تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سنڌي لغت ۾ مصدر جي اعراب وارو معاملو … ڊاڪٽر الطاف جوکيو

سنڌي ٻوليءَ جي لھجن نسبت، مصدر جي آخر کان اڳئين/ ماقبل آخري (second last) حرف جي اعراب جو معاملو سامهون آيو آهي، جيئن: اُڀارَڻُ/ اُڀارِڻُ (بيھارڻ- همٿائڻ)- اَڏَڻُ/ اَڏِڻُ (ٺاهڻ- تعمير ڪرڻ)- چَکَڻُ/ چَکِڻُ (زبان سان ذائقو محسوس ڪرڻ)-کَسَڻُ/ کَسِڻُ (ڦُرڻ- ڇنڻ)- وِسارَڻُ/ وِسارِڻُ (ڀُلائڻ- دل تان لاهڻ). حالانڪ انهن ٻنهي صورتن مان ڪنھن به صورت کي غلط قرار نه ٿو ڏئي سگهجي؛ البت، ٻوليءَ جي ڪنھن معيار پٽاندرجاچڻ بعد ڪنھن هڪ صورت کي ترجيح هجڻ گهرجي.آخر کان اڳئين حرف جي اعراب واري اختلاف نسبت، مصدرون ’اُڀارَڻُ-اَڏَڻُ- کَسَڻُ- وِسارَڻُ- چَکَڻُ‘ وغيره ’جامع سنڌي لغات‘ (بلوچ، 1960 کان 1988) مان نوٽ ڪيون ويون آهن. تن مان ’مفصل سنڌي لغت‘ جي پنجين جلد تائين، ڪٽ پيسٽ سان ساڳيون صورتون رکيون ويون آهن. لفظن جون اهي ئي صورتون سنڌ جي ساهتي پرڳڻي/ وچولي لھجي ۾ ’زبر‘ بجاءِ ’زير‘ سان ڪم آنديون وينديون آهن، جيئن: ’اُڀارِڻُ- اَڏِڻُ- چَکِڻُ-کَسِڻُ- وِسارِڻُ‘.سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جا معاملا سرڪاري طور 1888ع کان 1999ع تائينهلندا رهيا. 2008ع تي پڻ ان سلسلي ۾ مذاڪرو ٿيو، پر سرڪاري خرچ سواءِ، ڪابه ترجيحي صورت مقرر يا متعين ٿي ڪونه سگهي. 2015ع ۾، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي جي نگرانيءَ هيٺ، راقم کي، صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن تي ڪم ڪرڻ سبب پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري مِلي.
هي اعراب جو معاملو به ’ترجيحي صورت‘ جي معاملي ۾ اچي پيو. هن دائري هيٺ غلط يا درست واري تُري ڪونه کڻبي آهي، البت، مختصر اڀياس بعد، مختلف صورتن مان ڪا هڪ صورت متعين ڪبي آهي. ظاهر آهي ته صورت مقرر ڪرڻ سان هڪ معيار پڻ ٺھي بيھندو آهي.اعراب جي ان معاملي کي ٻن رخن سان جاچي سگهجي ٿو: معياري لھجو ۽ معياري صورت! لھجن نسبت سنڌي ٻوليءَ جا پنج اهم لھجا (Dialects)آهن: اترادي، وچولو، لاڙي، ڪڇي ۽ لاسي. انهن لھجن ۾ ’ساهتي پرڳڻي‘ جو لھجو ’معياري‘ ليکجي ٿو، جنھن کي ’وچولو لھجو‘ پڻ ڪوٺيو ويندو آهي. ’وچولي‘ جي دائري ۾ اختلاف ان حوالي سان به رهيو آهي ته ان ۾ ’حيدرآباد‘ کي به زوريءَ ڳڻيو ويندو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ حقيقت پسند ماڻهو هو، جنھن ’حيدرآباد‘ کي ’وچولي‘ ۾ شامل نه سمجهيو، هو صاحب لکي ٿو: ”جيتوڻيڪ سنڌ جي ’وچولي واري ٻوليءَ‘ کي معياري تسليم ڪري ان کي ڪتابن ۾ آڻڻ ۽ لکڻ تي رسمي طور اتفاق ڪيو ويو، پر عملي طور گهڻي حد تائين حيدرآباد واري شھري ٻولي درسي ڪتابن توڙي سرڪاري دفتر جي ڪاروبار ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. صورتخطيءَ جي مسلسل سڌاري واڌاري ڏانھن گهٽ ڌيان ڏيڻ سبب ڪافي اوڻايون پيدا ٿيون… باوجود انهيءَ جي، جو سنڌي صورتخطي ڪنھن حد تائين معياري ٿي، مگر ان جي مختلف مسئلن کي سمجهڻ ۽ سنوارڻ جي ضرورت پوري نه ٿي.“ (بلوچ، سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي، 1992: 15- 16)
مصدر ۾ آخر کان اڳئين ڇوٽي سر وارو معاملو
فعل وارن لفظن جون ٻه صورتون اهم ليکيون وينديون آهن: مصدر ۽ امر. مصدر مان مراد مرڪزي لفظ جو اهڙو هنڌ، جتان ٻيا لفظ ڦٽي جڙندا هجن. ان ڪارڻ، سنڌي ٻوليءَ جي مصدر جي آخر ۾ ’ڻ‘ جو اضافو ڪيو ويندو آهي؛ جڏهن ته ’امر‘ مان مراد اهڙو منٿ يا حڪم وارو لفظ جنھن ۾ ضمير حاضر کي ڪجهه چيلُ هجي، جيئن:
مصدر: لِکَڻُ.
امر: لِکُ.
ان معاملي تي به اختلاف رهيو آهي ته فعل واري لفظ مان ’مصدر‘ کي ڌاتو/ بنياد سمجهجي يا ’امُر‘ کي! ٻوليءَ جي ساخت واري اڀياس بعد اهو طئي ٿيل آهي ته فعل جي ڌاتو/ بنياد کي ’امر‘ مان ڄاتو وڃي، يعني فعل جي شروعات ’امر‘ سان ڪئي وڃي، جيئن:
امرُ: لِکُ.
مصدر: لَکَڻُ.
ان نسبت سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي فعل ’امر‘ جي پڇاڙي ’پيش ۽ زير‘ ۽ ’اي‘ وچٿري سر سان ٿئي ٿي، جيڪو ضمير حاضر واحد کي مخاطب هوندو آهي، جيئن:
’پيش‘ واري پڇاڙيءَ سان: نَچُ- اَچُ- ڏِسُ- ويھُه- ڀَڄُ- ڀَڃُ- ڊُڪُ- ڇِنُ- روءُ- هَلُ وغيره.
’زير‘ واري پڇاڙيءَ سان: کَسِ- پُورِ- ڇوڙِ- سُڃاڻِ- مارِ- پيارِ- ڊاهِه- ساڙِ- نھارِ وغيره.
’اي‘ وچٿري سر سان: ڏي وغيره.
’ج‘ واري پڇاڙيءَ سان، فعل مجھول صورت ۾: اچجِ- آڻِجِ- ڪاوڙِجُ وغيره.
وڌيڪ لاءِ اها ڳالهه به سامهون اچي ٿي ته جڏهن امر مان ’حاصل مصدر‘ بيھي ٿي ته اعراب جي فرق سبب مختلف صورتون ٺھي بيھن ٿيون، جيئن:
امُر: لِکُ- حاصل مصدر: لِکَڻُ- اعراب جو ڇيد: لِکُ < لِکَڻُ = اُ < اَ + ڻُ امُر: مارِ- حاصل مصدر: مارِڻُ- اعراب جو ڇيد: مارِ < مارِڻُ = - < - + ڻُ مٿين ٻن لفظن کي جاچڻ بعد هيٺيون تڪڙو حاصل مطلب سامهون اچي ٿو: ’امر: لِکُ‘ مان جڏهن حاصل مصدر بيھي ٿي ته ’لِکُ‘ جو آخري پيش، زبر ۾ تبديل ٿئي ٿو. ’امر: مارِ‘ مان جڏهن حاصل مصدر بيھي ٿي ته ’مارِ‘ جي آخري زير تبديل نه ٿي ٿئي. حاصل مطلب: جيڪو امرُ آخري پيش رکي ٿو، اهو حاصل مصدر ۾ زبر سان تبديل ٿئي ٿو، جڏهن ته جنھن امر ۾ آخري زير هجي ٿي ته اها اعراب تبديل نه ٿي ٿئي. مقصد ته مصدر جي آخر کان اڳئين وينجن جي اعراب، سندس امر جي ’پيش‘ سبب تبديل ٿئي ٿي، جڏهن ته ’زير‘ سبب ساڳي ٿي رهي. مصدر جي آخر کان اڳين اعراب جي جاچ اَڏَڻُ، کَسَڻُ، وِسارَڻُ، اُڀارَڻُ، چَکَڻُ وغيره۾ آخري اکر کان اڳ واري ’زبر‘ تي اختلاف سامهون آيو آهي، جيڪو ساهتي پرڳڻي/ وچولي لھجي نسبت ’اَڏِڻُ، کَسِڻُ، وِسارِڻُ، اُڀارِڻُ اچارجي ٿو. جيئن ته عام طور، ’امُر‘ جي آخري اعراب ’پيش يا زير‘ بيھندي آهي، ان لحاظ کان ڪنھن به مصدر جو امُرُ معلوم ڪبو ته مصدر جي آخر کان اڳ واري اعراب هن ريت بيھندي: زبرَ، پيش ۾ بدلجي ٿي، جيئن: لِکَڻُ- لِکُ. زيرَ، امُر ۾ ساڳي رهي ٿي، جيئن: کَسِڻُ- کَسِ. اڀياس موجب،’اُڀارَڻُ-اَڏَڻُ- چَکَڻُ-کَسَڻُ- وِسارَڻُ‘ وغيره جون امري صورتون ترتيبوار’اُڀارِ-اَڏِ- چَکِ- کَسِ- وِسارِ‘ بيھنديون،ان ڪارڻ مصدر جون ماقبل آخر اعراب نسبت، مناسب ترجيحي صورتون:’اُڀارِڻُ،اَڏِڻُ، چَکِڻُ،کَسِڻُ، وِسارِڻُ ‘ وغيره متعين ڪرڻ گهرجن.’جامع سنڌي لغات‘ تي آڌاريل ’مفصل سنڌي لغت‘ تي ڪم ڪندڙن اڳيان نماڻي گذارش آهي ته مصدرن جي اعرابن ۽ اهڙن ٻين ٻوليءَ جي معاملن کي، ٻوليءَ جي ساخت ۾ جاچي، پوءِ ڪم کي اڳتي ڪيو وڃي. اکيون ٻوٽي، ڪٽ پيسٽ واري ڪم سان ڪاغذن جو پيٽ ڀري، پورائو نه ڪيو وڃي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *