تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سنڌي نثر جو وڻندڙ چهرو ڏيکاريندڙ ڪتاب …رکيل مورائي

سنڌ جي اڄوڪي سرجندڙ تخليقي ادب ۾ هڪ ڳالهه جي ته پڪ آهي ته جيڪو به شخص/ليکڪ پنهنجي نالي سان گڏ پيرزادو لکندو، ان کي ميرمحمد پيرزادي ۽ انور پيرزادي جي نالي جو غيرمشروط سهڪار ادب ۾ ملڻو آهي سو ملندو، ڀل اُهي هڪ کان وڌيڪ لکندڙ پاڻ هڪ ٻئي کي سڃاڻندا به نه هجن يا وري عزيز هوندي به هڪ ٻئي جي مرڻي پرڻي ۾ به شريڪ نه ٿيندا هجن. ڪي ڪي شخص/ليکڪ پنهنجي پورهئي سان ،عمل سان، پاڻ کان پوءِ سماج ۾، ادب ۾ ايتري مڃتا ڇڏي ويندا آهن. سنڌي ادب ۾ اهڙا هڪ کان وڌيڪ مثال آهن. اهڙي سهمتي يا اسهمتيءَ واري صورتحال ۾ اقرار پيرزادو لکڻ جي عمل ۾ ظاهر ٿيو آهي. هُو پاڻ قبول نه ڪري تڏهن به مٿيون سهڪار کيس ملڻو آهي، ان کان هو لنوائي نٿو سگهي.
جيستائين اقرار جي ڪتابن، پهرئين ڪتاب ” جن سين لنون لاڳي“ ۽ ٻئي ڪتاب ” سامي سهاڳي“ جو واسطو آهي، اڄوڪي لکجندڙ نثر ۾ نهايت شانائتا نثري ڪتاب آهن. رڳو ايترو ئي نه پر هي نثر جا اهڙا ڪتاب آهن جيڪي نثر جي وڻندڙ ڪتابن ۾ تيستائين ياد رکيا ويندا، جيستائين سنڌي نثر جو ذڪر ادب ۾ ٿيندو رهندو.
اقرار پيرزادي جو ٻيون نمبر ڪتاب ” سامي سهاڳي“ جنهن ۾ هن ميرمحمد ۽ انور پيرزادي جو ذڪر به ڪيو آهي ۽ سچ پچ هن ڪتاب ۾ هيڻا خاڪا ئي اهي ٻه آهن، ڇاڪاڻ ته اهو سڀ جيڪو انهن ۾ لکيو ويو آهي، هُو ان لکت کان ٻاهر اڃا به وڏا آهن ۽ مان ائين به چوڻ/لکڻ چاهيان ٿو ته اهي خاڪا اقرار کي ايترو وڏو ليکڪ ثابت نه ڪري سگهندا، جيترو وڏو ليکڪ هو انهن خاڪن ۾ ظاهر ٿيو آهي جن ۾ اهي مٽيءَ هاڻا ماڻهو آهن، جن تي ڪنهن وقت فرانز فينن جي ائين ئي پيار جي ساڳئي وقت مڃتا جي نظر پئي هئي جيئَن ايڪيهين صديءَ جي شروع ۾ اقرار پيرزادي جي اهڙن ماڻهن تي پئي آهي. فرانز فينن جڏهن پنهنجو ڪتاب لکيو هو ته سندس عمر اقرار جي عمر کان لڳ ڀڳ ٻيڻي هئي ۽ اها ويهين صديءَ جي شروعات هئي. ان ڪري سچ پچ جيڪڏهن اقرار جي هن ڪتاب/ڪتابن کي فرانز فينن جي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃي ته هيءُ ڪتاب ان ڪتاب کان گهڻو گهڻو اثر دنيا جي مختلف ٻولين جي ادب ۽ ماڻهن تي، خاص ڪري مظلوم طبقن ۽ مظلوم ماڻهن تي وجهي سگهن ٿا. تجربو شرط آهي ۽ اهو اقرار جي وس ۾ نه آهي. ايڏو وڏو ڪم خوشحال قومن جا ليکڪ ڪري سگهندا آهن ۽ اقرار هڪ ننڍڙي، غريب قوم ۽ ٻوليءَ جي ليکڪ طور اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، ڇا کيس جسُ نه هُجي.؟
هڪ پڙهندڙ ۽ لکندڙ طور به، مان سمهجان ٿو ته ڪنهن به ڪتاب کي فقط ٻولي گهڻو وقت جياري نه سگهندي، ان ڪري اقرار پيرزادي جي ڪتاب ” سامي سهاڳي“ جو ٻيو پاسو اِهو آهي ته، هُن ۾ جن ڪردارن تي لکيو ويو آهي، اهي هن ڪتاب جي حيات جا ضامن آهن، اهي ڪردار جيڪي جيئرا جاڳندا آهن، انهن مان جن هلندڙ عمر پوري ڪري نئين زندگيءَ ۾ پير پاتو آهي، اُهي  اُتي سدائين جيئرا رهڻا آهن. ڪتاب ۾ انهن جي زندگي هن جهان واري آهي، پڪ سان جيستائين هيءُ جهان آهي، ان جي زندگي آهي، اهي سڀ ڪردار جيئرا رهڻا آهن، ڇاڪاڻ ته اقرار جيڪا انهن کي زندگي بخشي آهي، ان کي دوام آهي. هن ڪتاب ۾ اچي انهن اهڙي زندگي ماڻي آهي، جنهن کي موت جو ڊپ نه آهي، ڇاڪاڻ ته موت انسان کي تبديل ڪندو آهي، هڪ عمر کان ٻيءَ عمر ڏانهن بس.
ڪتاب ۾ آيل ڪردار هڪ عمر ڪاٽي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي ڪنهن ڳُڻ معرفت هن جهان ۾ ياد ڪيا ويندا، هن زباني ۽ لکيل ڪتابن ۾ انهن ڳڻن کي اقرار فقط قلم وسيلي اجاڳر ڪيو آهي، جيڪي منجهن اڳ ئي موجود هُئا. هن جي قلم جو اهو ڪرشمو آهي جو انهن کي اهڙي زندگيءَ ملي وئي آهي جنهن سبب اهي سدا حيات بڻجي ويا آهن.هيءُ سڀ اهي ماڻهو آهن جن کي اسين هر ڏهاڙي ڏسندا آهيون، پر سندن اندر ۾ ٻرندڙ اها جوت اسان جون اکيون ڏسي نه سگهنديون آهن ڇاڪاڻ ته اها جوت وڏي هوندي آهي، اسان جون اکيون ننڍڙيون هونديون آهن. اقرار جي اکين ڪردارن جي اندر ۾ ٻرندڙ انهيءَ جوت کي ڏسي ورتو.
اٺونجاهه خاڪن واري هن ڪتاب کي خاڪا نويسيءَ واري ادب، جڏهن به سنڌي ادب ۾ خاڪانويسي صنف طور اڀري ته هيءُ ڪتاب پهرين خاڪانويسيءَ واري ڪتاب جي ادب طور ڳڻايو ويندو، اهڙي اميد نه پڪ آهي.اقرار پيرزادي جي هن ڪتاب کان پوءِ وڌيڪ اميد جاڳي آهي ته هو لڳاتار لکندو رهندو ڇاڪاڻ ته هن جو لکڻ هاڻ خواهش نه پر سنجيدو عمل بڻجندو پيو وڃي، کيس ان عمل تي پير کوڙي بيهڻ کپي ۽ سڄي ڄمار بيهڻ کپي، ڇو ته ” لکڻ زندگيءَ جو راز آهي.“ (اياز)

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *