تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سنڌي ادب ۾ ناول جي ارتقا …غلام مصطفىٰ بالادي

دنيا جي قديم ۽ تاريخي ٻولين مان سنڌي ٻولي به هڪ آهي. سنڌي ادب جي باقاعده شروعات بابت ڪيترائي اختلاف ملن ٿا. سنڌي ادب جو بنيادي دور سومرن جو دور سڏيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته سومرن کان اڳ سنڌ تي تقريبن ساڍا ٽي سوسالن تائين عربن جو دور رائج رهيو جنهن ۾ سنڌ جي مقامي ٻولي سنڌي تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو، سومرن جي دور کان پهرين تاريخ ۾ سنڌي ادب جو ڪوبه واضح ۽ پڪو ثبوت نٿو ملي. اڄ جي دور ۾ ادب جو سڀ کان وڏو سرچشمو ناول آهي جيڪو انگريزي ٻولي جو لفظ آهي. جنهن جي معني آهي ڪا “نئين شيءَ”.ناول انساني جذبات جو ترجمان هجڻ سان گڏوگڏ قومي زندگي ۽ حالتن جو هڪ عڪاس آهي .انگريزي ۽ روسي ادب ۾ ناول کي تمام گهڻي اهميت مليل آهي. ڇاڪاڻ ته مشھور ناولن انقلاب لاءِ رستو ٺاهيو ۽ پڙهندڙن جي زندگي کي متاثر ڪيو آهي. ناول دنياوي ادب سان گڏوگڏ سنڌ جي جديد ادب ۾ هڪ خاص اهميت رکي ٿو. سنڌي ادب ۾ ناول جي شروعات ترجمن سان ٿي. سنڌي ناول جو اوائلي دور (1870 کان 1923) جنهن کي ترجمي جو دور سڏجي ٿو. هن دور ۾ ڪيترائي انگريزي ناول سنڌي ۾ ترجما ٿيا، انهن مان مشهور ناول “Talisman” جنهن جو ترجمو ساڌو هيرانند 1891 ۾ طلسم جي نالي سان ڪيو. اصلوڪا سنڌي ناول لکڻ جو شرف سنڌ جي جڳ مشهور اديب مرزا قليچ بيگ کي حاصل ٿيو. مرزا قليچ بيگ پهريون سنڌي ناول “دالارام” نالي سان لکيو جيڪو 1888 ۾ ڇپيو.
مرزا قليچ بيگ کان پوءِ لعل چند امر ڏني، ڪاڪي ڀيرومل ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي پڻ ناول لکيا جيڪي تمام گهڻا مشهور ٿيا. هن دور ۾ ٻين ڪيترن ئي ليکڪن مختلف قسمن جا ناول لکيا، جنهن ۾ سماجي ناول، اخلاقي ناول ۽ ڪجهه جاسوسي ناول مشھور رهيا. سنڌي ناول جو ٻيو دور(1923 کان 1947) جنهن ۾ اڪثريت سياسي ۽ تاريخي ناولن جي آھي. هن دور ۾ ناول ڪافي ترقي ڪري رهيو هو ۽ ڪاميابي سان پنهنجو ارتقائي منزلون طئي ئي ڪري رهيو هو ته ورهاڱو ٿي ويو جنهن جو سنڌي ادب کي وڏو نقصان رسيو ۽ ناول سنڌي ادب جي ٻين صنفن وانگر پوئتي پئجڻ لڳو.
ورهاڱي کان پوءِ واري دور ۾ سنڌي افسانن جي ڀيٽ ۾ سنڌي ناول تمام گهٽ ترقي ڪئي پر ڪجھه ڪهاڻيڪارن ناول لکي ڪجهه تجربا ڪيا. ورھاڱي کانپوءِ واري دور ۾ ڪافي حد تائين ترجما پڻ ڪيا ويا جن مان عاشي، روح جي ڳولا ۽ تصوير جو خون تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. 1990 کانپوءِ واري دور ۾ سنڌي ادب ۾ ناولن هڪ چنڱي خاصي ترقي ماڻي ۽ هن دور ۾ ڪيترائي نوان ناول نگار پڻ منظر عام تي آيا. هن دور جي مشهور ناول نگارن ۾ امر جليل، آغا سليم، غلام نبي مغل، سراج ميمڻ، ڊاڪٽر نجم عباسي، ماهتاب محبوب ۽ ڪزبانو سنڌي سرفهرست رهيا. هن دور ۾ مختلف موضوعن تي ناول لکيا ويا. جن ۾ قومپرستي سرفهرست رهي ۽ ٻئي نمبر تي رومانيت ڪيترن ئي ناولن جو موضوع پڻ رهي، اڪثر ناولن ۾ احساس محرومي ۽ مظلوميت جو احساس به ملي ٿو. اڄ جي اڪثريتي نوجوان نسل ۾ ناول کي تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. اڄ جي دور ۾ اسانجي اديبن کي ناول نگاري تي تمام گهڻي ڌيان سان ڪم ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اڳيان هلي ناول ادبي دنيا تي حڪمراني ڪرڻ وارو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *