تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

سنڌي چنڊ تي.!.. ڊاڪٽر نجيب تنيو

آمريڪي جڏھن چنڊ تي پھتا ته حيران ٿي ويا!! ڇا ڏسن ته اتي سنڌي اڳ ئي دڪان کوليو ويٺوآھي…..!!!تڏھن سوچ ۾ پئجي ويا، پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا، سنڌي اڳتي وڌي پنھنجي مھمان نوازي کي برقرار رکندي ننگر جي صلاح ڪري ويٺو….!گورا ھمراھ اچرج ۾ پئجي ويا! وڃ چنڊ تي به ماني جي صلاح گورن شرط رکيو، پھرين اسان کي ٻڌاءِ ته آھين ڪير؟آسماني مخلوق يا زميني؟ سنڌي ڪنڌ مٿي کڻي وڏي روب سان چوڻ لڳن “آئون سنڌي آھيان، پاڻ کي ھيٺ زمين تي سنڌ نالي ڌرتي جو پنھنجو الڳ ٽڪرو به آھي، پاڻ تصوف جا قائل ۽ عدم تشدد جا پيروڪار آھيون، پر ڪجھه انسان دشمنن مذھب جي نالي تي اسان جي ڌرتي جو ورھاڱو ڪري ڇڏيو…!!!مسلا سنڌي سنڌ ۾ ويٺا رھيا ۽ ٻھراڙين جا مزا ماڻيندا رھيا باقي دنيا کان لاتعلق بڻجي پر اسان سنڌين جن کي ھُو ھندو سنڌي سڏين، اُھي پنھنجو سڀ ڪجھه ڇڏي اچي ھندستان ۾ الھاس نگر جوڙيوسين…!!!
پنھنجي ڌرتي کان ڌار ڪيا وياسين جنھن جو ڏک اڄ به اٿم، پر ڌڻي جي دُعا سان اڄ به ھر قوم کان واپار سائنس ٽيڪنالجي ۽ ھُنر ۾ اڳتي آھيون…!!!!!جئين اڄ به اوھين گورا حيران آھيو ته ھي وري چنڊ تي اسان کان اڳ ھتي دڪان ھنيو ڪير ويٺو آھي..؟
ھاڻ ماني کائو ۽ پوءِ اچو ته واپار ڪيون..گورن کان رڙ نڪري وئي………ڇا جو واپار…!!!!سنڌي ھندو ساڳي روب سان چيو، چنڊ جو!! ٻيو وري ڇا جو؟ انگريز چوڻ لڳو ائين ھرگز نه ٿيندو پاڻ سڄي دنيا تي حڪمراني پيا ڪيون، ۽ چنڊ تي به اسان جو ئي حق آھي.!!!!سنڌي ھندو تاريخ جا حوالا ڏيندو چيو زمين جي ٽڪري تي صرف ھند ۽ سنڌ ھئي، جنھن جا مالڪ اسين سنڌي ھياسين…!اوھان جنگلي ۽ برفاني قوم ھئا، ڦورو ۽ دھشتگرد بڻجي سنڌ ھند جيڪو جنت جھڙو خطو ھو اُن تي قبضو ڪري اسان جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري بعد ۾ مذھب جي نالي تي اوھان اسان جو ملڪ ٻن ٽن ٽڪرن ۾ ڳڀا ڪري ڇڏيو، تاريخي طور تي اوھان مجرم آھيو، تنھن ڪري چنڊ جھڙي پاڪ پوتر ڌرتي تي اوھان کي قبضو ھرگز ڪرڻ نه ڏيندس….!!!!!!
انگريزن پاڻ ۾ وري سُس پُس ڪري چالاڪي کان ڪم وٺندي چيو، اوھين سنڌي سڌا ماڻھو امن پرست ۽ واپاري، اوھان جي بھادري ۽ وڻج واپار جي ھاڪ ھر ھنڌ ٻڌڻ ۾ پئي اچي اوھين مھمان نواز، تڏي تي آيل کي پنھنجا سوين خون معاف ڪريو ڇڏيو، تنھن ڪري تو پاڻ چيو ته ماني کائي اچو ته واپار ڪيون. ھاڻ ھئين ڪر ھي ڏوڪڙ تنھنجا ۽ چنڊ اسان جو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *