تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سنڌي سماج جي تاريخ جو باب، هڪ آتم ڪٿا…استاد نظاماڻي

سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪڏهن يادگيرين آتم ڪٿائن، جيون ڪهاڻين جي ڪتابن تي نظر ٿي وجهجي ته هڪ وڏي فهرست ٺهي ٿي وڃي، ان فهرست مان ڪجهه ڪتاب ته اهڙا آهن جيڪي پڙهندڙن جي دلين ۾ گهر ڪري ويا، جيڪي بار بار پڙهڻ تي دل به چوندي آهي، انهن جا ڪيئي ايڊيشن شايع ٿيا آهن ۽ مان سمجهان ٿو ٿيندا رهندا، انهن آتم ڪهاڻين ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي, سائين جي ايم سيد، علامه دائود پوٽو ، مرزا قليچ بيگ سميت ٻيا نالا به کڻي سگهجن ٿا، راشدي ڀائرن جا ڪتاب، جن ۾ علي محمد راشدي جو“ اُهي ڏينهن اُهي شينهن يا پيرحسام الدين راشدي جو اُهي ڏوٿي اُهي ڏينهن، پڙهون ٿا ته سنڌ جي تاريخ ثقافت سامهون اچي وڃي ٿي، جيتوڻيڪ علي محمد راشدي جو ڪتاب سندس هم عصرن جي خاڪن تي مشتمل آهي پر ان ۾ جيڪا ٻولي سنڌي محاورن سان جيڪو نثر لکيو ويوآهي، ان لفظن جي دريا ۾ پڙهندڙ به گڏوگڏ ترندو ٿو وڃي .
هن ڊجيٽل دور ۾ ڪتاب پڙهڻ به پڙهندڙن لاءِ ڄڻ هڪ ڪم بڻجي ويو آهي، ڪتاب کان بيزار معاشري ۾ اهڙا ڪتاب به آهن جيڪي پڙهندڙ کي پڙهڻ تي مجبور ڪن ٿا، ۽ بار بار ڇپجن به ٿا، پر ڪي ڪتاب صرف هڪ دفعو ڇپجندا آهن صرف بوڪ شيلف ۾ شوپيس کان وڌ انهن جي اهميت نه هوندي آهي، ڇپيل جو خوبصورت هوندا آهن. سنڌ ۾ هڪڙو ٻيو مثبت جيڪو رجحان اڀريو آهي، ان ۾ اسان جي آفيسر طبقي مان رٽائر آفيسرن به پنهنجون يادگيريون لکڻ شروع ڪيون آهن. جيڪي يقينن تاريخ جو هڪ حصو بڻجنديون پر انهن ۾ ڏسجي ته سچائي ڪيتري آهي. سچائي جي پرک تي جيڪڏهن شخصيتن کي توريون ٿا ته ايمانداري، اصول، حق سچ چوڻ واري ساهمي جي پُڙن ۾ رکون ٿا ته ، ادب دوستي، ۾ ٻه اهڙيون شخصيتون آهن جن کي سنڌ جا ماڻهو عزت جي نظرن سان ڏسن ٿا. انهن مان هڪڙو آهي عبدالقادر منگي، ٻيو گُل محمد عمراڻي، عبدالقادر منگي ته پنهنجي يادگيرين جو ڪتاب لکي تاريخي مواد ڏنو آهي، جنهن ڪري سندس نالو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو. ائين گُل محمد عمراڻي به جيڪڏهن پنهنجي ڊيوٽي دوران پيش آيل واقعن کي لکي ته گهڻيون دلچسپ ڳالهيون پڙهڻ لاءِ ملي وينديون. ٻيو نه ته کپرو ڀرسان مٺڙائو ڪينال ڪناري ريسٽ هائوس ۾ رات جي انڌيري ۾ ٿيل ببلي ڪيس واري واقعي تي ئي کڻي لکي ته پڙهندڙن جي وات ۾ اڱريون اچي وينديون.
سنڌ جي سياست، سماج، ادب جي تاريخ، سائين جي ايم سيد، راشدي ڀائر ۽ ٻيا ليکڪ لکي ويا، علي محمد راشدي سان ڪيئي سياسي، نظرياتي، اختلاف رکي سگهجن ٿا، پر جيڪا قلم جي ڏات قدرت طرفان انهن کي ملي، سا ڪمال جي هئي. ورهاڱي کانپوءِ جي جيڪا سياسي، سماجي ادبي تاريخ جڙي آهي، مٿين ڪتابن کانپوءِ هاڻ صرف اهڙن ئي ڪتابن مان ملندي، جهڙي نموني عبدالقادر منگي ڪتاب لکيو آهي. سنڌ جي ڪامورڪي لڏي مان صوفي منش آفيسر عبدالقادر منگي جو ڪتاب جنهن جو عنواب به سچل جي انهي بيت تان کنيو ويو آهي “ جوئي آهيان، سوئي آهيان” پڙهي پورو ڪيو اٿم. پڪي جُلد ۾ رنگين تصويرن سان 624 صفحن تي مشتمل ڪتاب جنهن ۾ نه صرف سندس يادگيريون آهن، پر سنڌ جي هاڻوڪي تاريخ به آهي، جيئن ته هن سموري سنڌ ۾ نوڪري دوران مشاهدا ماڻيا، سروس دوران لڳ ڀڳ سنڌ جي ڪيترن ضلعن ۾ نوڪري ڪيائين، جنهن به شهر ۾ رهيو، انهي علائقي جي تاريخ، نامور شخصيتن، اديبن، صحافين جو به ذڪر ڪيو اٿس
ڪتاب ۾ کوڙ سارا موضوع آهن، سنڌ جي سياستدانن اديبن، سماجي ورڪرن کان ويندي عام ماستر ڪلارڪ تائين جو ذڪر آهي، وڏيراڻي، قبائلي سماج جي عڪاسي سان گڏوگڏ ڪامورن پوليس آفيسرن جي روين کان ويندي، پيراڻين گادين، خليفن جو احوال به دلچسپ افسانوي انداز ۾ آهي. سنڌ جي قبائلي سماج ۽ فيوڊل سوچ جي عڪاسي ڪندي، خيرپور ۾ ڊيوٽي دوران، اُڄڻ ۽ ڪليرن جي جهيڙي جو جرڳائي فيصلي جو احوال لکندي لکيو آهي ته، هڪ پيار جي پرڻي تان پنجاهه کان مٿي ماڻهو قتل ٿي ويا، ان بعد فيصلو ٿيو ته، ڏنڊ ڏوهه کان علاو نڪاح پيل پريمي جوڙي کي ٽوڙيو ويو، عورت جو پيٽ ۾ پيل ٻار ڪيرائي ان کي زوري ٻئي ڪنهن سان پرڻايو ويو، پر پوءِ بعد ۾ خبر پئي تي اها ڇوڪري وري واپس ساڳي همراهه يعني پهرين مڙس سان نڪري وئي. اهو فيصلو جيڪو ٿيو ڪو عام ماڻهن ڪون ڪيو هو پر سنڌ جي سياست جا اهم اڳواڻ، اهم معزز ايليٽ ڪلاس جا وڏيرا هئا، جن وٽ اڄ به سنڌ جون واڳون آهن.
جڏهن هو کپري ۾ هو ته ان وقت جون لکيل ساروڻين (ڪتاب) ۾ پير پاڳاري سان ملاقات جو احوال، کپري جي ماڻهن جو ڪلچر، صوفي شاعرن کان ويندي، چورن، ڦوروئن جو ذڪر به دلچسپ ايمانداري سان ٿيل آهي. جيئن ته آئون به سانگهڙ ضلعي جو آهيان جن شخصيتن جو احوال لکيل آهن انهن کي گهڻو سڃاڻان، ڪتاب پڙهندي، مون انهن واقعن کي خاص طور انڊر لائن ڪيو، کپري ۾ پيش آيل هڪڙو ٻيو واقعو جيڪو لکيو ويو آهي. ته، “رتي ڪوٽ جي زڪوات ڪميٽيءَ جي چيئرمين زڪوٰت جي پئسن مان پهرين قسط ڪڍي. ان مان ڀاڻ خريد ڪري زمين کي ڏئي ڇڏيو. اسان کي اطلاع مليو. کيس مون گهرايو. چيائين “هائو بيشڪ ائين ڪيو آهي. مون کي ڏسو، اک کان ڪاڻو آهيان، ڄنگهه کان منڊو آهيان، ٽن سالن کان فصل ڪونه ٿيو آهي. مون کان وڌيڪ مستحق ۽ معذور ڪير هوندو. ڀاڻ گهرائي ڪڻڪ جي فصل کي ڏئي ڇڏيو اٿم.” چيو سين ته “الله جو ڏوهه ڪيو اٿئي.” چيائين “الله معاف ڪندو، باقي توهان زور ٿا ڀريو ته فصل لهي ته کڻي ٻين مستحقن کي به ڪجهه حصو پتي ڏيندس. حالي ته مون کي ڇڏيو ته وڃي پنهنجي فصل جي ڪريان. چوٿين سال به فصل مري نه وڃي.”
ڪتاب ۾ اهڙا کوڙ سارا واقعا آهن جيڪي تاريخ جو حصو بڻجي ويا آهن، هن ڪتاب جي هن وقت اهميت پنهنجي جاءِ تي پر ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ اهميت ٿيندي. ڪتاب جو اختتام به ڀٽائي جي ان بيت سان ڪيو ويو آهي جنهن مان سندس سنڌ سان عشق جو اظهار ٿئي ٿو.
مون پنهنجو من ۽ “عشق” ڌرتي ۽ ٻنيءَ سان لڳائي ڇڏيو هيو.
“ڪُنڍي ڪِلين وچ ۾، جڏهن هئين جن،
موٽي مون پرين، ڪڍڻ جي ڪين ڪئي.”

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *