تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سنڌي مضمون نائين جماعت ۾ نه پڙهايو ويندو؟

نائين جماعت ۾ اهڙن ٻارن جن جي مادري زبان سنڌي ناهي انهن لاءِ آسان سنڌي مضمون ختم ڪرڻ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث هلي رهيو آهي، ان حوالي سان سارنگ ساگر هڪ نوٽيفڪيشن جي تصوير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اھڙا ٻار جن جي مادري زبان سنڌي ناھي انھن لاءِ سنڌ سرڪار نئين اسٽڊي اسڪيم ۾ نائين جماعت مان آسان سنڌي مضمون ختم ڪري ڏھين جماعت ۾ منتقل ڪيو آھي، جيڪو فيصلو درست ناھي. پھريان ائين ٿيندو ھو ته اھڙا ٻار ٽئين ڪلاس کان لاڳيتو نائين تائين آسان سنڌي مضمون پڙھندا ھئا ۽ لاڳيتو پڙھڻ وارو سلسلو درست ھو. ھاڻي اھڙا ٻار ٽئين ڪلاس کان سنڌي پڙھندا ايندا ۽ نائين جماعت ۾ کين سنڌي سبجيڪٽ نه پڙھڻو پوندو.اھو لاڳيتو پڙھڻ وارو سلسلو ٽٽڻ ڪري ڏھين جماعت ۾ کين سنڌي مضمون ڏکيو لڳندو. تعليم واري وزارت ۽ سنڌ سرڪار کي ان ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ زين چانڊيو لکيو ته اهو فيصلو غلط آهي، راءِ ڏياچ سنڌي لکيو ته اوهان ان کي سمجهي نه سگهيا آهيو، اهو نوٽيفڪيشن ڊسمبر 2019۾ جاري ٿيو هو. جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن ان نوٽيفڪيشن جي ڪاپي شيئر ڪئي آهي ۽ سنڌي مضمون جي نائين کان ڏهين جماعت ۾ منتقلي واري عمل جي مخالفت پڻ ڪئي وئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *