تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سنڌي صورتخطيءَ ۾ ننڍي ڏنگيءَ جو استعمال … ڊاڪٽر الطاف جوکيو

صورتخطي (Orthography) به هڪ وسيع موضوع آهي، جنھن جا ڪيئي رخ ٿين ٿا. بيهڪ جي نشانين جو درست استعمال به صورتخطيءَ جي دائري ۾ اچي ٿو. بيھڪ جي نشانين جي اهميت، هر پڙهائيندڙ توڻي پڙهندڙ ڄاڻي ٿو. انهن نشانين ۾ ننڍيون ڏنگيون به آهن، جيڪي ابت سبت صورت ۾، ڪنھن جملي ۾ اضافي وضاحت طور ڪم آنديون وينديون آهن، ان سبب هن کي وضاحتي ڏنگيون به چئبو آهي.هي ڏنگيون ڪنھن لفظ يا خيال جي وضاحت خاطر وچ ۾ ڪم آنديون وينديون آهن؛ ان کان سواءِ ’ٿوري دم‘ ۽ ’ڳنڍيندڙ ليڪن‘ جو جوڙا به ان جي نعم البدل طور ڪم آندا ويندا آهن. هنن ڏنگين جي استعمال ۾ گهڻي قدر ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو آهي ته جيڪڏهن جملي کي، ڏنگين وارن لفظن سان يا ان کان سواءِ پڙهجي ته به جملي جي رواني يا نحوي بناوت ۾ فرق نه اچي. ننڍي ڏنگيءَ کي پڙهڻ دوران، لفظ: ’يعني‘ جو پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيئن: ”اسانجي ٻوليءَ ۾ ’ٽر ۽ ڊر‘جا اچار برابر موجود آهن ۽ موجوده سنڌي الف- بي ۾ پھرين اچارن لاءِ هڪ حرف ٽ ۽ ڊ (بغير ’ر‘ ڏيکارڻ جي) مقرر آهن.“ (عبدالڪريم لغاري،1976: 98)
مٿئين جملي ۾ ابت سبت صورت ۾، ننڍيون ڏنگيون ٻن هنڌن تي ڪم آندل آهن. جملي جي وچ ۾ وضاحت طور ڪم آئي آهي، جڏهن ته جملي جي آخر ۾ سائٽيشن جي صورت ۾ وضاحت ڏنل آهي. جملي ۾ ننڍين ڏنگين جو استعمال اهڙي انداز سان ٿيل آهي، جو جيڪڏهن جملو ڏنگين سان گڏ پڙهجي يا ان کان سواءِ پڙهجي ته جملي ۾ جهول ڪونه ايندو، البت صورتخطيءَ ۾ننڍين ڏنگين بدران، اضافي ٿوري دم جو استعمال سهائيندڙ رهندو، جيئن:
ڏنگيءَ وارن لفظن سان: ”اسانجي ٻوليءَ ۾ ’ٽر ۽ ڊر‘ جا اچار برابر موجود آهن ۽ موجوده سنڌي الف- بي ۾ پھرين اچارن لاءِ هڪ حرف ٽ ۽ ڊ، بغير ’ر‘ ڏيکارڻ جي، مقرر آهن.“ يا ”اسانجي ٻوليءَ ۾ ’ٽر ۽ ڊر‘ جا اچار برابر موجود آهن ۽ موجوده سنڌي الف- بي ۾ پھرين اچارن لاءِ هڪ حرف ٽ ۽ ڊ – بغير ’ر‘ ڏيکارڻ جي – مقرر آهن.“
مٿئين جملي ۾ ڏنگين جي شروع ٿيڻ سان ئي ’يعني‘ جو لفظ به ڪم آڻيندا آهيون، جيئن: ”اسانجي ٻوليءَ ۾ ’ٽر ۽ ڊر‘ جا اچار برابر موجود آهن ۽ موجوده سنڌي الف- بي ۾ پھرين اچارن لاءِ هڪ حرف ٽ ۽ ڊ، يعني بغير ’ر‘ ڏيکارڻ جي، مقرر آهن.“
ڏنگيءَ وارن لفظن کان سواءِ: ”اسانجي ٻوليءَ ۾ ’ٽر ۽ ڊر‘ جا اچار برابر موجود آهن ۽ موجوده سنڌي الف- بي ۾ پھرين اچارن لاءِ هڪ حرف ٽ ۽ ڊ مقرر آهن.“ هن ننڍڙي مثال ڏيڻ مان اهو واضح ٿئي ٿو ته’جملي ۾ ننڍي ڏنگيءَ جي استعمال جون ٻه چالون آهن، هڪ: جتي ڏنگيون استعمال ڪجن ته ان جي مراد، ’واضح ڪرڻ‘ هجي، ٻيو: جڏهن جملو پڙهجي ته ڏنگين وارن لفظن سوڌو ۽ ڏنگين وارن لفظن سواءِ، جملي ۾ ڪا جهول محسوس نه ٿئي.
ڊسمبر 2015ع دوران گورنمينٽ ايليمينٽري ۽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ نصب ٿيل تاريخي گهنڊ جي ڪتبي کي ٻارن وانگر پڙهڻ لڳم ته ”هيءَ تاريخي گهنڊ (لنڊن 1862ع) کان ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد پهتو جنهن کي موجوده عمارت ۾ لڳايو ويو. هي گهنڊ 1970ع جي ڏهاڪي تائين وڄايو ويندو هو….“ صورتخطيءَ جي خيال کان اٿندي ئي ٻه چڪون ٽڪ هڻي بيهي رهيون. هڪ: ’هيءَ‘ ضمير اشارو، جيڪو مؤنث لاءِ ڪم ايندو آهي، پر هتي گهنڊُ مذڪر آهي، ان صورت ۾ ’هيءُ‘ لکڻ کپندو هو. ٻئي جملي ۾ وري ’هي گهنڊ‘ لکيو ويو آهي، ’هي‘ ضمير اشاري نسبت ’جمع‘ جو صيغو آهي. ٻيو: ننڍي ڏنگيءَ جي استعمال مان مراد، هوندي ته وضاحت آهي پر ان جي بيهارڻ جي چال، اها هوندي آهي ته جملي کي ڏنگيءَ سان پڙهجي يا ڏنگيءَ کان سواءِ پڙهجي، ان صورت ۾ جملو روان رهي!استاد جي حيثيت ۾ بنيادي تربيتون مون به ورتيون آهن. حقيقت ۾ ٽريننگ ڪاليجن ۾ اهڙين بنيادي ڳالهين تي وڏو ڌيان ڏنو ويندو آهي. هاڻي مرڪزي ٽريننگ ڪاليج جي اهم تاريخي ڪتبي جي منڍ ۾ ئي اهڙيون چُڪون ٿين ته اهڙي لاپرواهي ضرور ڏک رسائي ٿي.تڙ تڪڙ ۾ ته اهڙيون چڪون ٿينديون پيون آهن، پر صدين واري شيءِ، جيڪا صدين تائين رهڻ کپي، ان ۾ ته احتياط هجڻ گهرجي. ان تاريخي ڪتبي جو جملو مختلف نوعيتن سان هن ريت سڌو ٿيندو:
01-”هيءُ تاريخي گھنڊ (1862ع،لنڊن کان) ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد پهتو.
02-هيءُ تاريخي گھنڊ (لنڊن کان، 1862ع ۾) ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد پهتو.
03-هيءُ تاريخي گھنڊ (لنڊن، 1862ع ۾) ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد پهتو.
04-هيءُ تاريخي گھنڊ (لنڊن، 1862ع) ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد پهتو.
05-هيءُ تاريخي گهنڊُ، لنڊن مان 1862ع ۾، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد پهتو.
چار جملا خيال خاطر ڏنگيءَ ۾ رکيا ويا آهن ۽ آخري جملو ڏنگيءَ کان سواءِ رکيو ويو آهي. اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته ’ننڍي ڏنگيءَ‘ جي مراد وضاحت هوندي آهي، ان جي چال ائين رکي ويندي آهي، جو جملو ڏنگيءَ سان پڙهجي يا روان پڙهجي پر جملي ۾ ڏنگ پيدا نه ٿئي. اها پراڻن يا ماهر استادن جي هدايت رهي آهي.تازو سنڌي ٻولي اختياري پاران شايع ٿيل تحقيقي جرنل ’سنڌي ٻولي‘ جلد تيرهون، شمارو پھريون ۾ ڊاڪٽر آفتاب ابڙي جو ريسرچ پيپر ’جديد سنڌي گرامر جي ضرورت‘ عنوان سان پڙهيم. پيپر معلوماتي ۽ تاريخي لحاظ کان ڀرپور آهي، ان کان علاوه تمام گهڻا زاويا ان ۾ سمايل آهن، جنهن جي هرهڪ نڪتي تي کليل بحث ٿيڻ گهرجي. منهنجي ناقص راءِ آهي ته ريسرچ پيپر صرف ۽ صرف هڪ نڪتي جي مسئلي تي ٿيندو آهي، جيڪو سراسر فني معاملو هوندو آهي. اندازو آهي ته ڊاڪٽر آفتاب ابڙو لسانيات جو ماهر محقق سڏبو آهي، ان حوالي سان سندس هڪ جملي ۾ ڏنگيءَ جي استعمال کي لسانيات جي دائري ۾ ڏسڻ گهرندس. ڊاڪٽر آفتاب ابڙو گرامر جي ليکڪن ۽ عبدالواحد شيخ جي ’صرف و نحو‘ تي عالماڻي نظر رکندي لکي ٿو:”اختصار کا ڪم وٺندي، ڪي اهميت جوڳا ٻه چار سوال پيش ڪجن ٿا، جنهن مان (1950) کان پوءِ گرامر نويسن جي علمي ڄاڻ، لسانياتي مهارت، لفظن جي جوڙجڪ، جملن جي بيهڪ وغيره جو اندازو لڳائڻ آسان ٿيندو!(الف) ”سنڌيءَ جي 52 حرفن ۾ سورنهن حرف عربي ۽ فارسيءَ جا آهن!“ (ص- 1)شيخ صاحب کي (Orthography) جي بلڪل ڄاڻ نه آهي. شيخ صاحب جيڪڏهن سمجهي ٿو ته ا- ب- ت- ج- ک- م- و- ن- ي وغيره عربيءَ جا آهن، سنڌيءَ جا نه آهن ته پوءِ ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو! وڌيڪ لکي ٿو ته: (ب) سنڌي زبان جا پنهنجا اکر ڪل چار آهن، باقي سنسڪرت جا آهن.“ (ص- 1)“ (آفتاب، سنڌي ٻولي- جرنل، سال: 2020، ص: 23- 24)ان نڪتي تي ڊاڪٽر آفتاب ابڙو عالماڻي راءِ ڏيندي لکي ٿو: ”جنهن عالم جي سوچ اها هجي ته هزارين سالن جي اوسر ۽ دنيا سان ڪاروهنوار رکندڙ سنڌي ٻوليءَ وٽ ڪل چئن اکرن جي ميراث هئي ته پوءِ ان تي ڪهڙي ميار؟“
اسان جي عالمن پاران تيار ڪيل، جديد لسانيات جي عالم واري ڀنڊار مان جڏهن چند جملا کڻجن ٿا ته سچ ته اسان کي به هڪ ليکڪ تي افسوس ڪندڙ لسانيات جي عالم تي افسوس ٿو ٿئي ته
*هن اسان جي فاضل ڊاڪٽر آفتاب ابڙي کي Orthography (ڏنگين سواءِ) جي بلڪل ڄاڻ نه آهي. ڏنگين ۾، ڏنگين سواءِ، ان لاءِ لکيم ته مذڪوره جملي ۾ ڏنگين جو استعمال نه ٿيندو. ان جي وضاحت واري ڊيگهه ۾ نه ٿو وڃجي.
*ٻيو Orthography مان مراد صورتخطي هوندي آهي، ٻي ڪا معنى يا مراد آهي ئي ڪونه! اکرن ۽ انهن جي آوازن واري پٽاڙ ۾ اهو اصطلاح ڪم ئي نه آڻبو.
*ڊاڪٽر آفتاب ابڙي کي ڏنگيون درست ڪري لکڻ کپندو هو، جيئن: ”اختصار کا ڪم وٺندي، ڪي اهميت جوڳا ٻه چار سوال پيش ڪجن ٿا، جنهن مان 1950ع کان پوءِ گرامر نويسن جي علمي ڄاڻ …… شيخ صاحب کي Orthographyجي بلڪل ڄاڻ نه آهي.“ ۽ پڻ ٻيا نمونا ٿي سگهن ٿا.
*منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر صاحب کي ’نمايان ڪندڙ‘، هيڪوٽيون واڪ جون نشانيون استعمال ڪرڻيون هيون پر ڀل ۾ ’ننڍيون ڏنگيون‘ لڳي ويون هوندس.
*باقي واحد بخش شيخ جي جملن ۾ اهڙو اظهار آهي، جيڪو ڊاڪٽر آفتاب ابڙي بيان ڪيو آهي؟ اهو ئي خود وڏو سوال آهي. ڊاڪٽر آفتاب ابڙي جيڪو صفحو نمبر ڏنو آهي، اهو صفحو درست آهي، يا نه؟ اهو به تحقيق جو هڪ وڏو سوال آهي. ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، آواز ۽ اکر کي الڳ سمجهي ٿو يا شيخ صاحب وانگر ساڳئي دائري ۾ ڏسي ٿو؟ اهو به هڪ وڏو مسئلو آهي. دور جي حساب سان واحد بخش شيخ جي ڳالهه ته مناسب به آهي، البت ان کي لسانيات سان واضح ڪرڻ جو زاويو ٻيو به ٿي سگهي ٿو، ليڪن جنهن انداز سان ڊاڪٽر آفتاب ابڙي علمي اُڇال ڪئي آهي، سا پيرائتي ناهي.
بهرحال، سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ کي هٿ ادب جا ٻڌي گذارش ٿي ڪجي ته اهڙا پيپر مستند ماهرن ڏانهن نظر ثانيءَ لاءِ موڪليا وڃن، ته جيئن علمي معيارَ برقرار رهي سگهن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *