تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سنڌي ٻوليءَ ۾ پھاڪا ۽ چوڻيون … خادم رند

*گهوڙي جي ڦِٽي وھي ٽانگي ۾،
*ڏاند جي ڦٽي وھي گهاڻي ۾،
*ڪاموري جي ڦٽي نوڪري ڪري لاڙڪاڻي ۾.
*ولايت جي ڪٻر ديس جي مينا برابر.
* ڌوٻيءَ جو ڪتو، نه گهر جو نه گهاٽ جو.
*ڪُتِي ڪوريجن جي، رھي راھوجين، بھي باھوچين.
* نه ڍڳو نه ڍور، ڇا ڪندو چور؟
* اُٺ جي چاڙھيءَ تي به لعنت، اٺ جي لاھيءَ تي به لعنت.
* بڇڙو ڪتو، ڌڻي پنائي.
* ٻڪري جنھن وڻ سان ٻَجهي، سو وڻ چَري.
*ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا.
* پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري.
* جِت وڻ ناھي، تِت ڪانڊيرو به درخت.
* جَوَ ڍيري، گڏھ رکپال.
* جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
*جيري ڪاڻ، ٻڪري ڪھڻ.
* سياڻو ڪانءُ، ٻه ٽنگو ڦاسي.
* سڀ ڪا ٻڪري، پنھنجي پائي ٽنگجي.
* سست ٻلي، ڪوئا نه ماري.
* ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري.
* ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
*گدڙ نه پڄي ڊاک، آکي ”ٿُو کٽا“.
* ڪتو ڇتو ٿئي، ته به مالڪ کي سڃاڻي.
* ٻار ۽ ڪتي کي لڏ ۾ مزو.
*جهڙو ڪتي جي وات ۾.
* ڄڻ ڪتِيءَ ڪن وڍايا.
* ماسات مٺي ذات، ڪڪڙ ڪهه ته رھون رات.
*ڳوٺ رٺو، ڪڪڙ مُٺو.
* ڪڏهن مادي ڪڪڙ به ٻانگ ڏني؟
* ٻڪري ٺِڪري، ڳئون جنجال، کير پيئڻو اٿئي ته مينھن کڻي ڌار.
*ٻلي پڙھايا شينھن، ڦر ٻلي ڪون کاوڻ آيا.
* اُٺ پٺيان گِهنڊڻي.
* گهر ۾ ڪِين، رکي گهوڙي تي زِين.
*بار گڏھ تي، ھينگي کوتي.
* ٻڪري جي ماءُ، ڪيترا ڏينھن خير گهرندي.
* ڀونڪ ڙي ڪتا ڀونڪ، ٽڪر کائي پيو ٽونڪ.
* آپ پِنان، گهوڙا ڳِنهنان.
* پنھنجي ڏر تي، گدڙ به شينھن.
*باندر ڇا ڄاڻي، بصرن جو سواد.
* جهنگ جي جهرڪي، جهٽي وئي جهار.
*گڏھه ساڳيو، آٿر نوان.
* سانوڻ جو ستو، نه ڪانءُ، نه ڪتو.
* صلاحين، شينھن به ٻجهي پون.
*اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاھر ٻولي ھنج جي.
* وڏو ڀاءُ ٿيڻ کان گڏھه ٿيڻ چڱو، ننڍو ڀاءُ ٿيڻ کان ڪتو ٿيڻ چڱو.
*گدڙ جي سئو سالا زندگيءَ کان، شينھن جي ھڪ ڏينھن واري زندگي ڀلي.
* اُٺ نه پڄي، ھڻي ٻورن لتون.
*انڌو ھاٿي، لشڪر جو زيان.
* سي تنيا ئي ويا، جن گهٽا ٿي ڏنا.
* ٻه شينھن ھڪ ٻيلي ۾ نه رھن.
*ٻلي ست ڪوئا کائي حج تي ھلي.
* ڀاڙين مٿان ڀت، ڪانون وڌي ڪيري.
*ڏسجي ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويھي؟
* سَھي ٽنگون ٽي، چوٿون پڇ.
*ڪتي جو ڪارو منھن، رَٻَ اوتري جي اوتري.
* اھڙو سياڻو، جهڙو ڪانءُ.
* آيا باز، ڀڳيون سرڻيون.
*اُٺ ٻڍو ته به ٻه ڪنواٽ لھي.
*اٺ جي چوري، پکي ۾ ڇا لڪندي؟
*اٺ جي وات ۾ زيرو.
*اٺ جي وات ۾ لوڻ وجھه ته به رڙي، ڳُڙ وجھه ته به رڙي.
* اٺ چڙھيي، ڪڏهن نانگ کائي؟
* اٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو.
* اٺ ڀريو به رڙي، سکڻو به رڙي.
* اٺ تان وڃڻي لٿي، ته به اٺ ٿيو ھلڪو.
* جيئن اٺ پتڻ تي مار کائي.
* اٺ پنھنجي مٽ ۾ ترڪي.
* اٺ نه پڄي ٻورا لتاڙي.
* اٺين پيڙھيءَ، ماڪوڙو ماسات.
* اڃان مينھون جهنگ ۾، ڌوئي ڌريائون رڇ.
* اگهاڙي ڪني، ڪانون جو کاڄ.
*انڌي ٻلي، مئل ڪوئا جهلي.
* اڻ وھندا ڏاند به ڪڏهن وھيا؟
* اھا ڪڪڙ مري ويئي، جا سونا آنا لاھيندي ھئي.
* اھو سوار ئي ناھي، جو گهوڙي تان ڪريو ناھي.
* بابل گهر گهوڙِي، ته ڪا مون ھِڻ ھِڻ.
* باز جي ريس تي اڏاڻي چِڙي.
* باشو ڊوڙيو تتر ڏانھن، مٿان پيس عقاب.
*بکيو گدڙ، شينھن سان گڏ کائي.
* ٻانڀڻ ۽ ٻڪري، پاڙي جي ڦڪڙي.
*ٻُٽي ٻڪري، در تي نه ٻڌجي.
*ٻن پاڏن سان ھڪ شينھن به نه پڄي.
* ٻي سڀ ڪا ويٺي ڏڀي، بيٺي ڏڀي اٺ.
*ڀائي کائي ڇهھ آنا، گهوڙو کائي ٻارھن آنا.
* ڀڳي بانٺ، اڏاڻا ڳيرا.
* ڀلي آيو گانءِ جو ڄايو، جنھن سارو جڳ نپايو.
* تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي.
*تون به رئيس، مان به رئيس، پوءِ گڏھه ھڪليندو ڪير؟
* ٽن ٽنگن سان گڏھه، ٽي مڻ بار!
*ٺاٺارڪي ٻلي، ٺاٺاري جي ٺڪاون تي ھريل.
* پرائي ٻڪريءَ کي گاھه ڏيڻ، ڦولهڙين سان پنھنجو گهر ڀرڻ.
* پکي ته آڙي، چانور ته لاڙي.
* پنڌ کان، ڪتي جي وات ۾ چڱو.
* وقت ڪري واڪا، ته گهوڙو گڏھه کي چوي ڪاڪا.
* پنھنجي گهوڙي جا پنڌ، پنھنجي گابي جا ڏند، سڀني کي ياد رھن.
* جاڳندن جون وڇون، ستلن جا ڪونھان.
* جت اٺ ترندو، تت پڇ به ترندو.
* جتي گانءِ، تت گابو.
* جهڙا ڪانگ، تهڙا ٻچا.
* جهڙا گڏھه، تهڙا آٿر.
* جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنھن لمندا ڪن.
* چاڪيءَ جو ڏاند ۽ ڪاسائيءَ جو ڪتو، جت بيٺو تت کتو.
* ڏاڍو سو گابو.
* ڏاچي ھڻي ڏھه ته توڏي ھڻي تيرھن.
* رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورھه ٿيا.
* ساڳيا سڱ سڃاڻ، ڏاتو پنھنجي ڏاند جا.
*سان يا ته مينھن ۾، يا ته ڪاسائي وٽ.
*سائي وڻ تي گهڻا ئي پکي.
* ستين لنگهڻين ڪتو به حلال.
* سڪل گهوڙو سيٽيل سوار، اڻ پڇيو ھوندو سيد جو ٻار.
* سوٽي ھجي ساڻ، ته گڏھ گوھي نه ڪري.
* اُٺ پوي ڪڻڪ ۾ ته به ڪنڊا چڻ چڻ کائي.
*ڪانو کي لڙ ۾ مزو.
* ڪانگ مري ويا، جو لولو حج ڪندو؟
*ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري.
* ڪتو جنھن کي چڪي، پادر به سوئي کائي.
* ڪتو نه ڏسي، نه ڀونڪي.
* ڪتي جا ڏند، گڏھه جو ماس.
* ڪتي جو پڇ، ٻارھن مھينا نڙ ۾، تڏهن به ساڳيو.
* ڪڍ ڪڪڙ دائري مان، وڻ ٿي وڃائي.
* ڪسيري جي ڪتي، ٽڪي جا نان کائي.
* ڪنھن جي ٻڪري، ڪير وجهي گاھه.
*ڪني جا ڪاڻ، ڳئيون چاريم ڳوٺ جون.
* ڪوڙھيو ڪتو، کنھڻ کانسواءِ نه رھي.
*ڪوئن ڏٺي ٻلي، ته دلڙي ٿين ڍلي.
* گدڙ گدڙ جي ڪوڪ نه اونائي ته ڪوڙھيو ٿئي.
*گڏھه جي ڪر ته لڏ ٿي وڃي، لڏ جي ڪر ته گڏھه ٿو وڃي.
* گڏھه جي ھينگ گڏھه، گهوڙي جي ھڻڪار گهوڙو سمجهندو.
* گڏھه ڇا ڄاڻن گهيڙن مان.
* لٺ ڏسي ڀولڙو، نچڻ شروع ڪري.
* ماڪوڙيون مارڻ، ڪم نه ڪيھر شينھن جو.
* ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه ھنج.
* مرض اچي گهوڙي جيان، وڃي جونءَ جيان.
*نانگ جو ٻچو نانگ، ڪانگ جو ٻچو ڪانگ.
* ننڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا ھسوار.
*وڇ ڪڏي ڪلي آھر.
* وڇ کير ڏئي، ته مينھن ڇو ڌارجي؟
* وڪاڻل گهوڙين جون، ڪهڙيون بھائون.
* وھو ڍڳي تي سدائين مار.
* ھاٿي جا ڏند، کائڻ جا ھڪڙا ته ڏيکارڻ جا ٻيا.
* ھاٿيءَ جو بار ھاٿي کڻندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *