تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سنڌ تي برطانوي مفڪرن جا ڪتاب …ڊاڪٽر ناظر محمود سنڌيڪار: اظھر آزاد مغل

کي سنڌ ۾ خراب ڪارڪردگي جي حوالي سان تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ ھي تنقيد گھڻي حد تائين صحيح به آھي پر گھٽ ۾ گھٽ ڪتابن جي سطح تائين سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي ڪجھه چڱا ڪم ڪيا آھن جن جو ذڪر ٿيڻ گھرجي. تازو ئي ھن ڪي درجن کن اھڙا ناياب ڪتاب شايع ڪيا آھن جيڪي ھڪ وڏي عرصي کان ميسر نه ھيا. پھرين ڪتاب جو نالو آھي “انڊس اور اس ڪي صوبي“ جيڪو وليم پيٽرڪ اينڊرو جي تحرير آھي. اينڊرو اڻويھين صدي جي وچ واري عرصي دوران سنڌ آيو ۽ ھتان جي مشاھدن کي تحرير ڪيو، ھو سنڌ ۽ پنجاب ريلوي جو سربراھه ھو ۽ ھندستان ۾ ريل جي تقويت جو وڏو حامي ۽ وڪيل ھو.1843 ۾ سنڌ جي فتح کان پوءِ اينڊرو سنڌ جي چپي چپي جو سفر ڪيو ۽ زميني و سامونڊي سفر جي باري ۾ تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي. “انڊس اور اس ڪي صوبي “ نالي ڪتاب ان رپورٽ تي مشتمل آھي جنھن کي پھرين رپورٽ ۽ پوءِ ڪتاب جي شڪل ۾ شايع ڪيو ويو.اينڊرو کي 1853 ۾ ان ڪم تي لڳايو ويو ته ھو برطانيه جي تاج توسيع جي لاءِ چرپر جا ذريعا قائم ڪري. ھن پوري خطي جي تقريبن سمورن قديم ۽ جديد رستن جو دورو ڪيو ۽ زميني ۽ دريائي سفر جا نقشا تيار ڪيا. اينڊرو جي ئي تجويزن ۽ مشورن تي نه فقط ريل پر ٽيليگراف جو نظام پڻ تشڪيل ڏنو ويو ۽ بولان ۽ خيبر پاس تائين تارن جو ھڪ وڏو ڄار وڇايو ويو.ھن ڪتاب ۾ ڪراچي تي پڻ معلوماتي باب موجود آھن.
رچرڊ فرانسز برٽن به اڻويھين صدي جي وچ ۾ سنڌ آيو، برٽن جو اصل موضوع ٻولي ۽ ادب کان سواءِ ماڻھن جي عادتن ۽ طور طريقن جو مطالعو پڻ ھو جيڪڏھن ھن کان اڳ اينڊرو زمين جي لاھين چاڙھين ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندو ھو ته وري برٽن جي نظر ماڻھن جي حرڪتن ۽ ڪَنَ ماڻھن جي ڳالھين تي لڳل ھوندا ھئا.برٽن ڪيترين ئي ٻولين جو ماھر ھو ۽ عربي جي شاھڪار ڪتاب “الف ليلا“ جو انگريزي ٻولي ۾ ترجمو ڪري چڪو ھو، پنھنجي زندگي ۾ ھن چاليھن کان وڌيڪ ڪتاب تحرير ڪيا ۽ ڪي ٻه درجنن کان وڌيڪ ڪتاب ھن جي جسماني وڇوڙي کان پوءِ ڇپيا ۽ نروار ٿيا.
برٽن جو ڪتاب “سنڌ ايڪ ناخوش وادي“ ٻن جلدن ۾ پھريون ڀيرو 1851 ۾ شايع ٿيو.ان حيرت انگيز ڪتاب ۾ برٽن ھندستان ۾ پنھنجي سفرنامن کي تحرير ڪيو آھي خاص طور تي بمبئي، ڪراچي، ٺٺي، ڀنڀور، جھرڪ، حيدرآباد، سکر، شڪارپور ۽ سنڌو درياءَ جي حوالي سان ھن جا تاثرات پڙھڻ لاءِ ملن ٿا، پنھنجي لکڻين ۾ ھو سنڌ جي رھواسين جي متعلق پنھنجو تجزيو به ڪندو وڃي ٿو ۽ انھن جي رھڻي ڪھڻي واري انداز تي پنھنجي راءِ به ڏئي ٿو، ھن ڪتاب ۾ ڪل اٺاويھه (28) باب آھن جنھن ۾ سنڌو ماٿري جا حسين ۽ دلڪش نظارا نظر اچن ٿا، بھترين ۽ من موھيندڙ منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا.خاص طور يارھون باب جيڪو ڪوٽڙي جي متعلق آھي ۽ چوڏھون باب جنھن ۾ سنڌي عورتن جو ذڪر ٿيل آھي سي انتھائي دلچسپ آھن. تقريبن ٻن ڏھاڪن کان پوءِ برٽن سنڌ واپس آيو ۽ ڪجھه پراڻين جڳھن سان گڏوگڏ ھن نوان ماڳ مقام به گھميا، ھن جي نون مشاھدن تي مبني ڪتاب 1871 ۾ شايع ٿيو جنھن کي ھن Sind Revisited ” سندھ کا دوسرا دورہ”. جو نالو ڏنو. چار سئو صفحن تي مشتمل ھي ڪتاب پھرين ڪتاب کان وڌيڪ وڏو، ٿلھو ۽ تفصيلي آھي. ٽيھن کان وڌيڪ بابن تي مشتمل ھي ڪتاب اڻويھين صدي واري سنڌ جي باري ۾ املھه خزانو پيش ڪري ٿو.ھن ڪتاب جو ٽيون باب مڪمل ڪراچي سان منسوب آھي ۽ ان ۾ اينگلو انڊين فوج جو پڻ ذڪر آھي جنھن کي ھي مڪمل طور بدبودار سڏين ٿا.ان ڳالھه کي پڙھي معلوم ٿئي ٿو ته ڪجھه شيون ڪڏھن به بدلجن نه ٿيون.
ھڪ ٻئي مفڪر ايڊورڊ آرچرلينگ لي ھڪ ڪتاب لکيو جنھن جو عنوان هو”مير مراد علي ڪي درٻار ۾مقيم ايڪ سفير ڪا بيان” لينگ لي خيرپور ۾ ھڪ سياسي ايجنٽ ھو جنھن جو عھدو ميجر جي برابر ھو جڏھن ته مير مراد علي خيرپور رياست جو ٻيو نمبر حڪمران ھو جيڪو 1842 کان 1894 تائين اقتدار ۾ رھيو، ايسٽ انڊيا ڪمپني ھن تي فراڊ ۽ دوکي ڪرڻ جا الزام مڙھي ھن جي اقتدار کي تمام گھڻو محدود ڪري ڇڏيو ھو ۽ ھن جي اقتدار جي گرفت رڳو ڏکڻ سنڌ جي ڪجھه ايراضي تائين ئي وڃي محدود رھي ھئي جنھن ۾ خيرپور ۽ ان جي آس پاس وارا علائقا شامل ھئا. ھي ڪتاب ٻن جلدن تي محيط آھي جنھن مان ھر جلد تقريبن ٻه سئو صفحن جو آھي ان ۾ ترتيبوار نَوَ ۽ ڏھه باب آھن.پھرين جلد جي پھرين باب ۾ مير علي مراد جي ان سفر جو دلچسپ داستان آھي جنھن ۾ ھو اٽلي ۾ ڦاسي پيو ھو.اتي ھن وٽ پئسو پائي به پورو ٿي ويو ھو ۽ ھن جي ملازمن مان ڪنھن کي اطالوي ٻولي به نه ايندي ھئي.پوءِ ھن ڪتاب جي مصنف يعني لينگ لي کي انگلستان مان اٽلي موڪليو ويو ته جيئن ھو مير صاحب کي ھن جي مشڪلاتن مان ٻاھر ڪڍي ۽ ڪنھن طرح واپس سنڌ وٺي اچي.ان تفصيل کي پڙھي ڪري اھو پتو پوي ٿو ته انگريز ڪھڙي طرح مقامي حڪمرانن جو مشروط خيال ڪندا ھئا جنھن مطابق اھي برطانيه جي بادشاھت، تاج ۽ تخت سان سچا ۽ وفادار ھجن. ھن ڪتاب جي پھرين جلد ۾ انگلستان کان اٽلي ۽ پوءِ ھندستان تائين جي سفر جا تفصيل درج آھن جنھن ۾ بحر احمر ۽ عدن جي رستي کان ويندي حيدرآباد، شڪارپور ۽ خيرپور تائين جي سفر جا مشاھدا شامل آھن.ٻي جلد ۾ اڪثر ڳالھه ٻولھه سنڌ جي سماجي ۽ معاشي حالتن جي حوالي سان ڪئي وئي آھي.
ايندڙ ڪتاب اليگزينڊر شينڊ جو آھي جنھن جي زندگي جو عرصو 1832 کان 1907 تائين جو آھي، ھن جنرل جان جيڪب جي باري ۾ جيڪو ڪتاب لکيو سو 1900 ۾ ڇپيو، ان ڪتاب جو عنوان آھي “جنرل جان جيڪب- ڪمانڊر ۽ جيڪب آباد جو باني“ ھي به ھڪ ناياب ڪتاب ھو جيڪو ٻيھر منظر عام تي آندو پيو وڃي. جيتوڻيڪ جان جيڪب فقط چاليھه سال زنده رھيو ھن پنھنجي زندگي جا لڳ ڀڳ ٽي ڏھاڪا ھندستان ۾ گذاريا.ھي ڪتاب جان جيڪب جي زندگي جو احاطو ويھن بابن ۾ مڪمل ڪري ٿو. آخر ۾ وڌيڪ ٻن ڪتابن جو ذڪر ضروري ٿو سمجھان جن جا عنوان آھن ” وادي سنڌ ڪي قبل از تاريخ و تهذيب” جيڪو ڪي اين ڊڪشٽ لکيو ۽ ٻئي جو عنوان آھي “سنڌ مغلون ڪي دور ۾”. پھريون ڪتاب 1935 ۾ ڏنل خطبن جو مجموعو آھي جڏھن ته ٻيو ڪتاب يوسف ميراڪ پاران 1934 ۾ لکيل ڪتاب جو ترجمو ۽ تعارف آھي.
ھي سڀئي ڪتاب سٺي ۽ معياري ڪاغذ تي رنگين صفحن ۽ نقشن سان گڏ شايع ڪيا ويا آھن ۽ جن جون قيمتون به تمام مناسب آھن يعني رڳو ٽن سون کان نون سون رپين تائين.ھي سمورا ڪتاب انگريزي ٻولي ۾ آھن ۽ جيڪڏھن ان جا ترجما سنڌي يا اردو ۾ اڃا تائين نه ٿيا آھن ضرور ٿيڻ گھرجن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *