تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سنڌي زبان جي نعتيه شاعري …ڊاڪٽر نواز علي شوق

برصغير پاڪ هند ۾ سڀ کان پهرين سنڌ اسلام جي نور سان منور ٿي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ کي باب الاسلام چيو وڃي ٿو. مڪتوبات نبوي جو مجموعو سڀ کان پهرين ديبل جي هڪ عالم ابو جعفر بن ابراهيم ديبلي مرتب ڪيو. قرآن پاڪ جو پهريون ترجمو 270هه ۾ سنڌي زبان ۾ ٿيو. سنڌ ۾ اهڙيون هستيون پيدا ٿيون، جن کي اسلام ۾ وڏي عزت عظمت ۽ شهرت حاصل آهي، انهن ۾ مخدوم ابو ضلع سنڌي، ابو عطا سنڌي، ابو محشر سنڌي، امام اوزاعي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مولانا محمد حيات سنڌي، محمد عابد سنڌي وغيره گهڻو مشهور آهن. ابو عطاري عربي شاعري ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪيو، ابو محشر سفازي يعني سيرت جن من ۾ مقبوليت ماڻي، امام اوزاعي فقه ۾ امام مڃيو وڃي ٿو، محدث محمد حيات سنڌي ۽ محدث محمد عابد سنڌي کي امام الحرمين جو منصب عطا ٿيو. مطلب ته هتان جي عالمن سيرت پاڪ تي جيڪي ڪتاب لکيا، تن کي اسلام ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. اهڙي ريت نعت گوئي ۾ به سنڌي شاعرن کي هڪ خاص مقام حاصل آهي. نعت لفظ جي لغوي معنيٰ آهي، سهڻي وصف پر هينئر هي لفظ هڪ اصطلاح بڻجي ويو آهي، ان جي معنيٰ آهي نبي ڪريم صه جي صفت ۽ ساراهه بيان ڪرڻ ، نعت ۾ ٻه شيون شامل آهن. مدح ۽ اظهار محبت ، نبي سڳوري صه جي مدح بيان ڪرڻ ۽ ساڻن محبت ڪرڻ هر مومن جي ايمان نشاني آهي، اهوئي سبب آهي جو شاعرن نعت ۾ پاڻ سڳورن صه جي ظاهري حسن ۽ جمال جون جي مثال خوبيون بيان ڪيون آهن. ان سان گڏ سندن سيرت مباڪ ۽ سهڻا اخلاق ماڻهو بيان ڪيا آهن. مدح ۽ مجبت جا هي سبب ٿي سگهن ٿا. جمال، ڪمال ۽ نوال يعني سخا، ڪنهن جي تعريف ان ڪري ڪئي ويندي آهي ته هو حسين آهي يا صاحب ڪمال آهي يا وڏون سخي آهي، اها هڪ حقيقت آهي ته ٻنهي جهانن جي سردار محمد مصطفيٰ صه ۾ اهي سموريون خوبيون موجود آهن.
سنڌي زبان جي شاعرن نه صرف سنڌي بلڪ سرائيڪي ، اردو ۽ فارسيءَ ۾ به نعتون چيون آهن. سنڌي زبان ۾ نعتيه شاعريءَ جو ايڏو وڏو زخيرو موجود آهي، جو ان جو احاطو ڪرڻ ته پري جي ڳالهه پر ان جي سرسري جائزو پيش ڪرڻ به وس کان ٻاهر آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌي زبان ۾ مختلف صنفن ۾ نعتون چيون ويون آهن،جن ۾ بيت، وائي، ڪافي، الف اشباع وارا ڊگهابيت، ٽيهه اکريون، مداحون، مناجاتون، ۽ مولود اچي وڃن ٿا. عروضي شاعري ۾ قصيدو ، غزل ، نظم، مثنوي، رباعي وغيره وارين صنفن ۾ شاعرن نعتون چيون آهن.
مشهور صوفي بزرگ لطف الله قادري ٻنجي جهانن جي سردار جي حسن جي تعريف ڪندي فرمايو آهي ته ،
حسن حبيبن جو پسين جي هيڪار
توکي سڀ ڄمار، وڃي اڃ ورهين جي
حُسن حبيبن جو پسين جي پيهي
ته توکي سڀيئي، ٻيون وڃن وسري
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمايو
وحدهَ لاشريڪ لهَ، جان ٿو چئين ايئن
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتون منجهان نينهن
تان تون وڃيو ڪيئن ،نائين ڪنڌ ٻين کي
بيت کان علاوه وائي يا ڪافي سنڌ ۾ مشهور ۽ مقبول آهي، ڪافيون جي عنوان سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٽن جلدن ۾ ڪافي جي شاعرن جي ڪلام جو انتخاب ترتيب ڏنو، اهي ٿيئي جلد سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿي چڪا آهن، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي بيت ۽ ڪافي ٻنهي صنفن ۾ نعت چئي آهي. هتي سندس هڪ ڪافي جا ٽي شعر پيش ڪجن ٿا:
منهنجي سيد سار لهندو
مون کي آسرو آهه الله ۾
سجدي پئي سُپرين.
زاريون زور ڪندو….
ميڙو ٿيندو مومنين،
اُت محمد ميرملندو….
شاهه صاحب جي دور ۾ عبدالرُف ڀٽي مولود جو وڏو شاعر هو.سندس هڪ مولود مان نموني طور ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا.
مُنارا مير مُرسل جا، ڏسان شل ڏيهه سڀ ڏوري
هلان جدي منجهان مڪي، ڪريان طواف ڪعبي جو
پيان پاڻي سندو زم زم، ڇڏيان احرام ات ڇوڙي
ان دور ۾ ٻين به گهڻن ئي شاعرن مولود چيا، ڀٽائي کان پوءِ حضرت سچل سرمست سنڌ جو وڏو شاعر ۽ صوفي بزرگ هو، سندس هڪ مولود مان ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا.
اي صبا ڏي تون وڃي، نياپا سندم سردار کي
سڀ سنيهاهي چئج، مُرسل مٺي منٺار کي
مِهر ڪا مون تي ٿئي، ڏيو گوش هن گفتار کي
بخشيو دارون درد جو، هن برهه جي بيمار کي
سنڌ ۾ صوفي سونهارن جي تبليغ سبب مذهبي رواداري هئي. ڀائيچارو هو، ڪيترائي هندو سنڌ جي مسلمان صوفي بزرگن جا مريد هئا ۽ اڄ به آهن. سنڌ جي نعتيه شاعري تي نگاهه وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته نه صرف مسلمان شاعرن نعتون لکيون پر ڪن هندو شاعرن به ٻنهي جهانن جي سردار جي صفت ۽ ساراهه ڪئي آهي. انهن ۾ صوفي آسورام، ڀڳوان داس ۽ ڀرسرام مَيا مشهور آهن. ڀڳوان داس جي هڪ نعت جا ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا ۽ جن ۾ هن عربي ۽ فارسي جا لفظ سهڻي نموني آندا آهن:
يارسولِ خدا سلام عليڪه_شافن ربُاالعليٰ سلام عليڪه
مظهر ڪبريا سلام عليڪه_مرحبا مرحبا سلام عليڪه
انت بَدرالدُجا سلام عليڪه_ اَنت شمس الصفحيٰ سلام عليڪه
خاتم المُرسلين_سيد الاصفيا_ شافعِ دوسرا سلام عليڪه
سيدي، هاشمي، سرور انبيا_هادي و مقتدا اسلام عليڪه
نازِ رحمانعتون، فخرِ ڀڳوان تون_ مجتبيٰ مصطفيٰ سلام عليڪه
مولود جي صنف ۾ سڀ کان گهڻا مجموعا غلام نبي مهيسر جا شايع ٿي چڪا آهن، سندس مولود سڄي سنڌ ۾ مشهور ۽ مقبول آهن، سيد اظهر گيلاني جا ٽي نعتيه ديوان موجود آهن. قبله سائين مخدوم طالب الموليٰ تمام سهڻو نعتيه ڪلام چيو آهي، قبله سائين مخدوم جميل الزمان ۽ عابد لغاري جا نعتيه شاعريءَ جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. موجوده دور ۾ سيد گل محمد شاهه بخاري تمام گهڻو نعتيه ڪلام چيو آهي، سندن ٽيهه مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. کين سيرت ايوارڊ به ملي چڪا آهن. پاڪستان ۾ سيرت پاڪ تي سڀ کان وڏي لائبريري سيد گل محمد شاهه جي آهي. سنڌ ۾ ٻيا به سوين شاعر آهن، جن شاندار نعتون چيون آهن جهڙوڪ: مولوي احمد ملاح، حافظ احسن چنه، فقير علي محمد قادري، حافظ خير محمد اوحدي، مير علي نواز علوي، فقير هدايت علي نجفي تارڪ ۽ ٻيا گهڻا ئي شاعر اچي وڃن ٿا. ڊيگهه جي ڊپ کان مضمون مختصر ڪيو ويو آهي نه ته هن موضوع تي ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *