اٿس ڄڻ ڪو ھار پاتل ھجيس. سياري ۾ ڳچي وري اڇي ٿي ويندي اٿس. سنهيون ۽ بظاهر ڪمزور ٽنگون ڪاريون ٿينديون اٿس. اڇي کٽياڻي انتھائي چالاڪ ۽ ڦڙت پکي آھي. ھر وقت پڇ لوڏيندي، ڊوڙندي، بيھندي ۽ اڏندي مطلب ته ڪا نه حرڪت ڪندي نظر ايندي آھي.
اڇي کٽياڻي يوريشيا (يورپ ۽ ايشيا) ۽ اتر آفريڪا جو عام پکي آھي. ڪڏهن ڪڏهن اتفاق سان اتر آمريڪا جي ڪجهھ علائقن تائين به اچي پهچندي آھي. اڇي کٽياڻي جون ڪن ماھرن موجب 9 ۽ ڪن موجب 11 ذيلي جنسون (Subspecies) به ٿين ٿيون. اڇي کٽياڻي جي کاڌ خوراڪ ماحول جي مناسبت سان ٿوري گهڻي مٽبي رھندي آھي پر وچٿري آبھو ۽ پاڻيء وارا جيت جڻا ھن جيت خور (Insectivores) پکيء جي بنيادي خوراڪ آھن. اھڙن جيتن ۾ مختلف قسم جا ٽنڊڻ، ڀنڀوريون، ننڍڙا ڪوڏ، ڪوريئڙا، مکيون، ڪينئان ۽ کوپي وارا جاندار شامل آھن. ورلي کيس پتڪڙيون مڇيون کائيندي به ڏٺو ويندو آھي. اڇي کٽياڻي چوڳي لاء کليل ۽ خشڪ ميدانن کي ترجيح ڏيندي آھي ته جيئن پنھنجي شڪار کي سولائيء سان ڏسي ۽ پيڇو ڪري سگهي. شهري ماحول ۾ به اھا باغي باغيچن، گهرن جي ڇٻر ۽ ٻين ھنڌن تي چوڳو ڪندي نظر ايندي آھي.
اڇي کٽياڻي ليٽويا (Latvia) ملڪ جو قومي پکي آھي. ھي ايترو ته مشھور پکي آھي جو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي ٽپال ٽڪلين تي سندس تصويرون ڇاپيون ويون آھن. اڇي کٽياڻي جي نسلي واڌ اپريل کان آگسٽ تائين ٿيندي آھي. آکيرو روايتي طور نر ماد گڏجي تيار ڪندا آھن. آکيرو عام طور ڪنھن آبي وھڪري جي ڪناري ۾ سوراخ ڪري جوڙيو ويندو آھي. پر ھي ڪنھن ڀت جي سوراخ يا ڏار، پلين، عمارتن، لوڙھن ۽ ڪنڊيدار ٻوٽن ۾ به آکيرو ٺاھيندا آھن. ٻيو ته ٺهيو پر جوڙي کي مئل درياھي گهوڙي (Walrus) جي ڍانچي ۾ به آکيرو ٺاھيندي ڏٺو ويو آھي. اڇي کٽياڻي جو نر ھڪ مادي تائين محدود رھندو آھي ۽ پنھنجي تر جي بچاء لاء به ڏاڍو متحرڪ رھندو آھي. مادي عام طور 4 کان 6 ۽ ڪڏهن ڪڏهن 3 کان 8 آنا لاھيندي آھي. ڪريم رنگي آنن تي مختلف رنگن جا چٽ به ٿيندا آھن. آنن مٿان نر ماد گڏجي آرو ڪندا آھن پر مادي وڌيڪ وقت ڏيندي آھي ۽ رات جو به اھائي ئي آرو ڪندي آھي. آنن مان چوزن ڦٽڻ جو عمل عام طور 12 ڏينھن ۾ ڪڏهن ڪڏهن 16 ڏينھن ۾ شروع ٿيندو آھي جن کي نر ماد گڏجي چوڳو مھيا ڪندا آھن. ٻچا 12 کان 15 ڏينھن تائين اڏام لائق ٿي ويندا آھن پر پوء به ماء پيء کين ھفتي کن تائين چڳائيندا رھندا آھن.
فطرتي ماحول جي تحفظ لاء ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم (IUCN) موجب اڇي کٽياڻي جو وجود وڏي حد تائين محفوظ آھي پر پوء به سندس راندين ۽ کاڌي لاء استعمال، پالتو بڻائڻ ۽ زھريلين دوائن جي واھپي ھن معصوم پکيء لاء خطرا ضرور پيدا ڪري ڇڏيا آھن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *