تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سنڌي صحافت ۾ نواڻ آڻيندڙ ”پنهنجي اخبار“ جو هڪ سال ….ممتاز بخاري

سائبر اسپيس جي دنيا روايتي انداز ۾ هلندڙ دنيا جا رنگ ڍنگ ئي مٽائي ڇڏيا آهن. اڄ دنيا مڪمل طور تي ميڊيائي دنيا ٿي وئي آهي. سوشلائيزيشن ۽ معلومات جي فراهمي جو وسيع نيٽ ورڪ ”سوشل ميڊيا“ بڻجي وئي آهي. اهڙي صورت ۾ روايتي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اهميت برقرار رکڻ وڏي محنت ۽ تخليق وارو ڪم بڻجي ويو آهي. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڪم ڪندي، اوچتو جڏهن حالتن جي تبديلي سبب هڪ نئين دنيا جو دڳ وٺڻو پيو، ته ان دڳ جو پنهنجو مزو هو، 2019ع ۾ ڊجيٽل دنيا ۾ داخل ٿياسين. اهو گمان ته هو ته ايندڙ وقت جو هي به هڪ مک ميڊيم ٿيندو، ڇو ته اولهه جي ملڪن ۾ پرنٽ ۽ اي اخبار کانپوءِ ڊجيٽل اخبار عام جام هئي، پر سنڌي ۾ هڪ مڪمل اخبار، جنهن لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رپورٽر مقرر ٿين ۽ هڪ پوري ڊيسڪ قائم ڪري پرنٽ اخبار جيان ڪم شروع ٿئي، اهو رسڪ ۽ ايندڙ وقت جو اڳ جهلڻ وارو پڪو يقين ڪندڙ علي قاضي صاحب هو. مهينو وڏو هو جو ڊجيٽل ”پنهنجي اخبار“ سائبر اسپيس جي دنيا جو ڌيان ڇڪرائي ورتو ۽ سوشل ميڊيا جو هڪ بهترين سورس بڻجي ويو.
سوشل ميڊيا جي دنيا جون ڪيئي هاڪاري ڳالهيون به آهن، پر اتي ”ڪوڙين خبرن ۽ افواهن“ جو جهان به تمام گهڻو آهي. سوشل ميڊيا تي ڊجيٽل يا اِي پيپر جون خبرون ماڻهن جي دلچسپي ۽ اطمينان جو سبب آهن، ان دوران ئي علي صاحب پرنٽ جو ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ پريڪٽس طور اخبار جو لي آئوٽ تيار ڪرائي خبرون ۽ اسٽوريون شروع ڪرايون. حقيقت اها آهي ته پريڪٽس دوران پڇاڻن مان اندازو ٿي ويو ، ته هي اخبار خبر جي دنيا جي هڪ مختلف اخبار هوندي ۽ ايئن ئي ٿيو. منهنجو واسطو اخبار جي ٻين معاملن سان به رهيو آهي، سو سکر ۽ حيدرآباد ۾ پريسون لڳڻ کان ڇپائي شروع ٿيڻ تائين وارين محنتن ۽ جذبي کي اکين سان ڏٺو ۽ ان جو حصو بڻيل رهيو آهيان.
سکر ۾ پريس جو سامان مارچ 2019ع جي آخري هفتي ۾ پهچڻ شروع ٿيو. ڪراچي ۽ لاهور کان انسٽاليشن لاءِ ٽيمون پهچي ويون. وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي پريس لاءِ گڏ ٿي. سامان جي کوٽ واڌ جي هڻ هڻان شروع ٿي وئي. گڏوگڏ عملو به رکجڻ شروع ٿيو. علي صاحب جي فونن مان اندازو ٿي رهيو هو ته اخبار ۾ دير ناهي ٿيڻي. نور جوکيو ڪراچي مان سامان موڪلڻ ۾ رڌل هو، ڪڏهن اهو ته ڪڏهن هتان اسان هڪ ٻئي ڏانهن ڪم لاءِ وقتا بيوقتا رابطا ڪندا رهياسين، 3 اپريل تي اخبار ڇپجڻ جي پريڪٽس تي پهچي وياسين. جڏهن اخبار ڇپجڻ شروع ٿي ته ان جا فوٽو ڪڍي علي صاحب ڏانهن موڪليا، پر علي صاحب به ڪو مطمئن ٿيڻ وارو هو! پوءِ هارڊ ڪاپي ڪراچي موڪلي سين، ايئن ٽي ڏينهن ٻيا پريڪٽس ۾ لڳا. ڪڏهن ڪو سامان کٽي، ڪڏهن پريس مين چون ته هي ناهي. وچ ۾ جمعي جو ڏهاڙو آيو، سامان ملي ئي نه، گڏجي سڏجي ڪو دڪان کولرائي اهو سامان هٿ ڪيو، پوءِ اعلان ٿي ويو ته اٺين تاريخ تي اخبار ماڻهن جي هٿن تائين پهچائڻي آهي. عام طور آئون خبرن جي دنيا يا بيورو آفيس جي ڪم ڪارين ۽ ٿورو گهڻو مارڪيٽنگ جو ماڻهو رهيو آهيان، ان لاءِ هي تجربو نئون به هو ته هڪ رومانس به هو، جو نئين صورتحال ۾ سڀ ڪجهه ڪرڻو پئجي رهيو هو. نون ماڻهن سان واسطو ٿي رهيو هو، جن مان ٻه چار مک ماڻهو ڏينهن اندر مٽجي رهيا هئا. ستين اپريل تي آئون پريس تي هئس، ان کان اڳ بيورو آفيس مان خبرن جو فائل به موڪلي آيم، پٺيان فاروق سومرو خبرون موڪليندو رهيو. ساڍي ڏهين وڳي اندريان پيج پيسٽنگ لاءِ پهتا. پيسٽنگ بعد انهن جون پليٽون ٺهڻ شروع ٿيون، ان دوران به ڪراچي هيڊ آفيس ۽ پريس جي ڪمپيوٽر، پيسٽنگ ۽ پليٽ ميڪنگ سيڪشنس جو پل پل ۾ رابطو ٿيندو رهيو. ڪنهن مهل فوٽن جي ايڊجسٽمينٽ ته ڪنهن مهل لي آئوٽ سمجهڻ لاءِ ڪراچي رابطو ڪيو پئي ويو، وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏيا هئاسون. پرنٽنگ شروع ٿي، منڍ ۾ مون سميت پرنٽنگ اسٽاف مونجهه جو شڪار ٿيو جو پريس ۾ ڪهڙي مهل ڪهڙو مسئلو ته ڪهڙي مهل ڪهڙو مسئلو ٿي رهيو هو. ڪوشش ڪري مٿي ٻڌائڻ بجاءِ حل جي ڪوشش ۾ رڌل رهياسين، ياد آهي، ته اندريان ڇهه پيج ساڍي ٻارهين کان هڪ وڳي تائين مڪمل ٿي ويا هئا. بائينڊرن به وڃي پنهنجي جاءِ سنڀاري، اخبار کڻڻ لاءِ گاڏيون ۽ ڊسپيچر تيار ٿي ويا. اڍائي وڳي کان ساڍي ٽين وڳي تائين اخبار جي مڪمل روانگي ڪري هڪ نئين اطمينان ۽ اتساهه سان روانو ٿيس. حقيقت اها آهي ته جڏهن پهرين رات مان سکر واري پريس تي هئس، منهنجي هٿ ۾ پرنٽ اخبار جي اندرين صفحن مان پهريان چار صفحا هئا ته ان ۾ مواد جي Content مان ئي تخليقيت نظر اچي وئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي اخبارن جي ڏهاڪن کان وٺي سيٽنگ ۽ لي آئوٽ ملندڙ جلندڙ رهيو آهي پر پنهنجي اخبار لوگو کان ويندي ڪنٽينٽ ۾ وڏي تبديلي آندي.
ان ڏينهن 8 اپريل 2019ع تي ليڊ ۾ باڪس اسٽوري منهنجي هئي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته معاملو رڳو ڪرنٽ اشوز جو ناهي پر اثر ڇڏيندڙ اسٽوري جو آهي، ۽ پوءِ پنهنجي اخبار ۾ اهڙيون به ليڊ اسٽوريز آيون آهن، جيڪي روايتي ٽرينڊ کان مختلف رهيون آهن. ايئن ٻيون اسٽوريون پڻ. سکر ۾ فاروق سومري به خبرن ۽ اسٽوريز جي حوالي سان ثابت ڪيو ته ڪم ڪيئن ڪبو آهي.
سکر ۾ پنهنجي اخبار جي سرڪيوليشن جو شعبو شمشاد علي خاصخيلي سنڀالي رهيو آهي. منفرد شخصيت جو مالڪ شمشاد پريس سان واڳيل سمورن مسئلن کي منهن ڏئي ٿو، اخبار عوام تائين پهچائڻ ۾ سندس ڪردار تمام اهم آهي. سکر واري پريس ۾ ڪم ڪندڙ ٻين دوستن ۾ اسسٽنٽ اشفاق علي ابڙو، ڪمپيوٽر آپريٽر عبدالقادر ابڙو، پيسٽر مختيار علي ملڪ، پيسٽر
رحيم بخش بلوچ، پليٽ ميڪر محمد اسماعيل قادري، صدام سميجو شامل آهن. اخبار جي سهڻي ڇپائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙن ۾ مشين فورمين عبدالجبار جاگيراڻي، هيلپر محمد حنيف گهانگهرو، سعيد گهانگهرو، ڪتب الدين پيرزادو، اليڪٽريشن راشد حسين انصاري شامل آهن. سکر پريس تي بائينڊر انچارج غلام اڪبر کوسو آهي سندس ساٿين ۾ محمد صابر ميراڻي، دلشاد حسين ابڙو، صدام حسين کوسو، سيد جاويد علي شاهه، نعيم احمد، عجب گل ميراڻي شامل آهن جيڪي اخبار جي بائينڊنگ ڪري عوام تائين پهچائين ٿا. گارڊ امداد علي سومرو، هوش محمد، لوڪل ڊسپيچر محمد يامين، لاڙڪاڻي جو ڊسپيچر محمد زمان سولنگي، پيون سهيل جوجي پڻ پنهنجي اخبار جي دنيا جو سرگرم حصو آهن.
لاڙڪاڻي جو سول ايجنٽ مختيار علي ميراڻي، جيڪب آباد جو عباس علي سومرو، اختر قريشي، عبدالمجيد چوهاڻ پڻ پنهنجي اخبار کي عوام تائين پهچائڻ ۾ مددگار آهن ان کانسواءِ سندن سوين هاڪر آهن جن سڀني جا نالا شامل ڪرڻ ممڪن نه آهي. اڄ روزاني ”پنهنجي اخبار“ سمورين مشڪلاتن هوندي، هڪ سال پنهنجي ڪاميابين ۽ ڪامرانين سان پورو ڪيو آهي، جنهن تي پنهنجي سٿ جي سرواڻ علي قاضي صاحب، سمورن ساٿين، رپورٽرن، ورڪرن ۽ سموري سنڌ جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *